گزھو صوبو

گزھو(انگريزي: Guizhou ) عوامي جمهوريه چين جو زمين سان گھيريل صوبو آھي جيڪو چين جي ڏکڻ اولھ ريجن ۾ واقع آهي.

ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر گييئنگ آھي جيڪو صوبي جي وچ ۾ واقع آهي. ھن صوبي جون حدون ڏکڻ ۾ گئانگزي واري خودمختيار ريجن سان، اولھ ۾ يونان صوبي سان، اتراولھ ۾ سيچوان صوبي سان، اتر ۾ چانگچنگ ميونسپل سان ۽ اوڀر ۾ ھونان صوبي سان ملن ٿيون. گزھو جي آبادي ٽي ڪروڙ چاليھ لک آھي ۽ اھو صوبو آبادي ۾ چين جو 19ھون وڏو صوبو آھي. ٻين چيني صوبن جي ڀيٽ ۾ ھن صوبي ۾ معاشي اصلاحون گھٽ ٿيون آهن. ھي صوبو قدرتي، ثقافتي ۽ ماحولياتي وسيلن سان سرشار آهي. ھتان جي قدرتي صنعت ۾ ٻيلا ۽ عمارتي ڪاٺ، توانائي واري صنعت ۽ کاڻون شامل آهي. ھن صوبي جو معاشي طور تي شمار غريب ۽ پوئتي پيل صوبن ۾ ٿئي ٿو. 2019ع ۾ ھن صوبي جو گھٽ ترين جي ڊي پي واري صوبن ۾ شمار ستين نمبر تي ھيو پر پوء بہ اھو چين جي سڀ کان وڌيڪَ تيزي سان ترقي ڪندڙ صوبن ۾ شامل ٿي چڪو ھو اھو ھڪ جابلو صوبو آهي ۽ ان جا بلند ترين ھنڌ ان جي اولھ ۽ مرڪز ۾ آھن. ھن صوبي جي آبادي گھڻ نسلي ماڻھن تي مشتمل آهي. ان جو 37 سيڪڙو ماڻھو اقليتي نسلن سان تعلق رکندڙ آهن جن ۾ ميائو، بويئي، يي، تجيا ۽ ٻيا شامل آهن. ھتان جي عام ٻولي ڏاکڻي مينڊرين آھي.

گِزھُو صوبو
Guizhou
چيني صوبو
گزھو صوبو
گزھو صوبوگزھو صوبو
گزھو صوبوگزھو صوبو
(گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان)
  • ھوانگگواشو آبشار
  • فينجنگشن
  • لبو
  • گِييَئنگ
  • جائوشنگ
Map showing the location of Guizhou Province
نقشي ۾ گزھو صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 106°50′E / 26.833°N 106.833°E / 26.833; 106.833 106°50′E / 26.833°N 106.833°E / 26.833; 106.833
ملڪ چين
نالو پيو گئي- گئي جبل
زھو (پريفيڪچر)
گادي جو هنڌُ
(۽ وڏي ۾ وڏو شھر)
گييئنگ
انتظامي ورهاست 9 پريفيڪچر، 88 ڪائونٽيون، 1539 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس گزھو صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري شين يچين
 • پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين شين يچين
 • گورنر لي بنگجون
 • پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين ليو شيئائوڪائي
پکيڙ
 • ڪل 176,167 ڪ.م2 (68,018 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ 16ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (Jiucaiping) 2,900 ميل (9,500 ft)
آبادي (2010)
 • ڪل 34,746,468
 •  ڪاٿو

  2019

36,230,000
گزھو صوبو
گزھو صوبو
"گزھو" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
چیني نالو
آسان چیني 贵州
روایتي چیني 貴州
ھانیو پنین Guìzhōu
تبتي نالو
تبتي ཀུའེ་ཀྲོའུ་
Zhuang نام
Zhuang Gveicouh
贵州
Yi نالو
[[Yi زبان|Yi]] ꇭꍏ

حوالا

Tags:

انگريزيسيچوان صوبويونان صوبوچانگچنگچينھونان صوبو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڊونلڊ ٽرمپ1974ع1863ع1991عايڪڙڪينسرخاصخيليويد1788عمشتري2004عجنسي سنگڇلڙوعربٽيلي ڪميونيڪيشنبلاول ڀٽو زرداريآسمانڌرتيڊراموانٽرنيٽ مووي ڊيٽابيسمورڙو1755عسخن سچار (ڪتاب)جارجياگوگلڪميونزم21 جُولاءِرسالوبرابر عالمي وقتديھ خاڻوٺبجليءَ جو ڪرنٽ9 آڪٽوبرانڊونيشيافارسي ٻولي9 ڊسمبر2006عسگريٽ نوشيڪشش ثقلرياستدلشاھ عبداللطيف ڀٽائيچنڊمريخجرمنيپاڪستانڇاتين جو سرطانڪرنگهي وارا جانور1915عڪڇونآڪسيجنسر پوربورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪشاهه عبدالڪريم بلڙيويانابيڊن ورٽمبرگسوارا ڀاسڪر2001عپاڪستان جو آئينجهنڊو مري تعلقواحسان علي شاھ (شاعر)وڪيپيڊياپاڻيInternational Standard Book Numberٻولي🡆 More