انسان جي رت جي دوري جو سرشتو دل ۽ رت جي نالين تي مشتمل آهي.
دل (Heart ):مشڪن جو هڪ عضوو آهي، جيڪو رت کي جسم جي مختلف حصن ڏانهن ڌڪي ٿو يعني پمپ ڪري ٿو. هيءَ هڪ سخت پردي ۾ ويڙهيل ٿئي ٿي، جنهن کي دل جي ڳوٿري (پيريڪارڊيم) چئبو آهي. دل جا چار خانا ٿين ٿا: مٿين ٻن خانن کي ڪَنوتيون (Auricles) ۽ هيٺين ٻن خانن کي ’وينوتيون‘ (Ventricles) چئبو آهي. دل جو ساڄو ۽ کاٻو -پاسو-، پوريءَ طرح هڪٻئي کان جدا ٿين ٿا، -جن- ۾ ترتيبوار خراب ۽ سٺو رت هوندو آهي. رت جو دورو: خون، دل جي وينٽريڪل (Ventricle) مان نڪري پلمونري شريانن (Pulmonary artery) مان ٿيندو ڦڦڙن ۾ وڃي ٿو. هتي -آڪسيجن- جذب ڪري ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ خارج ڪري ٿو. اهو خون واپس پلمونري شريانن جي وسيلي کٻي اوريڪل (Auricle) ۾ اچي وڃي ٿو. کٻي پاسي وارو اوريڪل صاف خون کٻي وينٽريڪل ۾ پمپ ڪندو آهي. هتان صاف خون شريان ڪبير (Aorta) ۾ پهچي ٿو. شريان: ڪبير اسان جي جسم ۾ سڀ کان وڏي شريان آهي جيڪا اڳيان هلي ننڍين شريانن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article رت جي دوري جو سرشتو, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.