اوڀر تيمور: ايشيا جو ملڪ

اوڀر تِيمَور يا ايسٽ تِيمَور (انگريزي: East Timor ) (i/ˌiːst ˈtiːmɔr/) جنھن جو سرڪاري نالو ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف تِيمَور-لَيسٽَي آھي.

پورچوگيزي ٻولي ۾ ان جو نالو ڊيموڪريٽيڪا ڊي تيمور ليسٽي آھي اھا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ اوشيانا جي سمنڊ ۾ واقع ھڪ خودمختيار رياست آھي. جيڪا تيمور ٻيٽ جي اوڀر واري حصي ۽ ڀر وارن ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي.ان جي ويجھن ٻيٽن جا نالا اتائرو، ياڪو ۽ اوئيڪس آھن. ايسٽ تيمور جي اولھ ۾ انڊونيشيا جو علائقو ويسٽ تيمور ۽ ڏکڻ ۾ تيمور سمنڊ جي پار آسٽريليا واقع آھن. ملڪ جي ڪل پکيڙ 15,007 ڪ م (5,794 ميل) آهي. ڏکڻ اوڀر ايشيا جو فلپائينز کان پوءِ ٻيو واحد ملڪ آهي جنھن جي آبادي جي اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آھي.

ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف تِيمَور - لَيسٽَي
(ايسٽ تِيمَور)

ڊيموڪريٽيڪا ڊي تيمور ليسٽي (پورچوگيزي)
ريپبليڪا ڊيموڪريٽيڪا تيمور ليسٽي(ٽَيٽُم ٻولي)
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: 'Unidade, Acção, Progresso  (پورچوگيزي)
(سنڌي: "اتحاد، عمل، ترقي")
ترانو: Pátria  (پورچوگيزي)
(سنڌي: "اباڻو وطن")
Location of
جو مقام
گادي جو هنڌ دلي
سڀ کان وڏو شهر دلي
دفتري ٻوليون
قومي ٻوليون


96.9% رومن ڪيٿولڪ مذھب

3.1% ٻيا مذھب.
مقامي آبادي اوڀرتيموري
تيموريز
مئوبيري (غير رسمي)
حڪومت وحداني نيم صدارتي آئيني ريپبلڪ
• صدر
فرانسسڪو گوترريش
• وزيراعظم
جَوسَي ماريا واسڪَونڪِيلَس
مقننه نيشنل پارليامينٽ
ملڪ جو قيام
• پورچوگيزي تيمور
16ھين صدي عيسوي
• آزاديء جو اعلان ڪيو ويو
28 نومبر 1975
• ايسٽ تيمور بطور انڊونيشيا جو صوبو
17 جولاءِ 1976
• 
25 آڪٽوبر 1999
• 
20 مئي 2002
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number] (154th)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2015 مردم شماري
1,167,242
•  گھاٽائي
78 /km2 (202.0 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.567 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$5,479 (148th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2014 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.498 ارب ڊالر

نالي جو مطلب

لفظ تيمور ملائي ٻولي جي لفظ تمور مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي اوڀر. تمور لفظ کي پورچوگيزي م تيمور ڪري اچاريو ويو. پورچوگيزي ٻولي ۾ اوڀر کي ليسٽي چوندا آهن. اھڙي طرح تيمور ليسٽي جو مطلب اوڀر اوڀر آهي

تاريخ

آڳاٽو دؤر

اوڀر تيمور جي اخري اوڀر واري ڇيڙي ۾ واقع جيري ملائي غار مان 42000 سال اڳ جا انساني مشغوليت جا ثقافتي آثار مليا آهن جن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سڀ کان قديم انساني علائقو اوڀر تيمور آھي علائقي جي ٽن وڏين قديم ترين ھجرتن ۾ شامل انسانن جا پونئير اڃان تائين اتي رھندڙ آھن. انھن مان پھرين ھجرت ۾ آسثريلو ميلينيشائي نموني وارا سريلنڪا واري پاسي جا ويدا شامل ھيا. ٻي ھجرت 3000 ق م ۾ ٿي جنھن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي خطي ۾ ميلنيشيائي آيا جن جي ڪري ويدا ماڻھن پنھنجا علائقا ڇڏي جبلن پاسي منتقل ٿي ويا ۽ ميلنيشيائي ماڻھن انھن جي جاء ورتي. ٽين وڏي ھجرت ۾ ڏکڻ چين ۽ اتر انڊو چائنا مان پورٽو ملائي ماڻھو اتي لڏي آيا موجوده ھاڪا واپاري انھن ٽين ھجرت ڪندڙن جا پونئير آهن.

ڪلاسيڪي دؤر

يورپي نوآباديت کان اڳ واري (1515ع کان پھريان) دؤر ۾ تيمور انڊونيشيائي، ملائيشيائي، چيني ۽ ھندي واپاري ڄار ۾ شامل ھيو. چوڏھين صدي عيسويءَ م خوشبودار صندل، غلام، ماکي ۽ ميڻ برآمد ڪندو هو. پندرهين صدي جي شروعات ۾ تيموري ماڻھن جا موجوده فلپائين جي اتر ۾ واقع ٻيٽ لوزان (پورچوگيزي ۾ لوسيش) سان فوجي تعلقات ھئا صندل جي ڪثير پيداوار يورپين کي سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي آندو

پورچوگيزي تيمور (1769–1975)

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
پورچوگيزي تيمور (1935–1975) جو نسبتي نشان

پورچوگيزين واپارين جي آمد بعد انھن ھتي ٻاھرين پاسن تي چوڪيون قائم ڪيون. 1769ع ۾ انھن دلي شھر جو بنياد وجھي تيمور کي پنھنجي پورچوگيزي تيمور نالي ڪالوني قرار ڏنو

ٻين جنگ عظيم ۾ پھرين اتحادين ۽ پوء جپاني ايمپائر دلي تي قبضو ڪيو ۽ پوء ملڪ جو اندروني جابلو حصو گوريلا جنگ جو مرڪز ٿي ويو جيڪا 1942-1943 واري تيمور واري جنگ سڏبي آھي. جپاني قبضي خلاف اھا جنگ اوڀر تيمور جي رضاڪارن ۽ اتحادين گڏجي شروع ڪئي جنھن ۾ 40 کان 70 ھزار اوڀر تيموري شھري مارجي ويا. جپاني فوج اوڀر تيمور جي سرزمين تان سمورن اتحادي فوجين جو صفايو ڪري ڇڏيو. جيئن ئي ٻين جنگ عظيم ۾ جپان ھٿيار ڦٽا ڪيا تہ پورچوگال اوڀر تيمور تي پنھنجو قبضو بحال ڪيو. 1974ع ۾ پورچوگال ۾ گلن وارو انقلاب اچڻ بعد پورچوگال تيمور واري ڪالوني ترڪ ڪري ڇڏي اھڙي طرح تيمور تان پورچوگيزي تسلط جو خاتمو آيو.

انڊونيشيا جو قبضو (1975-1999)

1975ع ۾ تيمور ۾ سياسي جماعتن وچ ۾ گھرو ويڙھ ڇڙي پئي. آگسٽ 1975ع ۾ اوڀر تيمور جي آزادي چاهيندڙ انقلابي محاذ فريٽيلن تيمورين ڊيموڪريٽڪ يونين جي فوجي بغاوت جي ڪوشش جي مزاحمت ڪئي ۽ 28 نومبر 1975ع ۾ اوڀر تيمور پنھنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو. انڊونيشيائي ٻيٽن جي جھرمٽ ۾ ڪميونسٽ رياست جي قيام جي ڊپ جي ڪري انڊونيشيائي فوج ڊسمبر 1975ع ۾ اوڀر تيمور تي حملو ڪيو 17 جولاءِ 1976ع تي انڊونيشيا اوڀر تيمور کي پنھنجو صوبو قرار ڏنو گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ان فوجي ڪاروائيءَ جي مخالفت ڪئي ۽ گڏيل قومن ۾ تيمور جي پراڻي پورچوگيزي انتظام ھيٺ غير خودمختيار خطي واري نالي ماتر حيثيت کي جاري رکيو. انڊونيشيائي تسلط دوران مزاحمتي تحريڪ جاري رھي. 2001 ۾ گڏيل قومن جي اوڀر تيمور ۾ عارضي انتظاميه طرفان حقيقتن جاچڻ لاء قائم ٽرٿ ڪميشن جي رپورٽ مطابق 1974 کان 1999 تائين ان تڪرار سان لاڳاپيل تشدد ۾ اوڀر تيمور جا 102,800 ماڻھو فوت ٿيا جن مان 18,600 ماريا ويا ۽ 84,600 بک ۽ بيمارين ۾ مري ويا. 1975ع کان 1998ع تائين اوڀر تيمور جي قومي آزادي وارج ھٿياربند فورس (فيلنٽل) انڊونيشيا جي فوج سان ويڙھ جاري رکي. 1991ع ۾ دلي واري قتل عام آزادي جي تحريڪ کي ھڪ اھم موڙ تي پھچايو. پورچوگال، فلپائين، آسٽريليا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ آزادي جي ان تحريڪ سان يڪجهتي کي اڀاريو.

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
سيپٽمبر 1999ع ۾ آسٽريليا ۾ اوڀر تيمور جي انڊونيشيائي تسلط کان آزادي جي حق ۾ مظاھرو

انڊونيشيا جي صدر سوھارتو جي استعفیٰ بعد گڏيل قومن انڊونيشيا ۽ پورچوگال ۾ ھڪ معاھدو ڪرايو جنھن تحت ٻئي ملڪ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ اوڀر تيمور ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ لاء راضي ٿي ويا جيڪو 30 آگسٽ 1999 تي ٿيو. اوڀر تيمورين آزادي جي حق ۾ راء ڏني. انڊونيشيا نواز مليشيا ان باوجود تيمور جي وحدت لاءِ بضد ھئي جنھن ڪري تشدد کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن انٽرنيشنل فورس ايسٽ تيمور مختصرن انٽرفيٽ (INTERFET) نالي امن فوج تيار ڪري موڪلي. ان ذريعي اوڀر تيمور ڇڏي پناهگير ٿيل ماڻھن کي واپس آندو ويو 25 ڊسمبر 1999 تي اوڀر تيمور جو عارضي طور تي انتظام گڏيل قومن جي حوالي ٿيو جنھن جو سربراھ سرجيو ويئائرا ڊي ميلو کي بڻايو ويو فيبروري 2000 ۾ انٽرفيٽ امن فوج جي اتي تعيناتي ختم ڪئي وئي ۽ فوجي ڪمان انٽرفيٽ کان گڏيل قومن کي منتقل ڪئي وئي.

خودمختيار اوڀر تيمور

30 آگسٽ 2001 تي اوڀر تيمور ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ آئين ساز اسيمبلي جي قيام واري پھرين چونڊ ٿي 22 مارچ 2002 تي آئين ساز اسيمبلي ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو مئي 2002 تائين 205000 پناهگير واپس اوڀر تيمور موٽي چڪا ھئا 20 مئي 2002 تي آئين نافذ ٿي ويو جنھن تحت ملڪ جو نالو ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ايسٽ تيمور رکيو ويو. ايسٽ تيمور ھڪ خودمختيار ملڪ بڻجي ويو جنھن کي گڏيل قومن تسليم ڪيو آئين ساز اسيمبلي جو نالو مٽائي نيشنل پارليامينٽ رکيو ويو. شانانا گزمئو (Xanana Gusmão) ملڪ جو پھريون صدر ٿيو.

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
شانانا گزمئو اوڀر تيمور جو پھريون صدر

27 سيپٽمبر 2002 ۾ ملڪ جو نالو تبديل ڪري پورچوگيزي ٻولي وارو تِيمَور لَيسٽَي رکيو ويو ۽ ھي ملڪ گڏيل قومن جو رڪن ملڪ ٿي ويو. 2006 ۾ گھرو ويڙھ جي ڪري گڏيل قومن اتي امن فورس اماڻي. گھرو ويڙھ جي ڪري 155000 ماڻھو اتان بي دخل ٿي پناهگير ٿي ويا. گزمئو ٻيون دفعو ملڪ جو صدر ٿي پنھنجو مدو پورو ڪيو تہ جون 2007 ۾ وري پارلياماني چونڊون ڪرايون ويون جنھن ۾ جوسي راموس ھورتا صدر چونڊيو ويو گزمئو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
1996ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ جوسي راموس ھورتا ايسٽ تيمور جو ٻيون صدر ٿيو

فيبروري 2088ع ۾ راموس ھورتا فوجي بغاوت ۾ قاتلاڻي حملي ۾ سخت زخمي ٿيو باقي گزمئو پاڻ تي ٿيل فائرنگ مان بچي ويو. آسٽريليا مان ھڪدم امن فوج موڪلي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو اھڙي طرح مارچ 2011 ۾ گڏيل قومن پوليس جو ڪنٽرول ايسٽ تيمور جي اختياري جي حوالي ڪيو. 31 ڊسمبر 2012 تي گڏيل قومن جو اتي جاري امن مشن ختم ڪيو ويو.

جاگرافي

ايسٽ تيمور ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي سمنڊ ۾ واقع تيمور ٻيٽ جو حصو آهي. ان جي اتر ۾ اومبائي سامونڊي لنگھ، ويٽا سامونڊي لنگھ ۽ بانڊا سمنڊ واقع آھن. ڏکڻ ۾ تيمور سمنڊ ان کي آسٽريليا کان الڳ ڪري ٿو. ان جي اولھ ۾ انڊونيشيا جو صوبو اوڀر نوسا ٽينگارا واقع آهي. اوڀر تيمور جي 14٬919 km2 (5٬760 sq mi) ان کان سواءِ ان جو مخصوص سامونڊي معاشي زون 70٬326 km2 (27٬153 sq mi) آهي. ملڪ جو وڏو حصو جابلو آھي ۽ ان جو سڀ کان بلند ترين مقام ٽاٽامائلئو جبل ( راميلئو جبل) جي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 2٬963 ميٽر (9٬721 ft) بلند آھي. ھتان جي موسم ٽراپيڪل ۽ عام طور تي گھميل ۽ گرم ھوندي آھي. اھا موسمن مطابق برساتي ۽ خشڪ رھندي آھي. ملڪ جو گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر دلي آھي. ملڪ جو ٻيون نمبر وڏو شهر بائوڪائو آھي. اوڀر تيمور جو محل وقوع ڏکڻ واري ويڪرائي ڦاڪ جي متوازي °8 ۽ متوازي °10 ڊگرين تي ۽ اوڀر واري ڊگھائي ڦاڪ جي °124 ۽ °128 ڊگرين تي واقع آهي.

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق اوڀر تيمور جو نقشو

سياسي نظام

ھن ملڪ جو رياستي سربراھ ملڪ جو صدر آھي جنھن کي عوام ووٽن ذريعي پنجن سالن لاء چونڊيندو آھي. صدر جا اگزيڪيوٽو اختيار جيتوڻيڪ محدود آھن پر انھن اختيارن سان ھي چونڊ ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت يا اتحاد مان وزيراعظم کي مقرر ڪرڻ، وزيراعظم جي مشوري سان ڪابينه مقرر ڪرڻ سميت پارليامينٽ جي قانون ساز کي پڻ ويٽو ڪري سگھندو آھي. ملڪ جو وزيراعظم حڪومتي سربراھ ھوندو آھي ۽ ڪابينه جي صدارت ڪندو آهي.

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
دلي ۾ صدارتي محل نڪولئو لوباٽو

ايسٽ تيمور جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل پارليامينٽ آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جي رڪنن جي سڌي چونڊ عوام ڪندو آهي. پارليامينٽ جي رڪنن جو تعداد گھٽ ۾ گھٽ 52 ۽ وڌ ۾ وڌ 65 تائين ھوندو آھي. ايسٽ تيمور جو آئين پورچوگال جي آئين جي طرز تي ٺھيل آھي.

انتظامي ورهاست

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
اوڀر تيمور جون 13 ميونسپالٽيون

اوڀر تيمور ھيٺين 13 ميونسپالٽين ۾ ورھايل آھي جيڪي وري 65 انتظامي پوسٽن، 442 وڏن ڳوٺن (villages) ۽ 2225 ننڍڙن ڳوٺن (Hamlets) ۾ ورھايل آھن.

  1. اوئيڪس
  2. لڪئيسا
  3. دلي
  4. ماناتوتو
  5. بائوڪائو
  6. لائوٽيم
  7. بوبونارو
  8. ارميرا
  9. آئليئو
  10. وقيق
  11. ڪووا ليما
  12. آئنارو
  13. منوفاھي

معيشت

اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
اوڀر تيمور جي معيشت (ناليوار جي ڊي پي) (اڳوڻي ۽ ڊيٽا)
اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
اوڀر تيمور جي برآمدن جو چارٽ 2010
اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
آئليئو ضلعي جو ھڪ جابلو ڳوٺ
اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
دلي جو شاپنگ مال
اوڀر تيمور: نالي جو مطلب, تاريخ, جاگرافي 
دلي جي بندرگاھ

اوڀر تيمور جي معيشت مارڪيٽ واري معيشت آھي جيڪي ڪجهه شين جي برآمدن تي مشتمل آهي جن ۾ ڪافي، ماربل، پيٽروليم، ۽ صندل جي ڪاٺي شامل آهن 2011 ۾ معيشت جي واڌ جي شرح 10 سيڪڙو ھئي ۽ ساڳي شرح 2012ع ۾ پڻ برقرار رھي. ھن وقت اوڀر تيمور جي آمدني جو وڏو ذريعو سمنڊ اندر تيل ۽ گيس جا ذخيرا آھن جنھن جو ڪجهه حصو ھتان جي ٻھراڙيءَ جي ترقي تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. ٻھراڙيءَ جو گذارو زراعت تي آهي ھتي آبادي جي اڪثريت انتھائي غربت ۾ رھي ٿي 2005 ۾ ھتي تيمور ليسٽي پيٽروليم فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو 2011 تائين 8.7 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو. انٽرنيشل مانيٽري فنڊ مطابق اوڀر تيمور جي معيشت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ تيل تي مدار رکندڙ معيشت آھي. ملڪ جي لڳ ڀڳ سموري بجيٽ پيٽروليم فنڊ مان پوري ٿئي ٿي. بجيٽ 2004ع کان 2011ع تائين ۾ 7 ڪروڙ ڊالرن مان وڌي 1.3 ارب ڊالر ٿي ۽ 2012 ۾ اھا 1.8 ارب ڊالر مختص ڪئي وئي شروع م آسٽريليا سان تيل ۽ گيس جي معاھدي سان آمدني جو اڌ آسٽريليا کڻي ويندو هو پر 2006ع ۾ ان تڪراري معاھدي جي مسوخي سان ملڪي آمدني ۾ وڏو اضافو اچي ويو.

حوالا

Tags:

اوڀر تيمور نالي جو مطلباوڀر تيمور تاريخاوڀر تيمور جاگرافياوڀر تيمور سياسي نظاماوڀر تيمور انتظامي ورهاستاوڀر تيمور معيشتاوڀر تيمور حوالااوڀر تيمورListenآسٽريليااتائرو ٻيٽانڊونيشياانگريزياوئيڪس پرڳڻواوشياناتيمور سمنڊفائل:En-us-East Timor.oggويسٽ تيموروڪيپيڊيا:IPA for Englishياڪو ٻيٽ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

لزبن28 جنوري21 جنوريڌرتيءَ جو ڏينھنآفريڪا جا ملڪسون جو معيارمنظرٺٽ سولنگيھائيڪوڊراموعمر بن محمد دائود پوٽوفلسطينانڊونيشيامسجد نبويٽ��اٽ��روبيلاشهيد فاضل راهوبينظير ڀٽو10 جنوريسنگ سرماھيداميلي ٻوليآستراخان اوبلاسٽجابر بن اسعث طائيبلگارياڌرتيماسڪوميووانفرا ريڊصديبيربلکنڀيونھنورگيتزمبابويميڊياوڪيڏيوالوخودمختيار رياستڀاڀ ساھيتپو کڏھريٽيلي ڪميونيڪيشنبجڪوآبدوزچانڊيوملڪبيت12 ڊسمبرججشاھ جا سرواشنگٽن رياستسنڌي ادبکپروانساني جسمجنگبچو بادشاھليسوٿوموريتانيا2006عجنسي سنگاسماعيل عليہ السلامڌرمگڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو اداروخانپور، سنڌترجموچانهہڏورڪرپشن🡆 More