وڪيپيڊيا هڪ اهڙو ڄاڻ چيڪلو آهي جنهن ۾ اسان سڀ ملي جُلي ڪري لِکندا آهيون ۽ ملي جُلي ڪري ان کي سنواريندا آهيون۔ هي سبق يا ٽيوٽوريل توهان کي اهو ٻڌائيندو ته وڪيپيڊيا ۾ ڪيئن لِکيو ويندو آهي۔ هن ٽيوٽوريل جي اڳين صفحن ۾ توهان ڏسندا ته هِن وڪيپيڊيا جا بنيادي خدوخال ۽ جُزا ڪهڙا آهن ۽ هيءَ وڪيپيڊيا ڪيئن ڪم ڪري ٿي۔ هي ٽيوٽوريل هڪ تمام هلڪو ڦلڪو تعارت آهي جيڪو توهانکي ابتدائي مدد فراهم ڪندو۔ جيڪڏهن توهان وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته هِن ئي ٽيوٽوريل ۾ توهانکي تفصيلي صفحن جا رابطا پڻ ميسر ٿي ويندا۔
ابتدا ڪريو! | اوڙو پاڙو | تحرير ڪريو | شڪل صورت | شڪل صورت | ڳنڍڻو سازي | ڳالهه ٻولهه | داخلا رڪنيت | وڌيڪ معلومات |
هي ٽيوٽوريل توهانکي پنهنجي لِکِڻي تحرير کي خوبصورت بڻائڻ، ان ۾ سُرخيون خبرون لڳائڻ،تصويرون لڳائڻ ۽ پنهنجي صفحن کي ٻين صفحن سان مِلائڻ جو طريقو پڻ ٻڌائيندو۔
هي توهانکي اهڙن صفحن جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪندو جتي توهان پنهنجو هٿ صاف ڪرڻ جي خاطر جهڙي طرح چاهيو مشق ڪري سگهو ٿا۔اهڙي ريت هن ٽيوٽوريل سبق ۾ اهڙن صفحن جي باري ۾ معلومات ملي ويندي جتان توهان پنهنجي مضمونن کي لِکڻ جي سلسلي ۾ مدد حاصل ڪري سگهو ٿا۔
اچو سڀ کان پهرئين ته اهو ڏِسون ٿا ته وڪيپيڊيا جو جيڪو صفحو انٽرنيٽ ڳنڍيل ڄار تي کُلي توهانجي سامهون ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر) تي اچي ٿو اُن ۾ ڪٿي ڇا آهي؟
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article وڪيپيڊيا:سبق, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.