چٻرو

چِٻرو (انگريزي: True Owl ) جنھن کي عربي ۾ قطاط ، فارسي ۾ سنگ اشڪنگ ، ھندي ۾ سوانا، طبطات، دباسي ۽ باقيرھہ چوندا آهن.

چِٻرو ھڪ پکي آھي. هن جو مٿو ويٺل ۽ اکيون وڏيون، ڪن نوڪدار ۽ وڏيرا ٿيندا آهن. پري کان ڏسڻ ۾ ٻِلو پيو معلوم ٿيندو. ٻيا پکي جي کيس ڏسن تہ ڏاڍو ڦانڦوڙيندا آهن، تنهنڪري ڏينهن جو ٻاهر نہ نڪرندو آهي ۽ گوشائتن هنڌن تي وڻن ۾ لِڪيل رهندو آهي. هي ڪم همت آهي. ڪو ماڻهو بہ جيڪڏهن ڪم همت ۽ ماڻهن کان پري اڪيلائي پسند هوندو تہ ٿري چوندا آهن، ”ادا فلاڻو ته چِٻري جهڙو آهي“. هيءُ رات جو ٻاهر نڪري پنهنجو گذران ڪندو آهي. هن کي ٿري نِڀاڳو پکي سمجهندا آهن. رات جو پاڙي ۾ اچي ٻوليو تہ بدسوڻ سمجهن. ڪٿي ٻاهر مسافريءَ تي اُسهڻ وقت بہ رات جو ساڄي پاسي هن جو ٻولڻ بلڪل بدسوڻ سمجهندا آهن.

چٻرو
چٻرو
Territorial call, male, SVK/SK
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Bubo
جنس: Template:Taxonomy/Bubo{. bubo
حياتياتي نالو
Bubo bubo
(Linnaeus, 1758)
Subspecies

See text.

چٻرو
Range of Eurasian eagle-owl

جِسامت

هن جي جِسامت 21 سينٽي ميٽر يعني 8.3 انچ آهي. هن جو رنگ سُرمائي ناسي ۽ کَنڀن تي اَڇا ٽُٻڪا ۽ پيٽ جا کَنڀ ڌاريدار لڳندا اَٿس. اکيون گول ۽ هيڊيون اَٿس. نر ۽ مادي ٻئي هڪ جھڙا ٿيندا آهن.

رهائش

هي عام طور تي ڳوٺن، باغن ۽ ويرانن ۾ وڻن جي پورن ۾ نظر ايندو آهي.

نسل جي واڌ ويجھ

هي نومبر کان اپريل تائين آنا ڏيندا آهن. 3 کان چار آنا جن جي جسامت 26 کان 30 ملي ميٽر ۽ وزن 11 گرام هوندو آهي. مادي هڪ نر سان پوري عمر نہ گذاريندي آهي ۽ نر مَٽائيندي رهندي آهي. مادي 31 کان 32 ڏينهن آرو ڪندي آهي ڇو تہ آنن لاهڻ ۾ 8 ڏينهن جو فرق ٿي سگھي ٿو. 1 مهيني کانپوءِ ٻَچو آکيرو ڇڏي هليو ويندو آهي.

کاڌ خوراڪ

هي گوشت خور آهي. هي نوريئڙا، ڪوئا، جيت، ڏيڏر ۽ ننڍا پکي پڻ کائيندو آھي.

چٻري جا قسم

نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 چٽڪمرو چٻرو اسپاٽيڊ آئوليٽ ايٿني براما
2 يوريشيائي باز جھڙو ڇٻڙو يوريشين ايگل آئول بوبو بوبو
3 يورويشائي ننڍو گُگھ / چٻرو يوريشين اسڪاپس آئول آٽس اسڪاپس


چٻرو
چٻرو 
چٻرو
چٻرو 
چٻرو
چٻرو 
خطري کان دور  (IUCN 3.1)
سائنسي درجا بندي چٻرو 
Unrecognized taxon (fix): Athene
جنس: Template:Taxonomy/Athene{. brama
حياتياتي نالو
Athene brama
(Temminck, 1821)
چٻرو 

طِب

ھن پکي جو گوشت گرم خشڪ آھي ۽ دير هضم آھي. هن جو گوشت معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، سدن کي تحليل ڪري ٿو. جلندر، فالـج، وائي بادي وڃائڻ، قوت باھہ وڌائڻ لاءِ مُفيد آهي. هن جو گرم رت اک ۾ وجهجي ته ڦُلي ۽ ڌُنڌ کي فائدو ڪري ٿو، هن جا هڏا ساڙي تِرن جي تيل ۾ ملائي وار چري ۽ گنج تي لائجي، تہ وار تڪڙو پيدا ٿيندا.،

European scops owl
چٻرو 
چٻرو 
خطري کان دور  (IUCN 3.1)
سائنسي درجا بندي چٻرو 
Unrecognized taxon (fix): Otus
جنس: Template:Taxonomy/Otus{. scops
حياتياتي نالو
Otus scops
(Linnaeus, 1758)
چٻرو 

     Summer      Resident      Winter

حوالا

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

Tags:

چٻرو جِسامتچٻرو رهائشچٻرو نسل جي واڌ ويجھچٻرو کاڌ خوراڪچٻرو چٻري جا قسمچٻرو طِبچٻرو حوالاچٻرو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

آفريڪا جا ملڪسنڌو درياھسارس ڪووي 2الھه آندو شاھ14 آگسٽافغانستان15 شوالھائيڪوسافٽ ويئر جوڙيندڙٽالهيحجناظم آباد ضلعو (مرڪزي ڪراچي)منڇر ڍنڍصديپاڻياٺمضمون (ادب)شاھ عبداللطيف ڀٽائيڀبيڪٽريائي جھنگلي اٺآرمينيائي ٻوليخانپور، سنڌاداره ادب نو حيدرآبادآتم ڪهاڻييوڪيريئوٽاآمري جو دڙوناولفاطمه زهرادلغزلعوامي کاتوسانيٽڳجھ1875عفلممحمد باقر25 جُولاءِاتر ڪورياڪمپيوٽرپاڪستان جو جهنڊو1999عٽيلي ڪميونيڪيشنموبائل فونراجا ڏاهرآخوند شيخ ميان فيضسائنسگڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو اداروروشني17 جنوريفلسطينتاروالعوذلييونانپروليايرانعمر خيامموريتانياوچولي بينڪڪشنچندگيتآفريڪاھنورپاڪستان جو وزيراعظمڏيرويب صفحوڀڳوت گيتاسر ڪلياڻ967ع2003عٽرانس نسٽريااسماعيل عليہ السلام🡆 More