عطارد

اسان جي شمسي نظام ۾ سڀ کان تيز رفتا سيارو عطارد (علامت: , Mercury) آهي.

عطارد پنهنجي مدار ۾ لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر (31 ڪلوميٽر) في سيڪنڊ جي رفتار سان چڪر لڳائي ٿو ۽ سج جي پنهنجي مدار جو چڪر 88 ڏينهن ۾ لڳائي وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شروعاتي تارا شناسن ان جو نالو تيز هلڻ وارو خدا جو قاصد رکيو هو.

عطارد
Mercury

عطارد MERCURY

مرڪري نظام شمسي جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ۽ سج کان ويجھي ۾ ويجھو گرھ آھي . سج کان مرڪري جو مفاصلو 57.51 ملين ڪلو ميٽر آھي . ھي نظام شمسي جي پٿريلي گرھن مان ھڪ آھي .

مرڪري جو نالو رومين پنھنجي ديوتا مرڪري جي نالي تي رکيو . ھن گرھ جو مشاھدو پراڻي تاريخ کان ٿيندو پيو اچي . مرڪري ء ھر دور جي ماھرين ۽ سائنسدانن جي تجسس کي وڌايو. ھن گرھ جو مشاھدو 14 سو قبل مسيح جي آشوري سائنسدانن جي علاوه ھڪ ھزار قبل مسيح ۾ قوم بابل به ڪيو ھو . قوم بابل ھن سياري کي پنھنجي ديوتا نبو جي نالي سڏيندا ھئا .

قديم يونانين ۽ رومن سائنسدانن به ھن جو مشاھدو ڪيو .ھن جي باري ۾ مختلف نظريا پيش ڪيا . 1100 ء صدي عيسوي ۾ مسلمان سائنسدان ابو اسحاق ابراھيم الزلقالي مرڪري جي مدار جي حوالي سان اھم نظريا پيش ڪيا .

مرڪري جي تخليق اڄ کان 4.6 بلين سال اڳ ٿي . دوران تخليق ۽ تخليق کان پوء ھي گرھ شھابين جي شديد بمباري جي زد ۾ رھيو . تنھن ڪري ھن جي مٿاڇري تي ھر جاء نشان آھن . جيڪي ڪجهه ميٽرن کان وٽي ڪئي ڪلو ميٽرن جا آھن .

مرڪري سج کي ويجھي ھجڻ جي ڪري 88 زميني ڏينھن ۾ ھڪ چڪر مڪمل ڪندو آھي . ھن جو ڪو چنڊ نه آھي . ھن جي فضاء 42 سيڪڙو ماليڪيولر آڪسيجن 29 سيڪڙو سوڊيئم 22 سيڪڙو ھائڊروجن 6 سيڪڙو ھيليئم ۽ 0.5 سيڪڙو پوٽاشيئم تي ٻڌل آھي . ان کان علاوه Argon, carbon dioxide , Nitrogen, Water vapour, xenon, Krypton, Neon پڻ شامل آھن .

ھن جي درجه حرارت ڪافي حيران ڪندڙ آھي . رات جو ھن جي سطح جو درجه حرارت 173- ڪاٽو ھڪ سؤ ٽيھتر ۽ ڏينھن جو +427 واڌو چار سؤ ستاويھ سينٽي گريڊ تائين پڄي وڃي ٿو .

گرھ جي اتر ۽ ڊکڻ قطب تي سج جا ڪرڻا نه پڄڻ ڪري - 91 سينٽي گريڊ ھجي ٿو . جنھن جي ڪري قطبين ۾ پاڻي ھميشه برف جي صورت ۾ موجود ھوندو آھي .

مرڪري پنھنجي مدار ۾ تمام سست گھمندو آھي . جنھن جي مثال ھن طرح آھي جو ھي سج جا ٻه چڪر لڳائيندو آھي ته ان دوران پنھنجي مدار ۾ صرف ۽ صرف ٽي دفعا ڦرندو آھي .

مرڪري جو مقناطيسي ميدان زمين جي مقناطيسي ميدان وانگي مضبوط آھي . جيڪو تابڪاري کان ھن کي محفوظ رکندو اچي پيو .

ناسا 1975ء ۾ ميرينر Mariner ۽ 2004 ۾ Messenger space craft ميسينجر اسپيس ڪرافٽ نالي خلائي جھاز موڪليو . انھن ڪاميابيءَ سان مرڪري جي بابت ڪارائتي ۽ اھم ڄاڻ ڏني .

جاپان ۽ يورپي خلائي ايجنسين گڏجي 2018ء ۾ بي بي ڪولمبو Bepi columbo نالي خلائي اسپيس ڪرافٽ مرڪري تي موڪلڻ جو منصوبا بندي ڪئي آھي .

ھاڻي اھيو ڏسڻو آھي ته ھي اسپيس ڪرافٽ مرڪري جي ڪھڙين ڪھڙين پر اسرار رازن تان پردو ھٽائيندي .

حوالا

Tags:

سج

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

شڪاگوٽوبا ٽيڪ سنگھٽاموعمر بن محمد دائود پوٽوبنگلاديشڊرامومارئيشاھ جا سرارنيسٽ ٽرمپ جو ترتيب ڏنل شاھ جو رسالوبين الاقوامي پيمائش سلسليوار ڳڻپڏکڻ ڪورياتجارتي نشانرسالورامڪليوبائي زڪامسنڌ تي ڌارين جون ڪاهونپاڻيعالمي معياري ڪتاب نمبراخلاق انصاري308عسچل سرمسترديفبرساتڳئون1 سيپٽمبرويب هوسٽنگ سروسآڪسيجنڏکڻ آفريڪاتاريخي تنقيدحق ۽ واسطاجريبرومي سلطنتاسانشيونآغا سراج درانيوڪي مينياترڪيبسماجي اڀياس7 ڊسمبرسمن جو راڄگرامرڊونلڊ ٽرمپمريخاصل وڏو قصو گل بڪاولي ۽ تاج الملوڪ جو باتصاوير (ڪتاب)افغانستانديپڪ آشا2 سيپٽمبر1971علڪشميگرين هائوسلقب701عآمريڪي ڊالرڌرتيمشتريتاروڄام تماچيوڪيميڊيا فائونڊيشنٽماهي مهراڻ🡆 More