انساني جسم

انساني جسم کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو:

  1. منڍي: جنھن ۾ مٿو، ميڄالو، مُنھن، اکيون، نڪ، ڪن، چپ ۽ وات اچي وڃن ٿا.
  2. ڌَڙُ: هن حصي ۾ هٿ، ٻانھون، سينو، پيٽ ۽ چيلهہ اچن ٿا.
  3. پولُهہ: هي چيلهہ کان هيٺ وارو حصو آهي، جنھن ۾ ٽنگون، پير ۽ اخراج جا عضوا اچي وڃن ٿا.

ڌڙ واري حصي مان پيٽ ۾ ڪيترائي سرشتا آهن، جيڪي زندھ رهڻ لاءِ انسان جي مدد ڪن ٿا. انھن سرشتن ۾ کاڌي، هوا ۽ رت جا مکيہ سرشتا آهن.

انساني جسم جي بناوت: انساني جسم جي هڪ خاص شڪل ۽ بناوت آهي. ان جو سبب هيءُ آهي تہ انساني جسم ۾ هڏين جو هڪ فريم آهي، جنھن کي ”بوتو“ يا ”هڏائون پڃرو“ چئجي ٿو. انساني بوتي يا هڏائين پڃري ۾ 206 هڏيون ٿين ٿيون، جن کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

ڊگهيون هڏيون: اُهي ٽنگن، ٻانهن ۽ سيني ۾ ٿين ٿيون، انھن ۾ سوراخن جھڙيون خالي جايون ٿين ٿيون، جن ۾ هڪ نرم مادو ڀريل ٿئي ٿو، جنھن کي هڏين جو گُودو چئجي ٿو.

تراکڙيون هڏيون: اُهي تراکڙي شڪل ۾ کوپڙيءَ ۽ ڪلهن ۾ هونديون آهن. انھن ۾ خالي جايون نہ هونديون آهن.

ننڍيون هڏيون: اهي ڪرائيءَ ۽ مُرين ۾ هونديون آهن.

مڙيل هڏيون: ڪرنگهي ۾ وٽ واريون هڏيون. اهو هڏائون پڃرو گوشت سان ڍڪيل هجي ٿو جنھن ۾ مشڪون، ريشا وغيره ٿين ٿا رت جون سنهيون ٿلهيون ناليون، دماغي تنتون وغيره ان مان گذرن ٿيون. ان مٿان چمڙي ٿئي ٿي، جيڪا بدن کي ڍڪي ٿي.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سافٽ ويئر جوڙيندڙسنڌي ٻوليءَ جي اخبارن جي فھرستکپرو تعلقو26 جُولاءِحورسفلسفوبچو بادشاھحويليان ريلوي اسٽيشناسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستانپاڪستانمصرجي ايم سيدفڻس27 سيپٽمبرپي ايس-40 (سانگهڙ-1)پروليتاروآئيوري ڪوسٽ28 جنورياسٽٽگارٽفوجڪينياپاڪستان جو آئيناترادي ٻولي (ڪتاب)ٽوگوضمير (گرامر)رضاڪارفھرست سنڌ جون ذاتيونايٽلانٽڪ سمنڊترائيلانساني جسمٻين مھاڀاري جنگڌرتيءَ جو ڏينھنملاکڙوامجد صابريجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)شڪاگو1668عسوُسن گلحجوي بيڪ مشينترڪي ٻوليسينگار شاعريمحمد بن قاسمدُنياپھرين مھاڀاري جنگشو مندر جوهيزڪواتبشريات2010عھرات صوبوراجا ڏاهرلائبيریا2020عمحمدميڪسيڪومنڇر ڍنڍبوٽسواناانتظامياوالٽئرپنجاب، پاڪستانزاڪاٽيڪاسگھانامورڙو🡆 More