ڦودنو: ٻوٽن جو قسم

ڦودنو(انگريزي: Mint)، هن کي هندستانيءَ ۾ پودينا ۽ انگريزيءَ ۾ مِنٽ ۽ پيپرمنٽ، فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ نَعناع سڏيندا آهن.

هي هتي باغن ۾ ڀاڄين سان گڏ گهڻو پوکبو آهي. سندس پنن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري آلا توڙي سڪا پن چٽڻيءَ ۾ ۽ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ گهڻو وجهندا آهن. هن جو عرق به ڪڍندا آهن، جو پيٽ جي سور لاءِ يا ٻين دوائن ۾ گهڻو ڪم ايندو آهي. هي ول وانگي پکڙندو آهي، پر گهڻو نه. هن جو ڏيهي قسم به آهي ۽ ولايتي به. ڏيهي قسم جا پن البت گول ٿيندا آهن ۽ ولايتي قسم جا ڊگها. هي اوڀڙ پاڙن ڪڍي هڻڻ سان ٿيندو آهي. گهميل زمين ۾ ۽ ڇانوري ۾ چڱو ٿيندو آهي. سرد موسم ۾ پوکبو آهي.

ڦودنو: ٻوٽن جو قسم
ڦودني جا گل
ڦودنو: ٻوٽن جو قسم
ڦودني جو ٻوٽو

طب

ڦودني کي عربي ۾ حبق، فارسي ۾ فودنج ھندي ۽ اردو ۾ پودينه، پودتڪ ۽ قونياسا پڻ چوندا آهن. ان جو طبي اثر گرم ۽ خشڪ ھوندو آھي.گھڻي استعمال سان آنڊن کي نقصان ڏيندو آهي. اھو سڪل سائي رنگ جي پنن وارو ٻن ٽن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪڙو جبل جو، ٻيو ميداني ۽ ٽيون جيڪو عام طرح پوکبو آهي. ميداني ڦودنو سٺو هوندو آهي. اھو معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، طعام کي هضم ڪري ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. حيض، پيشاب ۽ پگهر جاري ڪري ٿو. جلندر، يرقان، هڏڪي، سيني ۽ معدي جي رطوبت جي نيڪال لاءِ فائديمند آهي. وڇونءَ جي زهر لاءِ ترياق آهي. حمل کي ڪيرائي ٿو..

شين ۾ استعمال

ڦودنو جو هِڪُ قِسم آهي، جنهن جي پَن ۾ سُڳنڌ هوندي آهي. ڦودنو آئس ڪريم، ڪينڊي، ميون کي بچاءُ، شراب جي شربت، چيگنگم، ڏندن جي پيسٽ، ۽ ڪجهه شيمپو، صابڻ ۽ کَلَ يا چمڙي جي سارَسَنڀال جي شين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي..

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڊرامونريندر موديخديجة الڪبري رضہمحمدچانهہگئارتشڪيلياتانتظامياسنگيت ناٽڪ (اوپيرا)مريخفلسطينپاڻياٺڄام تماچيشعارترڪي ٻولي1980عبجليٺلهه ڇنيسنڌي ناول جي شروعاتبئنڪپروليڪافي (شعري صنف)ڪاھو جو دڙوحويليان ريلوي اسٽيشناترادي لهجوصدقوآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعدار رياستن جي فهرست1893ع2019–20 ڪوروناوائرس مها وباھنربادامڪينجھر ڍنڍيوٽيوبٽويوٽا1902عوڪيميڊيا ڪامنزانساني حقاڀ ساھيترڪمانستانصرفياتپاڪستان جو سينيٽجي آء ايفاحدمفروضوتپو کڏھريبرفالوڪرنگهي وارا جانورڄام نظام الدين سمونوبل امن انعاممخدوم نوحڪامافلمنستعليق خطاتر ڪورياايڊنبراويب صفحوبدين ضلعوڌرماگھام ابڙوکپرو تعلقوناچسنڌي ادبڏکڻ سوڊانارطغرل غازي (سيزن)شهيد فاضل راهويورپين ايڪانامڪ ايرياساهواروسينگار شاعريمحمد جمن چارڻٽنڊو باگو🡆 More