آثار قديمہ (Archaeology) زماني جي لاهين چاڙهين جو شڪار ٿيل وسندين، ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ کنڊرن کي ’آثار قديمہ‘ سڏيو وڃي ٿو.
آثار قديمہ در اصل اينٿراپالاجي (علم الانسان) جي شاخ آهي. هن علم ۾ قديم آثارن جي آڌار تي منظم تحقيق ڪري قديم ماڻهن ۽ انهن جي سماجي حيثيت جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، هن علم لاءِ خاص طور تي ماڳن جي کوٽائيءَ مان لڌل شين ۽ لکتن جو خصوصي طور تي مطالعو ڪيو ويندو آهي.
سنڌو ماٿريءَ جو مورثي سرمايو بہ انهن دڙن ۽ ڀڙن ۾ پوريل آهي، جن مان ڪي ٿورا کوٽائيءَ جي ڪري نڪري نروار ٿيا آهن. اهي کنڊر ۽ دڙا سڄيءَ سنڌ بلڪ سنڌو ماٿريءَ ۾ پکڙيا پيا آهن، جن ۾ مهرڳڙھ، موهن جو دڙو، هڙپا، چانهونءَ جو دڙو، ڪوٽ ڏجي، آمري، رني ڪوٽ، جهڪر جو دڙو، سيوهڻ جو قلعو، ڀنڀور، ديبل، ٺل رڪڻ، ٺل ڏيپر گهانگهر جا دڙا، منصوره، ڌونرا هنڱورا، شاھ بندر، وغيره اچي وڃن ٿا.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article قديم آثار, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.