جمهوريا ارتسک: ڊي فيڪٽو، دنيا ۾ اڻ منظور ٿيل جمهوريا

ارتسخ، ارتسک(انگريزي: Republic of Artsakh) اڳوڻي ”جمهوريہ نگورنو ڪاراباخ“ جو نئون نالو آھي ۽ ان جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ارتسخ آھي جيڪا آذربائيجان جي جائز علائقي نگورنو ڪاراباخ ۾ آرمينيا جي مدد سان قائم ڪيل ھڪ اھڙي حڪومت آھي جنھن کي گڏيل قومون تسليم نہ ٿيون ڪن 2006 ۾ ريپپلڪ جي ائين ۾ نگورنو ڪاراباخ جنگ م وڌيڪَ آذربائيجاني علائقا قبضي م اچڻ بعد پراڻي نگورنو ڪاراباخ واري علائقي ۽ نون علائقن کي ملائي ھڪ نئين تڪراري ارتسخ ريپبلڪ ٺاھي وئي.

عالمي برادري ارتسک يا ارتسخ واري علائقي کي آذربائيجان جو جائز علائقو سمجھي ٿي جنھن تي ھڪ ناجائز رياست جوڙي وئي آهي. نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي جي اڪثريت ھجڻ ڪري روسي بادشاهت مان 1918ع ۾ آزاد ٿيڻ وقت ٻنھي آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۽ آرمينيا جي ريپبلڪ نگورنو ڪاراباخ جي دعويداري ڪئي ۽ 1920ع ۾ ٻنھي وچ ۾ ھڪ مختصر جنگ پڻ لڳي. جڏھن سوويت يونين جو ٻنھي ريپبلڪن تي قبضو ٿيو ۽ اھي ٻئي رياستون سوويت سوشلسٽ ريپبلڪن ۾ تبديل ٿي ويون تي سوويت يونين مسئلي کي ختم ڪرڻ لاء 1923ع ۾ آذربائيجان جي حدن ۾ نگورنو ڪاراباخ جي خودمختيار اوبلاسٽ (آذربائيجان جو ھڪ صوبو) قائم ڪئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ سان خطي ۾ اھو مسئلو ھڪ دفعو ٻيھر اٿي تڪرار بڻجي ويو.

ريپبلڪ آف ارتسخ

جمھوريه ارتسخ
Flag of ارتسخ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: آزاد ۽ خودمختيار ارتسخ
Location of ارتسخ
حیثیت گڏيل قومن کيس تسليم ناھي ڪيو ۽ ان کي آذربائيجان جو حصو سمجھن ٿا
گادي جو هنڌ اسٽپاناڪرت
(اڳوڻو نالو: خانڪندي)
39°52′N 46°43′E / 39.867°N 46.717°E / 39.867; 46.717 46°43′E / 39.867°N 46.717°E / 39.867; 46.717
دفتري ٻوليون آرمينيائيa
مقامي آبادي ارتسخي
حڪومت وحداني صدارتي ريپپلڪ
• صدر
آرائيڪ ھاروتيونيان
• نيشنل اسيمبلي جو صدر
آرٿر تووماسيان
مقننه نيشنل اسيمبلي
خودمختياري سوويت يونين کان
• خوداختياري
2 سيپٽمبر 1991
• ريفرينڊم ذريعي اعلان
10 ڊسمبر 1991
پکيڙ
• جملي
11٬458 km2 (4٬424 sq mi)[حوالو گهربل]
آبادي
• 2015 مردم شماري
150,932 (191st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$71.30 ڪروڙ ڊالر (n/a)
• في سيڪڙو
$4,803 (n/a)
جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست
ارتسخ جي نامنھاد ريپبلڪ جو نقشو (1994 - 2020)

1991ع ۾ نگورنو ڪاراباخ جي ان صوبي جي انتظاميه نگورنو ڪاراباخ ۽ ان سان منسلڪ علائقي شاھوميان جي آذربائيجان کان آزادي جو ريفرينڊم ڪرايو اھڙي طرح انھن گڏجي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن سان نگورنو ڪاراباخ واري جنگ ڇڙي وئي جيڪا 1994ع ۾ بغير ڪنھن نتيجي جي جنگ بندي سان ختم ٿي ۽ وري 2020ع ۾ اھا جنگ ٻيھر شروع ٿي وئي جنھن ۾ ترڪي پڻ سڌي طرح آذربائيجان جي اتحاي طور شامل ٿي آرمينيا تي فضائي حملو ڪري ان جي جنگي جھاز کي ڪيرايو. آرمينيا سڌي طرح ارتسک جي فوجي مدد ڪري رھيو آھي.

سياسي نظام

ارتسک جو نظام حڪومت صدارتي جمھوريت آھي. ان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي. ارتسخ مڪمل طرح آرمينيا تي دارومدار رکندڙ آھي ۽ درحقيقت اھو نالي ۾ الڳ ملڪ آھي پر درحقيقت آرمينيا جي قبضي هيٺ آھي.

جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست 
اسٽپاناڪرت شھر ۾ صدارتي محل
جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست 
اسٽپاناڪرت ۾ پارليامينٽ

3 نومبر 2006 ۾ ان وقت جي نگورنو ڪاراباخ ريپپلڪ جي صدر ارڪادي قوڪاسيان آئين جي تيار ڪيل مسودي جي منظوري لاء ريفرينڊم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ريفرينڊم ۾ عوامي شرڪت %87.2 رھي جن مان %98.2 سيڪڙو ووٽرن آئين جي منظوري ڏني ان ائين جي پھرين شق ۾ نگورنو ڪاراباخ ريپپلڪ جو نالو تبديل ڪري ارتسخ ريپبلڪ رکيو ويو ۽ ان کي ھڪ خودمختيار جمھوري رياست قرار ڏنو ويو جيڪا قانون ۽ انصاف تي بيٺل ھوندي ان ريفرينڊم کي يورپي يونين، او ايس سي اي، گئام ناجائز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. ترڪي پڻ ان رفرينڊم جي مخالفت ڪئي نگورنو ڪاراباخ جو آئيني رفرينڊم 2017 پڻ ٿيو جنھن تحت نئون آئين منظور ڪري ملڪ م صدارتي نظام نافذ ڪيو ويو ارتسخ جو نئون نالو رکڻ دراصل پراڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ کان سواء آذربائيجان جي ٻين ضلعن تي ڪيل قبضي تي حق جتائڻ ھيو

جاگرافي

ارتسخ يا نگورنو ڪاراباخ ھڪ جابلو علائقو آهي جنھن جي جبلن جي سامونڊي سطح کان سراسري اوچائي 1٬100 ميٽر (3٬600 ft) آھي.

جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست 
rightڪوھ مراوي ارتسخ جي سڀ کان اوچي چوٽي آھي

ارتسخ جي پکيڙ 11500 به چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان جون حدون آرمينيا، آذربائيجان۽ ايران سان ملن ٿيون. مائونٽ مراوي ھن علائقي جي سڀ کان وڏي چوٽي آھي جنھن جي اوچائي 3٬340 ميٽر (10٬958 ft) ۽ ڪوھ ڪيرس 2٬725 ميٽر (8٬940 ft) اوچو آهي. ارتسخ جو پاڻي جو وڏو ذخيرو سارسانگ ڊيم آھي. ان جي ندين ۾ ترتر ندي، کاچين ندي شامل آهن ھي علائقو زمين جي اھڙي پليٽ تي واقع آهي جيڪا اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر طرف لاھي رکندڙ آهي. ھن علائقي جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي1٬100 m (3٬600 ft) آھي اڪثر نديون ارتسخ جي وادي طرف وھندڙ آھي

ھتان جي آبهوا ٽيمپريٽ ۽ درمياني رھندڙ آھي. گرمي پد جي سراسري شرح 11 °C (52 °F) رھندي آھي جيڪا سال ۾ ھيٺ مٿي ٿيندي رھي ٿي. جولاء ۾ 22 °C (72 °F) تائين ۽ جنوري ۾ −1 °C (30 °F) تائين پھچي ٿي. ھوا ۾ نمي جي شرح 710 mm (28 in) تائين پھچندي آھي. ڪجهه علائقن ۾ 100 ڏينهن تائين ڌنڌ رھندو آھي ارتسخ جي خطي ۾ 2000 قسمن جا ٻوٽا ٿين ٿا ۽ علائقي جو 36 سيڪڙو ٻيلن تي مشتمل آهي

انتظامي ورهاست

جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست 
ارتسخ جون ريجن:
1:  شاھوميان; 2: مارتاڪرت; 3: آسڪيران; 4: مارتوني; 5: ھادروت; 6: شوشي ; 7: ڪاشاتاغ
عمودي پٽاپٽي ڏيکاريل علائقا اصل نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ ۽ شاھوميان خطي کان ٻاھر وارا آھن. افقي پٽاپٽي ڏيکاريل علائقا آذربائيجان جي قبضي وارا آھن
جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست 
ارتسخ جا وڏا ۽ ننڍا شھر


ارتسخ ريپبلڪ جون اٺ ڊويزنون آهن. ارتسخ ۾ اڳوڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ جا پنج ضلعا ۽ ان سان لڳولڳ ست ٻيا اڳوڻا آذربائيجاني ضلعا شامل آهن جيڪي ھن وقت ارتسخ واري آرمينيائي فوج جي قبضي هيٺ آھن.

# ارتسخ جا صوبا آبادي (2005) آذربائيجاني ضلعا گادي اڳوڻي نگورنو
ڪاراباخ خوداختيار
اوبلاسٽ
1 شاھوميان صوبو 2,560 ڏکڻ گورانبوي ضلعو ، اولھ ڪالابازار ضلعو ڪالابازار شھر (اڳوڻو شاھوميان شھر) نہ
2 مارتاڪرت صوبو 18,963 اوڀر ڪالابازار ضلعو, اولھ ترتر ضلعو (آغدام ضلعي جو حصو) مارتاڪرت شھر جزوي
3 آسڪيران صوبو 16,979 خوجالي ضلعو
(آغدام ضلعي جو حصو)
آسڪيران شھر جزوي
4 مارتوني صوبو 23,157 اتريون خواجوند ضلعو
(آغدام ضلعي جو حصو)
مارتوني شھر جزوي
5 ھادروت صوبو 12,005 ڏکڻ خواجوند ضلعو, جبرائيل ضلعو
(فضولي ضلعي جو حصو)
ھادروت شھر جزوي
6 شوشي صوبو 4,324 شوشا ضلعو شوشا شھر ھا
7 ڪاشاتاغ صوبو 9,763 لاچين ضلعو, قبادلي ضلعو، زنگلان ضلعو بردزور شھر نہ
8 اسٽپاناڪرت صوبو (گادي) 49,986 خانڪندي ضلعو اسٽپاناڪرت ھا

آبادي

ھتان جي %97.7 سيڪڙو آبادي آرمينيائي آھي ۽ انھن جي مادري ٻولي پڻ آرمينيائي آھي. اتان جي آبادي جي اڪثريت عيسائي آھي جنھن جو مذھب آرمينيا جي حواري ڪليسا آھي. ھتي کوڙ تاريخي عيسائي خانقاھون واقع آھن جيڪي سياحت جو مرڪز آھن ۽ سياح آرمينيا جي پاسي کان ھتي گھمڻ ايندا آهن.

سفارتي تعلقات

جمهوريا ارتسک: سياسي نظام, جاگرافي, انتظامي ورهاست 
اسٽپاناڪرت يا خانڪندي ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس

ارتسخ جي پرڏيهي وزارت جي آفيس اسٽپاناڪرت (خانڪندي) شھر ۾ آھي. اڃان تائين گڏيل قومن جي ھڪ به رڪن يا مبصر کيس تسليم ناھي ڪيو. ان پرڏيهي کاتي جا ڪنھن بہ ملڪ سان تعلق سفارتي سطح جا نہ آھن. ان باوجود ارتسخ جي ريپبلڪ پنج مستقل مشن آرمينيا، آسٽريليا، روس، جرمني ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ ڪم ڪن پيا ۽ ھي ريپپلڪ فرانس ۾ سوشل ۽ پوليٽيڪل انفرميشن جو بيورو پڻ قائم ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ ھڪ مشن بيروت ۾ڻپڻ شروع ڪيو اٿائين 2015 ۾ ھڪ تقرير ۾ آرمينيا جي صدر سرژ سرگزائن بيان ڏنو ھو ته نگورنو ڪاراباخ آرمينيا جو اڻٽٽ حصو آهي.

وڌيڪ ڏسو

حوالا

Tags:

جمهوريا ارتسک سياسي نظامجمهوريا ارتسک جاگرافيجمهوريا ارتسک انتظامي ورهاستجمهوريا ارتسک آباديجمهوريا ارتسک سفارتي تعلقاتجمهوريا ارتسک وڌيڪ ڏسوجمهوريا ارتسک حوالاجمهوريا ارتسکآذربائيجانآرمينياانگريزيسوويت يونيننگورنو ڪاراباخ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

نفسياتويٽنامماهتاب محبوبوڪي اسپيسيزانگريزيڄامشورو ضلعوبلڙي شاھ ڪريم تعلقودل9 ڊسمبرڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرانڊونيشيا21 فيبروري24 آڪٽوبرپپيتو2012عمُک صفحو873عمسلم اسپينمڪليوالٽئرڪينيڊاٻولين جي فهرست ڳالهائڻ جي حساب سانعيسيٰبيتڪلياڻ1967عادبي لاڙوآفريڪا جا ملڪ1902عسکربوھرانبوتبرفتپولينڊجارجيا1920عگڏيل بادشاھتوي بيڪ مشينگيبونصحت2020عپيرسوچولي بينڪسنڌي لئنگئيج اٿارٽيباغبان پرڳڻوسنڌو لکتڏکڻ آمريڪاپرل هاربرڏکڻ آفريڪاسنن ابي داؤد31 ڊسمبريونانذيابيطس (پيشاب جي بيماري)انبشاھ جا سر1941عفلمجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)786عارم محبوبخودمختيار رياست🡆 More