مڌيا پرديش

مڌيا پردیش(انگريزي: Madhya Pradesh) (MP) ; /ˌmʌdjə prəˈdɛʃ/, ھندي

مڌيا پرديش
رياست
مڌيا پرديش
مڌيا پرديشمڌيا پرديش
مڌيا پرديشمڌيا پرديش
مڌيا پرديشمڌيا پرديش
مٿان کان ھيٺ ، کاٻي کان ساڄي طرف:يادگارن جو کجراھو گروپ, سانچي وارو عظيم اسٽوپا, مانڊو وارو قديم شھر, ڪانھا نيشنل پارڪ ۾ ھڪ ھرڻ، ماربل جون ٽڪريون، ڀيمڀيٽڪا پھاڙي پناھگاھون ۽ ڪنڊالپور جين مندر
ڀانڃ: مڌيا ( معنيَ: ' وچيون') ۽ پرديش (معني: 'صوبو يا خطو')
مڌيا پرديش انڊيا جي نقشي ۾ ڏيکاريل
مڌيا پرديش انڊيا جي نقشي ۾ ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 23°15′00″N 77°25′01″E / 23.25°N 77.417°E / 23.25; 77.417 77°25′01″E / 23.25°N 77.417°E / 23.25; 77.417
ملڪ مڌيا پرديش ڀارت
خطو مالوا , بنديل کنڊ , باغيل کنڊ, نمار , مھاڪوشال ۽ گرد ( گرد واري خطي ۾ چمبل پڻ شامل آهي )
قيام 1 نومبر 1956
گاديءَ جو هنڌ ڀوپال
وڏي ۾ وڏو شھر اندور
مڌيا پرديش ۾ ڪل ضلعا 52
حڪومت
 • مجلس مڌيا پرديش جي حڪومت
 • گورنر آنندبين پٽيل
 • وزيراعلي ڪمل ناٿ (آء اين سي)
 • ليجسليچر ھڪ ايواني (230 سيٽون)
 • ھاء ڪورٽ مڌيا پرديش ھاء ڪورٽ
پکيڙ
 • رياست 308,252 ڪ.م2 (119,017 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ مطابق انڊيا جي رياستن ۾ ٻيون نمبر
آبادي (2011)
 • رياست 72,626,809
Symbols
ٻولي مڌيا پرديش ھندي
گانو مڌيا پرديش گان
ناچ مانچ
جانور مڌيا پرديش ٻارھن سڱو
پکي مڌيا پرديش انڊين پيراڊائيز فلاء ڪيچر
مڇي مڌيا پرديش مھسير
گل مڌيا پرديش اڇو للي
ميوو مڌيا پرديش انب
وڻ مڌيا پرديش بڙ جو وڻ
     [ˈmədʱjə pɾəˈdeːʃ] (About this sound ٻڌو) جنھن جو پراڻو نالو سينٽرل پراونس يا سي پي ھيو; وچ انڊياجي ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي گادي جو هنڌ ڀوپال شھر آھي ۽ وڏي ۾ وڏو شھر اندور آهي ۽ ٻيا وڏا شھر جبالپور، گواليار ، اجئين ۽ ساگر آھ.. ھن رياست کي ان جي مقام جي ڪري انڊيا جي دل پڻ چوندا آهن. پکيڙ ۾ ھي انڊيا جي ٻين ۽ آبادي ۾ پنجين وڏي رياست آھي جنھن ۾ ساڍا ست ڪروڙ ماڻهو رھن ٿا

جاگرافي

مڌيا پرديش 

ھن رياستجي اتر اوڀر ۾ اتر پرديش، ڏکڻ اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، ڏکڻ ۾ مھاراشٽر، اولھ ۾ گجرات، اتر اولھ ۾ راجھستان آھي. ھن رياست جي ڪل پکيڙ 308,252 km2 آھي. سن 2000 عيسويءَ کان اڳ جڏهن ڇتيس ڳڙھ مڌيا پرديش جو حصو ھيو تہ ھي رياست ملڪ جي سڀ کان وڏي رياست ھئي. ھن رياست جي اوڀر کان اولھ طرف نرمدا درياء وھي ٿو. ھن رياست جو بلند ترين مقام ڌوپ ڳڙھ آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 4429 فٽ بلند آھي.


مڌيا پرديش 
مڌيا پرديش جو طبعي نقشو

مڌيا پرديش جي سڀ کان وڏي ندي نرمدا آهي ان جي شاخن ۾ بنجر، تاوا ندي، مچنا, شاڪار ندي، دينوا ۽ سون ڀادرا نديون شامل آهن. ھي ندي علائقي م مقدس سمجھي ويندي آهي۽ ان جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي آهي

تاريخ

ڇھين صدي ق م ۾ اجئين ھن علائقي جي ھڪ وڏي مرڪز طور اڀريو ھيو ء اھو ايوانتي بادشاھت جو گاديءَ جو هنڌ ھيو. ٻين بادشاھتن جھڙوڪ:, دسارنا، مالوا، ڪاروشا ۽ نشاد جو ذڪر پراڻن رزميہ قصن ۾ مليو آهي جيڪي پڻ ھن موجوده رياست جو حصو آهن. 320 ق م ۾ ھي علائقو چندر گپت موريا جي ايمپائر جو حصو ٿي ويو. ھي علائقو اشوڪ موريا جي ايمپائر جو پڻ حصو رھيو. موجوده رياست جي علائقي ۾ قديم مھاجنپدا وارو خطو پڻ شامل آهي. ارڙھين صدي جي شروعات ۾ ھي علائقو ڪيترين ئي ننڍہن بادشاھتن ۾ ورھايل ھيو جن تي پوء برٽش ايمپائر قبضو ڪيو. انگريزن انھن سڀني کي ملائي سينٽرل پراونسز اينڊ بيرار ۽ سينٽرل انڊين ايجنسي قائم ڪيا. انڊيا جي آزادي بعد مڌيا پرديش رياست قائم ڪري ناگپور ۾ ان جي گادي جو هنڌ رکيو ويو. ان نئين رياست ۾ موجوده رياست جو ڏاکڻو حصو ۽ موجودہ مھاراشٽر جو اتر اوڀر وارو حصو شامل ھيا. 1956 ۾ اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ھن رياست جي ان وقت جي حصن کي مڌيا ڀارت ، ونڌيا پرديش ۽ ڀوپال رياست سان ملائي نئين مڌيا پرديش رياست قائم ڪئي وئي. ان م مراٺي يا مرھٽي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھن جو ودارڀا علائقو ھن رياست کان ڌار ڪري بمبئي رياست م شامل ڪيو ويو. 2000 ۾ ھن رياست جي ھڪ حصي کي ڌار ڪري ڇتيس ڳڙھ رياست قائم ڪئي وئي.

معيشت

انڊيا جي معيشت ۾ ھن رياست جي معيشت جو ڏھون نمبر آھي، 8.9 لک پائونڊ ۽ ان جي گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ يا جي ڊي پي في ڪس مڌيا پرديش 90,000 ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|90|3||USD|year={{{year}}}}}) آھي. انساني ترقي جي اشاريي مطابق انديا جي رياستن م ھن رياست جو مقام ڇويھون آهي.ھن رياست ۾ انڊيا جا سڀ کان وڌيڪ ھيرا ۽ ٽامو نڪرن ٿا. ھن رياست جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. ھتان جي سياحتي صنعت ۾ بہ ڪافي واڌارو آيو آهي.

انتظامي ورھاست

مڌيا پرديش جي ورھاست ڏھ ڊويزنن ۾ ٿيل آهي جن ۾ 52 ضلعا واقع آھن.

  • ڀوپال ڊويزن
  • چمبل ڊويزن
  • گواليار ڊويزن
  • اندور ڊويزن
  • جبالپور ڊويزن
  • نرمداپورم ڊويزن
  • ريوا ڊويزن
  • ساگر ڊويزن
  • شاھدول ڊويزن
  • اجئين ڊويزن



شمار نالو ضلعو قسم* آبادي 2011 مرد عورتون آبادي


5سالن کان گھٽ

تعليمي شرح
1 اندور اندور ضلعو شھر 2,167,447 1,129,348 1,038,099 254,108 86.73
2 ڀوپال ڀوپال ضلعو شھر 1,883,381 985,408 897,973 217,415 85.29
3 جبالپور جبالپور ضلعو شھر 1,267,564 663,096 604,468 128,679 89.13
4 گواليار گواليار ضلعو UA 1,101,981 588,752 513,229 120,347 85.10
5 اجئين اجئين ضلعو شھر 515,215 265,291 249,924 57,630 85.55
6 ساگر ساگر ضلعو UA 370,296 194,659 175,637 43,835 89.98
7 ديواس ديواس ضلعو شھر 289,438 150,193 139,245 34,435 85.83
8 ساتنا ساتنا ضلعو شھر 283,004 149,460 133,544 34,435 86.33
9 رتلام رتلام ضلعو UA 273,892 139,766 134,126 29,397 87.89
10 ريوا ريوا ضلعو شھر 235,422 124,634 110,788 24,234 87.74
11 مروارا(ڪاٽني) ڪاٽني ضلعو شھر 221,875 115,463 106,412 25,168 87.42
12 سنگرائولي سنگرائولي ضلعو شھر 220,295 117,276 103,019 29,569 77.35
13 برھانپور برھانپور ضلعو شھر 210,891 108,234 102,657 28,107 81.70
14 کانڊوا کانڊوا ضلعو شھر 200,681 102,873 97,802 24,079 86.98
15 ڀنڊ ڀنڊ ضلعو شھر 197,332 105,394 91,938 24,486 84.20
16 ڇندوارا ڇندوارا ضلعو UA 190,008 97,040 92,968 19,227 89.25
17 گونا گونا ضلعو شھر 180,978 94,645 86,333 23,757 81.71
18 شوپوري شوپوري ضلعو شھر 179,972 95,227 84,745 22,683 79.24
19 ڇترپور ڇترپور ضلعو UA 147,688 78,070 69,618 18,312 78.46
21 داموھ داموھ ضلعو UA 147,515 76,951 70,564 17,519 86.94
22 مانڊسئور مانڊسئور ضلعو شھر 141,468 72,370 69,098 15,721 86.79
23 کارگوني کارگوني ضلعو UA 133,361 68,672 64,689 16,662 83.01
24 نيموچ نيموچ ضلعو UA 128,575 67,566 61,009 15,008 85.88
25 پٿامپور ڌار ضلعو شھر 126,09 70,577 55,522 20,438 82.73
26 ھوشنگ آباد ھوشنگ آباد ضلعو شھر 117,956 61,610 56,346 13,012 87.97
27 اتارسي ھوشنگ آباد ضلعو UA 114,430 59,382 55,058 11,832 90.30
28 سيھور سيھور ضلعو UA 109,025 56,397 52,628 12,869 85.48
29 بيتل بيتل ضلعو شھر 103,341 52,902 50,439 11,005 90.27
30 سيئوني سيئوني ضلعو شھر 102,377 52,354 50,023 10,413 91.16
31 داتيا داتيا ضلعو شھر 100,466 52,931 47,535 12,218 80.54
32 ناگدا اجئين ضلعو شھر 100,036 51,410 48,626 11,053 81.61

حوالا

تصوير خانو

Tags:

مڌيا پرديش جاگرافيمڌيا پرديش تاريخمڌيا پرديش معيشتمڌيا پرديش انتظامي ورھاستمڌيا پرديش حوالامڌيا پرديش تصوير خانومڌيا پرديشانگريزيوڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

مسجد الحراممائي خيريڪوسٽا ريڪاٽونگاعيد نمازداستان نوري ڄام تماچيڊي فيڪٽوامام ترمذيوارڊيڪارٽهڏڪي1617عپوشاڪعالمگير ويبعبدالقادر جيلانيلاوھينڊرابو ايوب انصاريسري لنڪارسل ڪروطباشيرگونگي بسنتحسين ابن عليسازفصاحتايرانڳورپٽعبدالله بن زبيراسپتالسيٽلائٽ فونجوڙ (حساب)محمد بن عبدالوهابعورتن جو عالمي ڏينهنيُورَپحياتياتي دائرو2024ععالمي ٻوليشاھ ڪريم بلڙيءَ وارورني ڪوٽالٽيپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوصوبوابوبڪر صديقپاريھرانجيل1883عڊبل روٽيروزومحمد اقباليونيڪوڊویب برائوزرماءٌراولپنڊي تعلقو11 جُولاءِسنڌي ماڻھن جي فهرستمولانا اشرف علي ٿانوياليڪشن ڪميشن آف پاڪستاننيوٽن جي حرڪت جا قانونجان محمد ڀٽو رحسائو پن يا ڪارو پنو🡆 More