آسٽريليا: اوشيانا کنڊ جو ملڪ

آسٽريليا(انگريزي ٻولي: Australia) جنھن کي فيڊريشن آف آسٽريليا يا آسٽريليا جو وفاق پڻ چوندا آهن.

اهو لاطيني لفظ آسٽرالس مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڏاکڻي زمين“. ھن ملڪ جو سرڪاري نالو آسٽريليا جي دولت مشترڪه' يا ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا آهي اھو اوشيانيا کنڊ جو ھڪ خودمختيار ملڪ آهي جنھن ۾ آسٽريليا واري ڌرتيءَ سان گڏوگڏ تسمانيا ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا ٻيٽ شامل آهن. ھي ملڪ پکيڙ ۾ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آهي پر ان جي ابادي اڍائي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا ۽ وڏي ۾ وڏو شھر سڊني آھي. ملڪ جا ٻيا مشھور شھر ميلبورن، برسبين، پرٿ ۽ ايڊيليڊ آھن. ھي ملڪ زندگي جي گوناگونيت سان ڀرپور آهي. ھتي مختلف قسمن جا زميني ميدان، ريگستان، جبل، ٻيلا، درياء ، ڍنڍون ۽ سمنڊ واقع آھن جن ۾ جانورن ، پکين ، ريڙهيون پائيندڙ جانورن، مڇين، جيتن وغيره جون بي شمار جنسون ملن ٿيون. ملڪ جي آبادي جي گھاٽائي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ م گھٽ م گھٽ واري آھي. ھتي ھڪ چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ لاء صرف 2.8 ماڻھو آھي ھن ملڪ جي آمدني جي ذريعن م کاڻون، ٽيلي ڪميونيڪيشن، بينڪاري، صنعت، تعليم شامل آهن. ھي ملڪ تمام گھڻو ترقي يافته آهي جيڪو ڪل قومي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي چوڏھين وڏي معيشت آھي. في ڪس آمدني جي لحاظ کان ھي ملڪ عالمي بينڪ جي ڏنل درجي مطابق دنيا م ڏھين نمبر تي آهي. فوجي خرچن جي لحاظ کان دنيا م 13 نمبر تي آهي

ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا

A blue field with the Union Flag in the upper hoist quarter, a large white seven-pointed star in the lower hoist quarter, and constellation of five white stars in the fly – one small five-pointed star and four, larger, seven-pointed stars.
نِسبتي نشان Australia
جھنڊو نِسبتي نشان
Location of Australia
گادي جو هنڌ ڪينبرا
35°18′29″S 149°07′28″E / 35.30806°S 149.12444°E / -35.30806; 149.12444
سڀ کان وڏو شهر سڊني
قومي ٻولي آسٽرلين انگلش
مقامي آبادي
  • آسٽريلين
    آزي (محاورتن)
حڪومت فيڊرل پارليامينٽري ۽ آئيني بادشاهت
راڻي ايلزبيٿ ٻين
سر پيٽر ڪوسگروو
ميلڪم ٽرن بل
• نائب وزيراعظم
مخائيل ميڪ ڪورمئڪ
• چيف جسٽس
سوسن ڪيفل
• سينيٽ جو صدر
اسڪاٽ رئن
• اسپيڪر
ٽوني سمٿ
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ريپرزنٽٽيٽو
'خودمختياري: گريٽ بريٽن ۽ آئرلينڊ جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
•  وفاق جو آئين
1 جنوري 1901
• ويسٽ منسٽر وارو قانون نافذ ٿيو
9 آڪٽوبر 1942
( 3 سيپٽمبر 1939 کان عمل ۾ آيو)
• آسٽريليا جو 1986 وارو قانون
3 مارچ 1986
پکيڙ
• جملي
7٬692٬024 km2 (2٬969٬907 sq mi) (6th)
• پاڻي (%)
0.76
آبادي
• 2024 اندازو
26,386,200 (51st)
• 2016 مردم شماري
23,401,892
•  گھاٽائي
3.4 /km2 (8.8 /sq mi) (236th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.296 ٽرلين ڊالر (19th)
• في سيڪڙو
$51,536 (17th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.48 ٽرلين ڊالر (13th)

تاريخ

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
اولھ آسٽريليا جي ڪمبرلي واري علائقي ۾ پٿرن تي قديم ابارجين ماڻھن جي آرٽ

ھن سرزمين تي انساني آبادي جي شروعات 65000 سال اڳ ٿي ھئي. تاريخ جي دور کان اڳ جا ماڻهو ڏکڻ اوڀر ايشيا ما 40000 ھزار سال اڳ داخل ٿي علائقي واسي ٿيا. ھتان جا اصل مقامي ابارجين رھاڪو 65000 سالن کان اتي رھندڙ آھن. آسٽريليا م سڀ کان قديم انساني باقيات منگو ڍنڍ وارا باقيات آهن جيڪي 41000 سال پراڻا آهن. ان باقيات جي علائقي جا رھاڪو موجوده ابارجين رھاڪن جا ابا ڏاڏا ھيا. آسٽريليا جي ابارجين تھذيب ڌرتي جي قديم تھذيبن مان ھڪ آھي. يورپين جي آمد وقت ھتان جا مقامي رھاڪو شڪاري ھيا ۽ انھن جي معيشت ۽ سماج پيچيده ھيو موجوده آثار قديم جي ماھرن جي اندازن مطابق انھن جي آبادي 750000 تائين ھئي. ابارجين مقامي رھاڪن جي ثقافت زباني روايتن تي مشتمل ھئي جيڪي نسل در نسل منتقل ٿينديون رھيون. آسٽريليا جي ڪئينسلينڊ واري پاسي ٽوريس واري سامونڊي لنگھ جي ٻيٽن ۾ رھندڙ ماڻھو وري ابارجين رھاڪن کان مختلف ھئا. نسلي طور تي اھي ميلنيشيائي ھيا ۽ انھن جو گذران موسمي زراعت ۽ سامونڊي ۽ جابلو وسيلن تي ھوندو ھيو. آسٽريليا جي اترين سامونڊي پٽي تي ماڪاسار نسل جي ماڻهن جي گھڻي اچ وڃ ھئي جيڪي انڊونيشيائي مھاڻا ھيا.


يورپين جي آمد

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
آسٽريليا جي علائقائي ارتقا

يورپي ھن سرزمين تي سترھين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا.1770 ۾ يورپين مان سڀ کان پھريون ڪيپٽن جيمز ڪڪ اوڀر واري ساحل تي ڪجهه زميني حصي تي قبضو ڪري اولھ آسٽريليا جي نالي سان ھڪ برطانوي ڪالوني جو بنياد وڌو جنھن کان پوء اوڻويھين صدي تائين ڇھ ٻيون ڪالونيون قائم ٿيون جنھن کان پوءِ اڳتي ھلي سموري آسٽريليا تي برطانيا جو قبضو ٿي ويو، ۽ 1901 ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا ۾ تبديل ٿي ويو. ھي نئون ملڪ پنھنجي قدرتي وسيلن جي ڪري جلدي ترقي ورتي.

جاگرافي

هي ملڪ ڏکڻ اولهه پيسفڪ سمنڊ ۾ آهي، هن جي اتر ۾ تيمور ۽ آرا فورا سمنڊ، اوڀر ۾ ڪورل سمنڊ ۽ تسمان سمنڊ ۽ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
آسٽريليا جو جھندو
آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
انڊين پيسيفڪ

آسٽريليا زمين جي ڏکڻ پاسي واري اڌ ڀاڱي تي هڪ ڌار وڏو کنڊ ۽ هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هي ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 7692300 چورس ڪلوميٽر (2266150 چورس ميل) ۽ آبادي ٻن ڪروڙن کان مٿي آهي. گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا (Canberra) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ڪاسڪيوسڪو (بلندي: 2230 ميٽر) آهي.

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
اوپيرا ھائوس

آسٽريليا جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته هتي اٽالين ۽ يوناني پڻ ڳالهائجن ٿيون، موسم گرم ۽ خشڪ هوندي آهي. اندرين علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آهي.

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
ميلبورن جي سانجھي

آسٽريليا جو محل وقوع يا دنيا جي نقشي ۾ بيھڪ 27 00 S, 133 00 E. ھن کي اوشنيا به چوندا آهن. ھن جي پکيڙ 7,741,220 sq km آھي جنھن مان 7,682,300 sq km خشڪي ۽ 58,920 sq km پاڻي اٿس. دنيا جو پکيڙ ۾ ستون وڏو ملڪ آهي. ھن جي سرحد جي ڊيگھ 25,760 km آھي جيڪا صرف سمنڊ سان لڳي ٿي. سمنڊ ۾ ان جو علائقو چوڌاري خشڪيءَ کان 12 ناٽيڪل ميلن تائين آهي. سطح سمنڊ کان ان جي سراسري اوچائي 330 ميٽر آهي. اونھو مقام اير ڍنڍ Lake Eyre آهي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 15 ميٽر ھيٺ`آھي. سڀ کان اوچو مقام ڪاسڪيئوسڪو جبل Mount) (Kosciuszko جي چوٽي آھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 2,228 m بلند آهي. ھن ملڪ جا قدرتي وسيلا باڪسائيٽ، ڪوئلو، ڪچو لوھ، ٽامو،ٽين ، سون ، چاندي، يورينيم، نڪل ، ٽنگسٽين، شيھو، زنڪ، ھيرا، قدرتي گيس، پيٽرول وغير آھن. آسٽريليا دنيا ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ايڪسپوررٽر آهي ۽ پوري دنيا جي ڪوئلي جي برآمد جو 29 سيڪڙو ھن ملڪ جو آهي. ھن جي 57.4 سيڪڙو زمين زراعت سان لاڳاپيل آهي جنھن جو 47.1 سيڪڙو چراگاھون ۽ 19.3 سيڪڙو ٻيلا آهن.6.2 سيڪڙو وري آبپاشي تي آباد ٿئي ٿي جنھن جي ايراضي 25000 چورس ڪلوميٽر آهي.

معيشت

آسٽريليا جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، جوئر، ڪمند، ڪپهه، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن. هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، ايليومينم، گاڏيون، ڪپڙي جي اڻت، مشينري، سياحت، ان ۽ گوشت جي پيڪنگ آهي ۽ مکيه معدنيات، لوهه، ڪوئلو، باڪسائيٽ، ٽامو، سون، چاندي، قلعي، يورينيم، پيٽروليم، گيس، هيرا ۽ جست آهي.
ھن ملڪ جي پر ڪيپيٽا جي ڊي پي ،2017 ۾ 49900 ڊالر ھئي ۽ ساڳي سال جي.ڊي.پي. واڌ 2.2 سيڪڙو ھئي.2017 ۾ ملڪ م افراط زر 2.2 سيڪڙو ھيو ۽ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ آسٽريلين ڊالر جي طاقت 1.31 ھئي. ھتي سئو سيڪڙو آبادي کي بجلي جي سھولت ڏنل آهي.2015 م ھتي بجلي جو استعمال 223600 ميگاواٽ ھيو جڏھن تہ مجموعي ملڪي پيداوار 237900 ميگاواٽ ھئي.ملڪ ۾ 2013 ۾ ايئرپورٽن جو تعداد 480 ھيو.ملڪ ۾ ريلوي لائين جي ڊيگهه 33343 ڪلوميٽر آهي ۽ روڊن جي ڊيگھ 873573 ڪ م آھي. ملڪ ھر سال جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو دفاع تي خرچ ڪندو آھي.

ماڻھو ۽ آبادي

آسٽريليا کي خوش بختيءَ جي زمين به چيو ويندو آهي. هتي سڀ کان اڳ جيڪي ماڻهو اچي آباد ٿيا، سي شايد تسمانين هئا، -جن- 40 هزار سال اڳ ڏکڻ ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري تسمانيا اچي وسايو، جيڪي آسٽريليا جا اصلوڪا رهواسي ابارجين سڏيا ويندا آهن. جڏهن ته گوري نسل جا ماڻهو گهڻو ڪري انهن يورپي خاص ڪري انگريز ماڻهن جو اولاد آهن، جن کي قيدين جي صورت ۾ ٻيڙن ذريعي هن ڏورانهين کنڊ تي اڇلايو ويندو هو. 10هين صدي عيسويءَ ۾ پهريون مسلمان هتي واپار جي غرض سان آيو. 14هين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان آسٽريليا جي اترئين ڪناري تي آباد ٿيڻ لڳا، جنهن تي عرب واپارين جو ڪنٽرول هو. يورپي 17هين صدي عيسوي ۾ آيا. ولنڊيزي 18 هين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا ۽ هن کي نيو هالينڊ جو نالو ڏنائون. 20 -اپريل- 1770ع تي ڪيپٽن جيمز ڪڪ برطانيا پاران اوڀرئين ڪناري تي قبضو ڪيو، جتي اصلوڪا قبيلا آباد هئا.
جولائي 2017 مطابق ھن ملڪ جي آدمشماري 23,232,413 ھئي ۽ ان مطابق دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ھم ملڪ جو نمبر 56 وڃي بيٺو. ھتان جي ماڻھن کي آسٽريلين ۽ سنڌي ۾ آسٽريليائي چون ٿا. آبادي جي ان تعداد ۾ 25.9 سيڪڙو انگريز، 25.4 آسٽريلين، 7.5 آئرش، 6.4 اسڪاٽش، 3.3 اٽالين، 3.2 جرمن، 3.1 چينيئ، 1.4 ھندوستاني، 1.4 يوناني،1.2 ڊچ، 15.8 ٻيا جن ۾ آسٽريليا جا پراڻا رھاڪو بہ شامل آھن . ھن ملڪ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا جن ۾ 76.8 انگريزي، 1.6 مينڊرين Mandarin، 1.4 اٽالين ٻوليءَ وارا، 1.3 عربي 1.6 يوناني، 1.2 ڪينٽونيزي ٻولي، 1.1 ويٽ نامي ٻوليون ڳالھائيندڙ آھن. ھن ملڪ ۾ مذهب سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ پوري آبادي جو 23.1 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ، 22.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ آهن.2.6 مسلمان، 2.4 ٻڌ ۽ 1.9 ھندو ۽ باقي ٻيا عيسائي فرقا ۽ ٻيا مذھب آھن.

سياسي انتظام

آسٽريليا هڪ فيڊريشن آهي، جتي آئيني بادشاهت ۽ برطانوي طرز جي پارلياماني جمهوريت آهي. راڻي ايلزبيٿ-II رياست جي سربراھ ۽ هٿياربند فوجن جي سپريم ڪمانڊر آهي.
آسٽريليا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1901ع آهي ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري جي ميمبرشپ پهرين نومبر 1945ع کان مليل آهي. 2010ع جي غير سرڪاري انگن اکرن موجب آسٽريليا جي آبادي 22,333,569 آهي.

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
ڪينبرا جي پارليامينٽ


آسٽريليا ۾ 6 رياستون ۽ ٻہ خطا آهن:

  1. نيو سائوٿ ويلز
  2. ڪئينسلينڊ
  3. سائوٿ آسٽريليا
  4. تسمانيا
  5. وڪٽوريا
  6. ويسٽرن آسٽريليا


ھي ملڪ پھرين جنوري 1901 ۾ برطانيا کان آزاد ٿيو. آئين به ساڳي سال خودمختياري سان گڏوگڏ لاڳو ٿيو. ھتي ڪامن لا سسٽم مروج آھي. شھريت جي لاءِ لازم آهي تہ والدين مان ڪو ھڪ آسٽريلين ھجي. ڪو به ٻار اتي ڄمڻ سان شھري نہ ٿو ٿي سگهي . ووٽ جو حق ھتي 18 سال جي عمر ۾ شروع ٿيندو آهي. ھن ملڪ جي پارليامينٽ ٻن ايوانن تي مشتمل آهي جن ۾ ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن 76 سيٽون آھن جن مان ھر رياست کي 12 جيڪي 72 ٿينديون ۽ باقي 4 خطن جون آھن يعني 2 وفاقي گاديءَ وارو خطو ۽ باقي 2 ٻئي خطي جون. سينيٽر 6 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن ۽ اڌ ميمبر ھر 3 سالن ۾ نوان ايندا آھن . ٻيو ايوان ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز آھي جنھن جا 150 ميمبر آھن. ھن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت ھاء ڪورٽ آف آسٽريليا آھي جنھن ۾ چيف جسٽس سميت ست جج آھن.

مکيہ شھر

آسٽريليا جا مشھور شھرن ۾ شامل آهن: ڪينبرا ، پرٿ، ايڊيليڊ، ميلبورن، سڊني، ڊارون، برسبين، نيوڪاسل، جيرالڊٽن ۽ پورٽ لنڪن وغيره

آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
مائونٽ ائنسيلي تان نظر ايندڙ ڪينبرا جي سانجھيءَ (twilight) وارو منظر
آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
پرٿ جو افقي منظر
آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
ايڊيليڊ جو مونٽ لافٽي
آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
ڊارون جو مرينا نار
آسٽريليا: تاريخ, جاگرافي, معيشت 
پورٽ ھوبرٽ مرينا جي خليج تي

کاڌا

حوالا


Tags:

آسٽريليا تاريخآسٽريليا جاگرافيآسٽريليا معيشتآسٽريليا ماڻھو ۽ آباديآسٽريليا سياسي انتظامآسٽريليا مکيہ شھرآسٽريليا کاڌاآسٽريليا حوالاآسٽريلياانگريزياوشيانياايڊيليڊبرسبينسڊنيميلبورنپرٿڪل قومي پيداوارڪينبرا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

حيدر بخش جتوئيعالمگير ويبفلوريڊاآنوآتم ڪهاڻيموبائل فونآذربائيجاني ٻوليڄام ڪرنحقيقتآڱوٺوموريشسٻيڙيروجھڪوروناوائرسعبدالستار ايڌيايڪواڊورپگهار699عهندوڌرمبرونڊيبينظير انڪم سپورٽ پروگرامآمريڪا جون گڏيل رياستونآمنه خميساڻيوڪي قولگھرڪاروباردھشتگرديقومآسٽريلياعورت (ڪتاب)1634عجنطيانہلائوسپاڻيخودڪلامي (سودائي پڻو)پارليامينٽري نظامٻوٽاجمالياتي قابليتطبيباتر آمريڪامادوججڪارونجھر جبل جو سلسلونئيگانڊونيشياعيدالاضحيٰورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشنوبائي زڪامهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجداؤد عليہ السلامماسڪوبرابر عالمي وقتليکڪسينيگال1165عارجنٽائنمڪليريپبلڪ🡆 More