بصر: سبزيءَ جو ھڪ قسم

بصر (Onion) هڪ ٻوٽو آهي، جنهن جو زمين ۾ هيٺ وارو حصو عام طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي يورپ ۾ بصرن جا گهڻا ئي قسم ٿيندا آهن.

هندستان ۾ به ٻه چار قسم آهن، جي تمام وڏا ۽ چڱا ٿيندا آهن. پاٽنا ۽ بمبئيءَ جا بصر مشهور آهن. بصر جو ٻج هڪ ورهيه تائين سالم رهي سگهي ٿو، پوءِ خراب ٿيو وڃي، تنهنڪري عجب ڪونهي، جو ولايت مان آيل جهونو ٻج اڪثر نه ڦٽندو آهي. انهيءَ لاءِ چڱيء ٻج هٿ ڪرڻ جو رستو اهو آهي ته سياري جي شروع ۾ بازار مان چونڊ بصر وٺي، باغ ۾ فوٽ فوٽ تفاوت تي پوکي ڇڏجن. اهي آرڙهه جي شروعات ۾ تمام ججهو ٻج پيدا ڪندا، جو ٻاٽلين ۾ بند ڪري مضبوط ٻوچ ڏيئي ايندڙ سياري جي موسم ۾ پوکڻ لاءِ رکي ڇڏجي.

بصر: فائدا, تاريخ ۾ بصر جو استعمال, دوائون ۽ صحتي اثر
بصر

بصرن جي پوکڻ جو وقت سيپٽمبر آڪٽوبر مهينو آهي. ٻج ڇٽ به ڪندا آهن، پر اڪثر ناڙيءَ وانگي ٻيجارو پوکيندا آهن جنهن کي بصري چوندا آهن. چريون هڪٻئي کان ڏهه انچ پري هجن. زمين هلڪي هجي ۽ منجهس پراڻو ڀاڻ وجهي، سنئون ڪري ڀڄائي پوءِ ٻج پوکجي. پوءِ ٻيجارو ڪڍي ڇڊو ڪري ڇهن ڇهن انچن تي سلو سلو هڻجي. ٻاهر جو آيل ٻج بهتر آهي ته ڪونڊين ۾ پوکجي، پوءِ جڏهن سلا ٽي چار انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪڍي کليءَ زمين ۾ رکجن. بصرن کي ذري ذري پاڻي ڏيڻ مان فائدو آهي. گرم موسم جي اوائل ۾ جڏهن ڳنڍيون وڏيون ٻجهن، تڏهن مٿيان پن موڙي ڀڃي ڇڏجن ته جلد سڙي وڃن. پوءِ بصر ڪڍي ٻه ٽي ڏينهن اس ۾ رکجن ته سڪن، پوءِ گڏ ڪري رکجن.

بصرن جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي ڇيڻي يا ڪاٺيءَ جي رک ۽ هڏن جو چورو؛ جي ملي سگهي. ٻيجاري ڪڍڻ مهل سنڀال ڪجي ته سلن جون پاڙون نه ڀڄي يا ڇڄي پون. پاڻي ڏيڻ کانپوءِ زمين سڪي ٺوٺ ٿئي ته رنبيءَ سان ڀڃي هٿ سان ڀوري ڇڏجي.

بصر اڇي، ڳاڙهي، ڀوري ۽ پيلي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ جدا جدا قد جا ٿيندا آهن.

بصرن کي ماڻهو ڪچو به کائيندا آهن، جيتوڻيڪ انهيءَ ڪري وات ۾ خراب پاس ٿئي ٿي. بعضي ڀاڄيءَ وانگي ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. بعضي خلاصو سندن ڀرتو يا ساڳ ڪندا آهن. بعضي سرڪي يا لوڻ سان ڪم آڻيندا آهن. سندن آچار به سڏيندا آهن.

شالَٽ ۽ لِيڪ مشهور انگريزي بصرن جا نمونا آهن. عام بصر کي انگريزيءَ ۾ اونين چوندا آهن.

فائدا

بصر هڪ قسم جي سبزي آهي، جنهن ۾ وٽامن سي جو وڏي مقدار موجود آهي. جيڪا غذائيت جو مدافعتي صحت، ڪوليجين جي اُپت، ٽشوز جي مرمت ۽ لوهه (آئرن) کي جذب ڪرڻ شامل آهي. ان جي ڪري هن کي غذا جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي. اڄڪلھ هن جي پوک عام آهي. هن کي تازو، آچار، ٻوري وغيره جي شڪل ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن جو جو ذائقو تيز، مصالحيدار، مٺو، ۽ تکو هوندو آهي. هن کي سرڪو ملائي استعمال ڪرڻ عام آهي.

تاريخ ۾ بصر جو استعمال

بصر ۽ ان طرح جو سبزيون هزارن  سالن کان انسان استعمال ڪندو اچي ٿو. ٽامي جي دور ۾ به هن جو استعمال ٿيو آهي جيڪو تقريباً 5000ق۔م۔  جي تاریخ جي گواهي ڏي ٿو.

دوائون ۽ صحتي اثر

هن جو استعمال، بخار، ذيابطيس، قلبي مرضن فائديمند ثابت ٿيو آهي. بصر جو شمار، دنيا جي 45 صحتمند غذائن ۾ ڪيو ويندو آهي.

نئون بصر

اسان جڏهن بصر (Onion) ڇليندا آهيون يا ڪٽيندا آهيون ته اهو اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ جو سبب بڻجندو آهي. پر هاڻي جاپاني ماهرن اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيندڙ بصر پوکي ورتو آهي. جاپاني سائنسدانن ان نئين بصر کي خوشي جو بال (سمائل بال) جو نالو ڏنو آهي ۽ ان جي تياري ۾ 20 سالن جي اڻٿڪ محنت لڳي آهي. ماهرن مطابق بصر ۾ هڪ اينزائم اکين ۾ ساڙو ۽ ڳوڙها آڻيندو آهي، تنهن ڪري ماهرن ان اينزائم کي ئي گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. جاپاني سائنسدانن مطابق اها ٽيڪنالاجي واپاري يا ڪمرشيل استعمال لاءِ بالڪل تيار آهي. شروعات ۾ آزمائشي طور پنج ٽن بصر مختلف دڪانن تي وڪرو ڪيا ويا ۽ ماڻهن ان جي گهڻي واکاڻ ڪئي.

تصويرون

حوالا

Tags:

بصر فائدابصر تاريخ ۾ جو استعمالبصر دوائون ۽ صحتي اثربصر نئون بصر تصويرونبصر حوالابصرممبئييُورَپپٽناڀارت

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ماسڪوڪئناڊاسومرمسلم اسپينتجنيس حرفيمدحلاکو ڦلاڻيميرپور خاصقاسم سليمانيرني ڪوٽبوسنيا ۽ ھرزگوينياضمير خالصبالشيوزمحيدرآباد رياستزپوريزيامائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽسڀڳوت گيتاڏوڪري تعلقوابوبڪر صديقلاڙڪاڻو ڊويزنپکيجيڪب آبادشامانگريزي ٻوليراجا ڏاهرچندرسرديفڪمبوڊياMain Pageپاڪستان جو ٺھراءُ572عآبھواساقي سجاوليابو الفضل بيھقيڪل ديسي پيداوارامر جليل1998ع1901عآصف علي زرداري1568عڏاکڻي آئرلينڊ (1921–1922)هٿڊفرنس فيمينزمبخاريسٽعبدالستار ايڌيڪٽنبچچ بن سيلائجسارس ڪووي 2کيرٿر جبلوڪيميڊيا فائونڊيشنتهرانلقبآرڪٽڪ سمنڊفرانساو سي ايل سيمسالوٽنڊو الهيار ضلعوسوويت يونينسنڌ جا ضلعامرتضيٰ ڀٽو🡆 More