هارمون

اسان جي جسم جي جوڙجڪ، واڌ ويجهه ۽ ان جا مختلف سرشتا، جهڙوڪ: هاضمي جو سرشتو، ساهه کڻڻ جو سرشتو، رت جو سرشتو، نسن جو سرشتو، ڄم جو سرشتو وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدرت جسم ۾ ٻه ڪنٽرول سسٽم رکيا آهن:

  • هارمون سرشتو يا اعصابي ڪنٽرول
هارمون
مختلف قسمن جا ھارمون جسم اندر مختلف حياتياتي ڪم ڪندا آهن
  • نسن جو سرشتو يا ڪيميائي ڪنٽرول

هارمون اهي ڪيميائي رطوبتون آهن، جن کي جسم ۾ موجود مخصوص غدود (Glands) پيدا ڪن ٿا. انهن غدودن کي اينڊو ڪرائين غدود (Endocrine Glands) چئبو آهي، انهن غدودن جي خاصيت اها آهي ته، انهن ۾ ڪا به نالي ناهي ٿيندي، پر انهن جو پيدا ڪيل مادو سڌو سنئون رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري انهن کي بنا ناليءَ غدود (Ductless Glands) چئبو آهي.

مختلف خاصيتن وارا هارمون يا ڪيميائي رطوبتون پيدا ڪرڻ وارا اهي غدود جسم ۾ ڪيترن هنڌن تي ملن ٿا. غدودن کان سواءِ جسم جي ڪجهه ٻين عضون، مثال طور: جيرو ۽ بڪيون به ڪجهه مخصوص رطوبتون پيدا ڪندا آهن.

مختلف قسمن جا هارمون جسم ۾ پنهنجو الڳ اثر پيدا ڪندا آهن. عام طور تي انهن جو ڪم جسم جي اندروني سرگرمين ۽ فعلن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. ڪجهه اهم غدود ۽ انهن مان پيدا ٿيڻ وارن هارمون ۽ انهن جي ڪمن جي ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي:

بلغمي غدود (Pitutary Glands)

هي غدود دماغ ۾ انسان جي کوپڙيءَ ۾ ٿئي ٿو. ان جا ٻه حصا ٿيندا آهن ۽ انهن ٻنهي حصن مان ڪيترائي هارمون خارج ٿي رت ۾ شامل ٿينداآهن، جيڪي جسم جي واڌ، جسم ۾ پاڻي جي سرشتي ۽ ٻين غدودن جي رطوبتن جي مقدار کي ڪنٽرول ڪندا آهن.

ورقي غدود (Thyroid Glands)

هي غدود نڙيءَ ۾ ٿيندو آهي ۽ اهڙا هارمون پيدا ڪندو آهي، جيڪي اسان جي جسم جي واڌ ويجهه ۽ نشونما لاءِ نهايت ضروري آهن، ۽ جسم جي سڀني گهرڙن تي اثرانداز ٿيندا آهن.

بڪيائي غدود (Adrenal Glands)

هي غدود بڪين جي مٿان ٿئي ٿو. ان مان پيدا ٿيندڙ هارمون بلڊ پريشر ۽ جذبن جي ردعمل کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ جسم ۾ لوڻ کي به ڪنٽرول ڪري ٿو.

لبلبو

لبلبي جو هارمون رت ۾ گلوڪوز جي مقدار کي ضابطي ۾ رکي ٿو. اهڙيءَ طرح جسم جا ٻيا غدود به مختلف هارمون پيدا ڪن ٿا، جيڪي جسم جي سرگرمين کي باقاعدگيءَ سان جاري رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

Tags:

هارمون بلغمي غدود (Pitutary Glands)هارمون ورقي غدود (Thyroid Glands)هارمون بڪيائي غدود (Adrenal Glands)هارمون لبلبوهارمون

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

گاج نديچانھمولودسج اڀريوخوجڪي اسڪرپٽسوارا ڀاسڪرڏور (ادب)مورڙوتڪ اين اي 223ڀرنگگني بسائوترجموبلديا سب ڊويزنسنڌي ادبشعارقرآنمناقبا (ڪتاب)مڊگاسڪرآسٽريلياڳجھڏهرڪيصحرائي ڦِديجي آء ايف25 اپريلملڪپريوگفلسفوٽپومُک صفحوناچارغون خاندانچٻروعيسيٰبينظير ڀٽو1542عسنڌ جا ضلعاآخوند محمد قاسم هالائي25 جُولاءِملتان2024عاڪائونٽنگشاهه عبدالڪريم بلڙيڪشش ثقل1902علاھورعام ابلاغجارج اسٽيڪمنظرجائوتريفرانسپنجاب، پاڪستانحضرت لڪي شاھ صدرشمس العلماءگيبون17 جنوريفلسطينآستراخان اوبلاسٽببونغزلبشرياتمائونٽ ايوريسٽڪمپيوٽرمادو1526عڪارونجھر جبل جو سلسلوارشميدس🡆 More