اورنگزيب عالمگير

محي الدين محمد(انگريزي: Muhi-ud-Din Muhammad) اورنگزيب عالمگير(انگريزي: Aurangzeb Alamgir) تاريخ 3 نومبر 1618 ۾ پيدا ٿيو ۽ 3 مارچ 1707 ۾ وفات ڪيائين.

کيس عام طور تي اورنگزيب جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ سندس لقب عالمگير جي معني آھي دنيا جو فاتح. پاڻ ڇھون نمبر مغل شھنشاھ ھيو ۽ کيس آخري طاقتور مغل بادشاه سمجھيو ويندو آھي جنھن 49 سال حڪومت ڪئي ۽ 1707 ۾ پنھنجي وفات تائين بادشاھ رھيو.ھن پنھنجي ايمپائر جي سرحدن ۾ وڏو اضافو ڪيو تقريبن پوري ڏکڻ ايشيا تي سندس حڪومت ھئي . ھن جي سلطنت 40 لک چورس ڪلوميٽرن جي لڳ ڀڳ ھئي. جنھن جي آبادي اٽڪل 15,80،00,000 ھئي. 45 سلطنت جي سالياني آمدني 45 ڪروڙ ڊالر ھئي جيڪا ان وقت جي فرانس جي لوئي چوڏهين جي بادشاھت کان ڏھوڻي ھئي , ھن جي دؤر ۾ مغل ايمپائر چين جي معيشت کان بہ وڏي معيشت رکندڙ ھئي .اورنگزيب جي شخصيت تاريخ ۾ تڪراري رھي آھي . ھن جي خلاف مندرن کي ڊاھرائڻ واريون ڳالهيون تاريخ ۾ تڪراري آھن . ڪن مؤرخن جو خيال آهي تہ اھي تہ اھو تاريخ ۾ حقيقت جي برعڪس وڌاء ڪيو ويو آهي ڇوتہ ھن مندر ٺھرايا ۽ انھن جي مرمت پڻ ڪرائي ھئي. رياست جي ڪامورا شاھي ۾ اڳين بادشاهن جي ڀيٽ ۾ کوڙ ھندو وڌيڪ ڀرتي ڪيا ھيا ۽ شيعن يا ھندن جي خلاف دشمني جي مخالفت ڪئي ھئائين

اورنگزيب عالمگير
محي الدين
اورنگزيب عالمگير
شھنشاھ اورنگزيب درٻار ۾ تخت تي ويٺل
ڇھون مغل بادشاه
31 جولائي 1658 – 3 مارچ 1707
پيشرو * شاھجھان
جانشين محمد اعظم شاھ (نالي ۾ بادشاھ رھيو)
بھادر شاھ پھريون
Consort دلرس بانو بيگم
زالون نواب بائي
اورنگ آبادي محل
نسل
پورو نالو
محي الدين محمد
Regnal name
عالمگير
گهراڻو تيموري
شاھي گھراڻو تيموري مغل
پيءُ شاھجھان
ماءُ ممتاز محل
جنم محي الدين محمد
3 نومبر 1618(1618-11-03) (N.S.)
داھود، مغل ايمپائر موجوده گجرات رياست، ڀارت
لاڏاڻو 3 مارچ 1707 (N.S.) (aged 88)
احمد نگر، مغل ايمپائر موجوده مھاراشٽرا
تدفين اورنگزيب جو مقبرو،خلد آباد
مذھب اسلام

ننڍپڻ ۽ تعليم

 کيس پيءُ شاهجهان، اورنگزيب جو خطاب ڏنو هو. اورنگزيب 3 نومبر 1618ع تي مالوه جي سرحد ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ارجمند بانو  هو. جيڪا ’ممتاز محل‘ جي نالي سان مشهور آهي.  

جڏهن اورنگزيب جي ڄمار 2 سال هئي، تڏهن سندس ڏاڏو جهانگير -بادشاهه- هو، جنهن خلاف شاهجهان -بغاوت- ڪئي. هو ٻارن سميت -بنگال- آيو، -جتي- چار سال رهڻ کان پوءِ هن معافي ورتي. پوءِ اورنگزيب جي پرورش نورجهان ڪئي. اورنگزيب جي ھڪ ڀاءُ جو نالو دارا شڪوه هو. اورنگزيب -ان- وقت جي مشهور عالمن وٽ -تعليم- حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف به حفظ ڪيائين. ساڳئي وقت فن ۽ ادب سان چاهه به هئس. هن فارسيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا.

شاھجھان جي انتظاميه ۾ خدمتون

1636ع کان هن باقاعدي فوج جي ڪمان سنڀالڻ شروع ڪئي. پهرين دکن ۾ هو، -جتي- هن بغاوتون ختم ڪيون ۽ ٻيا به ڪارناما سرانجام ڏنا.1 ذوالحج 1059ھ کان 12 رمضان 1061ھ شاهه جهان لاهور ۾ هجڻ وقت کيس ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ۽ ملتان ۽ بکر جاگير ۾ ڏنائينس، پاڻ ٺٽي ۾ نه آيو پر پنهنجا نائب موڪليائين، 12 رمضان 1062ھ تي کيس دڪن جي صوبيداري مليس..

تخت لاءِ ويڙھ

جڏهن شاهجهان بيمار ٿي پيو ته داره شڪوهُ حڪومت جو انتظام سنڀاليو، جنهنڪري مختلف هنڌن تي الڳ بادشاهتون قائم ٿيون. پر اورنگزيب به ماٺ ڪري نه ويٺو هن پنهنجي ننڍي -ڀاءُ-، مراد کي ساڻ ڪري حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1957ع ۾ شاهه جهان بيمار ٿيو، ته سن 1658ع ۾ اورنگزيب کيس هڪ محل ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ -تخت- تي ويهي رهيو. 1659ع ۾ اجين وٽ اورنگزيب ۽ داراشڪوه وچ ۾ -جنگ- لڳي، جنهن ۾ اورنگزيب کي فتح حاصل ٿي.  

تخت نشيني ۽ حڪومت

ڪردار

داراشڪوه صوفي خيال رکندڙ هو. تنهنڪري هن کي سلطنت جي سياست ۽ حرفت سان ڪوبه چاهه نه هو. جڏهن ته اورنگزيب ظاهر ۾ عالم ۽ روزي نماز جو پابند هوندو هو، پر -ان- سان گڏ هر قسم جي حرفتن، ۽ کيڏن جو به ماهر هو. هن پهريائين ته پنهنجن وڏن ڀائرن، يعني داراشڪوه ۽ شجاع کي پاڻ ۾ ويڙهايو. -ان- وقت تائين پنهنجي ننڍي -ڀاءُ- مراد کي پنهنجي ساٿ ۾ رکيائين، جڏهن سندس ٻئي وڏا ڀائر فوت ٿيا، ته پوءِ ننڍي -ڀاءُ- مراد کي به قيد ڪري ما. رائي ڇڏيائين اورنگزيب ظاهري طرح فنون لطيفه ۽ ادب کي اڀاريو، پر دلي طرح فنون لطيفه جو دشمن هو. صوفين جو مخالف هو. کيس ڌيءَ زيب النساءِ ’مخفي‘ جي شاعري ڪرڻ به پسند نه هئي، هن -تصوف- جا ڪتاب ساڙايا. خوشحال خان خٽڪ پشتو شاعر سندس سخت مخالف هو. ملڪ مان مختلف برايون ختم ڪرايائين. 

جنگي فتحون

1665ع ڌاري آسام، چٽانگ ۽ -بهار- جا علائقا فتح ڪيائين. -ان- کان سواءِ ڪيتريون بغاتون به ڪچليائين، -تان- جو 1687ع تائين سموري هندستان تي مغل بادشاهت قائم ٿي وئي. 

خدمتون

هن کي ادب سان به لڳاءُ هو. درٻاري مورخن پاران سندس لاءِ عام طرح مشهور آهي ته سرڪاري خزاني مان ذاتي خرچ نه ڪندو هو، پرهيزگار ۽ نيڪ هو. سندس خط ”رقعات عالمگير“ جي نالي سان ترتيب ڏنا ويا، جيڪو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. سندس ڪتاب ”فتاويٰ عالمگيري“ به وڏي مشهوري ماڻي.  

وفات

اورنگزيب عالمگير- 3 مارچ 1707ع تي وفات ڪئي.

حوالا


Tags:

اورنگزيب عالمگير ننڍپڻ ۽ تعليماورنگزيب عالمگير شاھجھان جي انتظاميه ۾ خدمتوناورنگزيب عالمگير تخت لاءِ ويڙھاورنگزيب عالمگير تخت نشيني ۽ حڪومتاورنگزيب عالمگير ڪرداراورنگزيب عالمگير جنگي فتحوناورنگزيب عالمگير خدمتوناورنگزيب عالمگير وفاتاورنگزيب عالمگير حوالااورنگزيب عالمگيرانگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سنڌ جي تاريخڏيوالووچولي بينڪاستعاروزڪواتخديجة الڪبري رضہنيروبيڪوموروسدم (بيماري)ڊي موزآئزڪ نيوٽنونواھٽيلي ڪميونيڪيشنکيرائين واٽ ڪهڪشانپيشاب جي بيماريگيبونوائرسجنيوادھشتگرديعيسيٰشيخ اياز1638ع1993عماڙيپورقومي شاعريڪرنگهي وارا جانورناولاوطاقفحش فلمبيڊن ورٽمبرگھرات صوبومذهبعمر بن محمد دائود پوٽوتجريدي نظمائٽمحيدر بخش جتوئي1792عشڪلتاريخي تنقيدسونچر لوڻڳجهارتطھر جي رسمٻمورڙوهلال پاڪستانلغاري (قبيلو)نفسياتڪتوپيسفڪ سمنڊ1493عانگريزي ٻوليلسانياتسويڊش ٻوليInternational Standard Book Numberشمن علي ميرالي1755ع2008عٽامومشتريسنن ابي داؤدمير عبدالحسين🡆 More