بدو

بدو (واحد) يا بدوي (جمع)انگريزي ٻولي: Bedouin عربستان جو ڳوٺاڻو، بدوي، صحرانشين.

شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾، ٿر وارن سانگين يا ٿرن بر ۾ رهندڙ ۽ پاڻيءَ ۽ گاهه جي تلاش ۾ مال ڪاهي هلندڙ مارن پنهوارن جي رهڻي ڪهڻي، عرب جي بدوين جهڙي ڏسي، انهن کي استعاري طور بر جا بدوي ڪري ڄاڻايو آهي. بدوي عربستان جي رڻپٽ يا بيابان جا رھاڪو آھن جيڪي روايتي طور تي خانه بدوشي واري زندگي گذاريندا آهن.

بدو
1904 ۾ يروشلم ۾ بدوي قبيلي جي شادي جو ميڙاڪو
ڪل آبادي
4,000,000–25,000,000
نمايان آبادي وارا علائقا
بدو شام 1,800,000
بدو سعودي عرب 635,000 (1978)
بدو اردن 380,000 (2007)
بدو مصر 50,000 (2003)–380,000 (2007)
بدو اسرائيل 250,000 (2012)
بدو الجزائر 230,000
بدو عراق 100,000
بدو فلسطين جي رياست 30,000
ٻوليون

عربي ٻولي جا لھجا : (بدوي • حسني • حجازي • بدوي نجدي • عماني )

مذھبَ

اڪثريت جو اسلام
اقليت جو عيسائيت

لاڳاپيل نسلي گروھ

ٻيا عرب

لفظ جي معني

لفظ بدوي عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو بداء لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي ميدان. بداء مان لفظ بديا ٺھيو جنھن جي معني آهي رڻپٽ. رڻپٽ يا بيابان کليل ميدان سمجھيا ويندا آهن. عربن ۾ بدو لفظ شھري ۽ مھذب ماڻھو جو ابتڙ سمجھيو ويندو آھي.

بدوي معاشرو

بدو 
مصر جي ھڪ بدوي ڇوڪري

تاريخي طور تي ھي ماڻھو عربستان (عربي اپٻيٽ)، شام، اردن، اسرائيل، فلسطين، عراق، مصر، اتر آفريڪا ۽ ان سان لڳندڙ سرحدي علائقن ۽ وچ ايشيا جي رڻپٽن جا رھاڪو رھيا آھن. انھن ملڪن ۾ شھرن ۾ غيرمھذب طريقي سان رھندڙ ماڻھن کي پڻ بدو سڏيو ويندو آهي. بدوين جي سڃاڻپ انھن جي شديد قبائلي خصلتن جي ھجڻ ڪري ٿيندي آهي جن ۾ قبائلي مان ۽ شان، مساوات، سخاوت، جرئت، شاعرانه مزاج شامل آهن. وچولي دؤر جي مسلمان عالمن جو خيال هو تہ قرآن جي خالص عربي قريش قبيلن جي بدوي لھجي جي ويجھو ھئي پر جديد دؤر جي مسلمان عالمن جو خيال آهي تہ اھا ان دؤر جي عام شاعراڻي ٻولي ھئي جيڪا عربستان جي اولهندي پاسي مروج ھئي. بدوين جو گذر معاش چوپايو مال پالڻ ۽ چارڻ آهي تنھن ڪري اھي موسم جي حساب سان چاري ء پاڻي واري علائقن ۾ لڏيندا رھندا آھن، ۽ موسمي خانه بدوشي انھن جي زندگيءَ جو حصو ۽ سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اھي ان جي ڪري خيمن ۾ رھندا آھن.

بدو 
1964 ۾ نڪتل رياض جي ھڪ بدو جي تصوير

سعودي عرب ۽ اردن ۾ فوج ۾ ڀرتي بدوين مان ڪئي وڃي ٿي. عرب جا سامي نسل اُٺ پاليندڙ خانه بدوش ماڻهو ’بَدُو‘ سڏبا آهن. سندن مذهب اسلام آهي. پنهنجي مڪاني روايتن ۽ رسمن جي ڏاڍي پابندي ڪندا آهن. مهمان نواز ۽ انصاف پسند آهن. ننڍن ننڍن قبيلن ۾ منظم آهن. 20 صديءَ ۾ سنڌ جا ماڻهو حج ڪرڻ لاءِ پيادا ويندا هئا ته عربستان جي حدن ۾ ”بدو“ لوڪ سندن سامان سڙو ڦري وٺندا هئا، پر جيئن ته اهي ”بدو“ ڀلي پار جا يعني سڳوري سر زمين جا هئا، تنهنڪري سنڌي ماڻهو انهن لٽيرن کي به ادب ۽ حب وچان ”بَدو سڳورا“ چوندا هئا. بَدُو، جهالت واري دؤر ۾ عرب جو سڀ کان بد تهذيب قبيلو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هيءُ قبيلو پنهنجون ڪيتريون ئي روايتي رسمون جاري رکندو اچي. بَدو گهڻو ڪري وارياسن علائقن ۾ رهندا آهن ۽ سندن رهائش خيمن ۾ هوندي آهي.

بدو 
بدوي مائر ٻارن کي ڪلھي تي کڻي ھلندي ڏيکايل. ڦوٽو اوڻويھين صدي ۾ ھڪ فرينچ فوٽوگرافر جو ورتل

وڌيڪ ڏسو

حوالا

Tags:

بدو لفظ جي معنيبدو ي معاشروبدو وڌيڪ ڏسوبدو حوالابدوانگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سر يمن ڪلياڻ1695عبري نظرتاثريتستي (هندو ديوي)سنڌو ماٿري جي تهذيبسنڌسعودي عرب جي صوبن جي فهرستابوالحسن الاشعريهٽلرسنڌي ٻوليواڱڻپاڪستان جي پارليامينٽحرف جرصوبائي چونڊون سنڌ، 2013جوزف اسٽالنايجادڪاليج23 جنوريدولھ دريا خانشاعري624عگارگي واچڪنويآمريڪاچچ نامومڌيا پرديشڄام آرياُرڙيپروفيسرھيمون ڪالاڻيجي ميلڪافي (شاعري)رسول بخش پليجوڪوالالمپورشِوٽالپر شاهي خاندانآسٽريليا (کنڊ)زراعتسنڌ يونيورسٽيگهنٽوآسيہ ارجينٽوادبي تنقيدساساني سلطنتالف بابراھيم منشينسل ڪشيايوبي سلطنتسنڌ سلامت ڪتاب گھرهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجمٺا خان زرداريڏکڻ اوڀر ايشياعام ابلاغورلڊ بينڪسونميڪسيڪوقطرآرڪٽڪ سمنڊڪانگڻيناستڪ ناريوادپيراگوئي1496عسنڌي ڪيبورڊEO� 5A-Hرومن غلامداري🡆 More