ساھ جي بيماري دم

دم يا اڀساھي يا سھڪو (انگريزي ۾ ايسٿما (asthma) پر لکبو آهي، ھڪ ڊگھي مدت واري ڦڦڙن جي بيماري آهي جيڪا ڦڦڙن ۾ ساھ جي لنگھن ۾ سوزش پيدا ڪندي آهي ۽ انھن کي سوڙھو ڪري ڇڏيندي آهي.

ان سان بار بار ساھ ۾ سيٽي وڄندي آهي، ڇاتيءَ ۾ تنگي، ساھ ۾ سھڪو ۽ کنگھ ٿيندي آهي. کنگھ اڪثر رات جو يا صبح جو سوير ٿيندي آهي. دم جي بيماري ھر عمر ۾ ٿي سگھي ٿي پر اڪثر اھا ننڍپڻ ۾ شروع ٿيندي آھي.آمريڪا ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو دم ۾ مبتلا آھن جن ۾ اسي لک ٻار به شامل آهن. دم جي بيماري علاج سان ختم نہ ٿي سگھندي آهي پر علاج سان ان جا ظاھر ٿيندڙ آثار sumptoms ختم ڪري سگھجن ٿا جن ۾ کنگھ، ساھ جي تنگي ، سيني ۾ سور٬ ساھ ٻاھر ڪڍڻ وقت سيٽي جو وڄڻ وغيره شامل آهن.ائيزما جي ٿيڻ جا مختلف سبب ھوندا آھن ھڪ سبب سرد ۽ خشڪ موسم ۾ ڪثرت يا ورزش ھوندو آھي.ٻيو ڪنھن خاص پيشي جي ڪري جنھن ۾ دم پيدا ڪندڙ ڪيميائي مادا، گئس، دونھون يا مٽي لڳڻ ڪري ماڻھو متاثر ٿيندو آهي. ٽيون سبب الرجي ھوندو آھي.

ايزما_Asthma
Two white plastic tubes with movable dials on the front
Peak flow meters are used to measure the peak expiratory flow rate, important in both monitoring and diagnosing asthma.
مھارت Pulmonology
آثار بار بار ساھ ۾ سيٽي جو وڄڻ، کنگھ ، ڇاتيءَ جي مونجھ ۽ سھڪو ٿيڻ
مدو Long term
ڪارڻ جينياتي ۽ ماحولياتي
خطري جي گنجائش Air pollution, allergens
تشخيصي طريقو Based on symptoms, response to therapy, spirometry
علاج Avoiding triggers, inhaled corticosteroids, salbutamol
ورجاء 358 million (2015)
موت 397,100 (2015)
ساھ جي بيماري دم

دم جو علاج

دم جي علاج ۾ ھوا جي نالين کي ڪشادي ڪرڻ واريون دوائون شامل ھونديون آھن. آھي دوائون گورين جي صورت بہ ھونديون آھن پر سڌو سنئون انھن دوائن کي ڦڦڙن ۽ ھوا جي نالين تائين پھچائڻ لاءِ انھيلر ۽ نيوبلائيزر استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي وڌيڪ اثرائتا ھوندا آھن. ان کان علاوه بلغم مخرج بلغم يا بلغم ڪڍڻ واريون ۽ اينٽي الرجڪ دوائون به شامل ھونديون آھن. دم جو علاج ويڪسين ذريعي به ٿيندو آهي جنھن جو مدو ڇھ مھينا آھي پوء به ان جو نتيجو سؤ فيصد صحتيابي نه ھوندو آھي.ڪن صورتن ۾ دم جو علاج اسٽرائيڊز جي ذريعي بہ ٿيندو آهي پر ان جا منفي اثر وڌيڪ ٿيندا آهن .دم جو علاج يوگا ذريعي بہ ٿيندو آهي جو مفيد آهي. ان ذريعي مخصوص مشقون ڪرايون وينديون آهن. چين ۾ دم جو علاج آڪيوپنڪچر جي ذريعي بہ ٿيندو آهي. پال گارب جو چوڻ آهي تہ جيستائين دم جي سبب جي ڄاڻ نہ ٿي پئي تيستائين دم کي ڦھلجڻ کان به روڪي نہ ٿو سگهجي. دم جي سڃاڻپ کانپوءِ دم جي علامتن کي ظاھر ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو.. آمريڪا جي خوراڪ ۽ دوائن جي سرڪاري اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن جو منظور ڪيل نئون علاج جو طريقو برونڪائل ٿرموپلاسٽي (Bronchial Thermoplasty) سڏبو آهي جنھن ۾ تپش جي ذريعي مريض جي ھوا جي نالين کي وڏو ڪيو ويندو آهي پر ڊاڪٽر کتري جو چوڻ آهي تہ ان طريقي جي علاج سان ڦڦڙن ۾ سوزش ۽ دم جي شدت ۾ واڌارو بہ ٿي سگھي ٿو..

حوالا

Tags:

ڦڦڙ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1162عٽوبا ٽيڪ سنگھادبي لاڙوانب1846عسنڌ صوبائي اسيمبليوڪي سورسدلوچولي بينڪنوشهرو فيروز ضلعو1915عاُرڙيونواھضمير (گرامر)ٻڌمتخاصخيلينيو يارڪ سٽيڪشش ثقلشاهه جو رسالوعربي ٻوليتائيوانالبرٽ آئنسٽائن2 سيپٽمبرجنيوا701ع950عڳاهه1897ع1896ءامام بخاريايشيقڳُئي جڀانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجيبابيتآبادگارلعل شهباز قلندر1941عارههٿيلسويب سائيٽخدا آبادي لپيتھذيب27 آڪٽوبرقدرتي ماحولInternational Standard Book Numberڪولون (نشاني)سوارا ڀاسڪرپاڪستان ۾ ٻوڏ 2022عسمن سرڪار1986ع13 شوالسر سارنگبيهڪ جون نشانيونضمير موصولگيبونسنڌي ڪيلينڊر9 آڪٽوبرراسوحرف جرڊايانا ايليز ائگرونپوپٽ1949ع🡆 More