جامعه الازھر

جامعه الازھر يا الازھر يونيورسٽي (انگريزي: Al Azher University ) عربي ۾ نالو: جامعة الأزهر (الشريف) مصر جي شھر قاھرہ ۾ الازھر مسجد سان گڏ واقع ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ اسلامي دنيا جي سڀ کان قديم يونيورسٽي آھي.

اعليَ تعليم سان گڏوگڏ ھن يونيورسٽي جو پنھنجي اسڪولن جو ھڪ وڏو نيٽورڪ آھي جن ۾ ويھ لکن جي لڳ ڀڳ شاگرد تعليم پرائين ٿا. 1996 تائين چار ھزار کان مٿي تعليمي ادارا ھن يونيورسٽي سان جڙيل ھيا. ھي يونيورسٽي 970ع يا 972ع, ۾ شيعن جي فاطمي خلافت ۾ قائم ٿي ۽ اسلامي تعليم جو مرڪز تي وئي جتي شاگردن کي قرآن، گرامر، منطق، فصاحت بلاغت، چنڊ جي تاريخن جي ڳڻپ جي طريقي ۽ فقه جي تعليم ڏني ويندي هئي. فاطمين شيعه ھوندي بہ ھر مڪتبه فڪر جي تعليم جي اجازت ڏني ھئي. اڄوڪي دؤر ۾ اھا يونيورسٽي دنيا ۾ عربي ادب ۽ اسلامي تعليم جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي 1961 ۾ ان جي نصاب ۾ غيرمذھبي موضوعن کي بہ نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. 1960 واري ڏھاڪي ۾ مصر جي صدر جمال عبدالناصر جي قومپرست حڪومت ھن اداري ۾ سڌارا آڻي ان ۾ جديد تعليمي نصاب شروع ڪرايو ، ۽ ان ۾ طب ۽ انجنيئرنگ جي تعليم جي پڻ شروعات ڪئي وئي.. ان سان يونيورسٽي ۾ وسعت اچي وئي ۽ آ جو مذھبي ڪردار گھٽجي ويو.

جامعه الازھر
جامعه الازھر
مصرجي شھر قاھرہ ۾ الازھر مسجد
قسم پبلڪ
سرگرم 970/972 – فاطمين ان جو بنياد وڌو
1961 ۾ کيس يونيورسٽي جو درجو مليو
مذهبي لاڳاپو
اسماعيلي اسلام
وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد حسين
پتو قاھرہ، مصر
30°02′45″N 31°15′45″E / 30.04583°N 31.26250°E / 30.04583; 31.26250 31°15′45″E / 30.04583°N 31.26250°E / 30.04583; 31.26250
ڪيمپس شھري
ويب سائيٽ azhar.edu.eg
azhar.eg
جامعه الازھر

الازھر مدرسي جي تاريخ

جامعه الازھر 
مسجد ۽ يونيورسٽي جي داخل ٿيڻ وارو دروازو

ھن مدرسي جو بنياد فاطمي خلافت ۾ پيو. فاطمي جو مطلب حضرت فاطمه رضه جي اولاد مان آھي. فاطمين ان مدرسي جو نالو الازھر بہ بيبي فاطمه رضه جي لقب زھرہ (روشن) جي نالي سان رکيو. فاطمي ڪمانڊر جوھر الصقلي ان جو بنياد خليفي المعزالدين الله جي حڪم تي مسجد جي حيثيت ۾ وڌو. مسجد جي تعمير مڪمل ٿيڻ بعد خليفين جي عالمن ۽ فقه جي ماھرن جي مسجد ۾ اچي تعليمي سرگرميون ڪرڻ کي ھمٿايو اھڙي طرح مسجد ۾ مدرسو قائم ٿي ويو جيڪو اسلامي دنيا جو سڀ کان پراڻو تعليمي ادارو سمجھيو وڃي ٿو. فاطمي خليفن فلسفي جي علم جي فروغ تي گھڻو زور ڏنو اھڙي طرح يوناني فلسفي جي آجيان ڪئي وئي. فاطمين ٻاھران عالمن کي گهرائي مختلف موضوعن تي معاوضو ڏئي بھترين ڪتاب لکرائي علم کي فروغ ڏياريو. بعد ۾ صلاح الدين ايوبي انھن ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو. فاطمي خلافت بعد مصر تي ايوبي شاھي گھراڻي حڪمراني ڪئي جنھن دؤر ۾ ھن اداري جي اھميت گھٽجي وئي. تيرھين صدي عيسويءَ ۾ مملوڪن جي حڪمراني ۾ ٻيھر ان جي اھميت وڌي پر عثماني خلافت جي دؤر ۾ ھي ادارو عروج تي پھتو ۽ مصر جو سڀ کان وڏو تعليمي ادارو بڻجي ويو.1908 ۾ جديد تعليم لاء قاھرہ يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ کان اڳ جامعه الازھر اعليَ تعليم لاء مصر م واحد ادارو ھيو.1812 کان اول ھن ادارو مذھبي چندي يا وقف تي ھلندو ھيو پر ان سال کان ان جا مالياتي معاملا رياست جي سنڀال ۾ آيا.

حوالا

Tags:

انگريزيفاطمي خلافت

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

شهيد فاضل راهوسنڌي وڪيپيڊياريلوي آمدورفتاسڪولامام بخش خادمجاپانبجڪوزمبابويارتقاگنيانساني جسمالعوذليپاليپارليامينٽڀٽوگوبرفاني دورقمبر شهدادڪوٽ ضلعوڪارونجھر جبل جو سلسلوافغانستانچٻروپاڻياٺشمن علي ميراليسر معذورينائيجيريانستعليق خطڀيرو مل مهرچند آڏواڻياڇو جبلارطغرل غازي (سيزن)مخدوم ابوالحسن ٺٽوي2006عگنگاآئس لينڊنمازتصنيفعورتن جو عالمي ڏينهنسھڻي ڍوروساختياتجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)اريٽيرياماءُ جو ڏھاڙوآمريڪا کنڊمُک صفحوبيڪٽريائي جھنگلي اٺجيتتاجڪستانجابر بن اسعث طائيڪم/ طبعي مقداريُورَپ967ععمر مارويصرفياتعوامي جمهوريا ڪانگوايڊنبراارشميدسڪوموروسانفرا ريڊگني بسائواسپيڪٽرمیوگینڊافيس بڪروانڊاهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊمفارين ايڪسچينج مارڪيٽبنگالي ٻولي28 جنوري🡆 More