حسن ابن علي: علي جو پٽ

حَسَن ٱبْن عَلِيّ ٱبْن أَبِي طَالِب(انگريزي: Al-Ḥasan ibn Alīy ibn Abī Ṭālib ) 624–670 (15 رمضان 3ھ تا 28 صفر 50ھ) حضرت علي علیہ السلام ۽ فاطمۃ الزھرا رضه جو وڏو پٽ ۽ محمد ﷺ خدیجہ رضه جو وڏو ڏوھٽو ھيو.

حضرت محمد ﷺ جن انھن جو نالو حسن رکيو ھو. ھي نالو ان کان پھريون ڪنھن جو نہ ھو. حضرت محمد ﷺ ان سان ڏاڍي محبت ڪندو ھيو. سندس لقب 'مجتبيٰ' ۽ ڪنیت ابو محمد ھئي. پاڻ شيعن جو حضرت علي کان پوء ٻيون امام ھيو. حضرت علي جي وفات بعد خليفي طور چونڊيو ويو پر ڇھن يا ستن مھينن بعد سندس معاويه سان معاھدو ٿيو جنھن تحت ھن خلافت تان معاويه جي حق ۾ شرطن تحت سبڪدوش ٿي ويو ان کان پوءِ ھن پنھنجي باقي زندگي مديني ۾ گذاري ۽ اتي ئي 45 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين جتي کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. سندس زال تي کيس زھر ڏئي مارڻ جو الزام ڏنو ويندو آهي

حَسَن ٱبْن عَلِي
خليفو
المجتبیٰ
حسن ابن علي: ولادت, نسب نامو, صلح جون شرطون 
اسلامي خطاطي ۾ حسن رضه جو نالو
اسلامي خلافت جو پنجون خليفو
(سني جو نقطه نظر
661-661
پيشرو علي
جانشين معاويه پھريون
پھريون اموي خليفو
ٻيون نمبر امام
شيعن جو نقطه نظر
پيشرو علي
جانشين حسين بن علي
زالون
نسل
پورو نالو
ٱلْحَسَن ٱبْن عَلِيّ ٱبْن أَبِي طَالِب
گهراڻو بنو ھاشم (علي جو خاندان)
پيءُ علي ابن ابو طالب
ماءُ فاطمه بنت محمد
جنم 1 ڊسمبر 624ع
(15 رمضان 3 ھجري
مدينو, حجاز
(ھاڻي سعوديعرب)
لاڏاڻو سانچو:وفات جي تاريخ ۽ عمر
(28 صفر 50 ھجري)
مدينو، اميه خلافت
(ھاڻي سعودي عرب )
تدفين جنت البقيع مدينو ، سعودي عرب
مذھب اسلام


ولادت

پاڻ 15 رمضان المبارڪ 3ھ تي مدینہ منوره ۾ پیدا ٿيو. رسول الله جي خاندان ۾ سندن جي پیدائش تمام گھڻي خوشي ھئي. جڏھن مڪي شريف ۾ رسول جا پٽ ھڪ ٻئي پٺيان دنیا کان ويدا رھيا ۽ سوائي ڌيئرن جي پنھنجي اولاد مان ڪوئي نہ بچو تہ مشرڪ طعنہ ڏيڻ لڳا ۽ پاڻ کي وڏو صدمو پھتو ۽ سندن جي تسلّيءَ جي لاءِ قرآن مجید ۾ سورۃ الڪوثر نازل ٿي جنھن ۾ سندن کي خوش خبري ڏني وئي تہ خدا اوھان کي ڪثِرتِ اولاد عطا فرمائي آھي ۽ مقطوع النسل پاڻ نہ پر اوھان جا دشمن ٿيندا. سندن جي ولادت کان پھريون ام الفضل خواب ڏٺو تہ رسول صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم جي جسم جو ھڪ ٽڪڙو انھن جي گھر آيو آھي. انھن رسولِ خدا  صلي اللہ علیہ وآلہ وسلم کان تعبير پڇي تہ انھن فرمايو تہ تمام جلد منھنجي ڌيءَ فاطمہ جي بدن مان ھڪ ٻار ٿيندو جنھن جي پرورش تون ڪندينءَ. 

حسن بن عليءَ کي مدیني ۾ آڻڻ جي پيدائش جي ٽئين سال ڄڻ ته سورۃ ڪوثر جي پھرين تفسير ٿي. دنیا ڄاڻي ٿي تہ انھن حسن بن علي ۽ انھن جي ننڍي ڀاءُ امام حسین جي ذریعي سان اولادِ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي اھا ڪثرت ٿي جو باوجود انھن ڪوششن جي جيڪي دشمنن جي طرفان ھن خاندان جي ختم ڪرڻ جو سدائين ٿينديون رھيون جن ۾ ھزارن کي ڦاھيون ڏنيون ويون. ھزارين تلوارن سان قتل ڪيا ويا ۽ نہ ڄاڻ ڪيترن کي زھر ڏنو ويو. ان جي باوجود اڄ دنیا آلِ رسول جي نسل سان جھلڪي رھي آھي. عالم ۾ ڪوئي حصو اھڙو مشڪل سان ھوندو جٿي ھن خاندان جا ماڻھو موجود نہ ھجن. جڏھن تہ رسول جا دشمن جن جي ان وقت ڪثرت سان اولاد موجود ھئي ائين فنا ٿي جو اڄ انھن جو نالو نشان ئي ڪو نہ ٿو اچي. ھيءَ آھي قرآن جي سچائي ۽ رسول جي صداقت جو جيئرو ثبوت جيڪو دنیا جي اکين آڏو ھميشہ لاءِ موجود آھي ۽ ان ڪري امام حسن رضي اللہ تعالي عنہ جي پیدائش سان پیغمبر کي اھا ئي خوشي نہ تٿي جھڙي ھڪ ناني کي ڏوھٽي جي پيدائش تي ٿيڻ گھرجي. پر پاڻ کي خاص مسرت ھيءَ ٿي تہ سندن جي سچائيءَ جي پھرين نشاني دنیا جي سامھون آئي. ستين ڏينھن عقیقي جي رسم ادا ٿي ۽ پیغمبر بحڪمِ خدا پنھنجي ھن پٽڙي جو نالو حسن رکيو. ھي نالو اسلام کام  پھريون نہ ھوندو ھو. ھي سڀ کان پھريون پیغمبر جي انھيءَ پٽ جو ناءُ ٿيو. حسین انھن جي ننڍي ڀاءُ جو ناپو بہ بس انھن سان ئي مخصوص ھو. انھن کان پھريون ڪنھنن جو ھي نالو نہ ٿيو ھو. سندن جي ولادت کان پوءِ سندن جي ناني محمد صلي الله عليه وسلم سندن جي کٻي ڪن ۾ اذان ۽ کٻي ڪن ۾ اقامت فرمائڻ کان پوءِ پنھنجي زبان پنھنجي ڏوھٽي ۾ وات ۾ ڏني جنھن کي ھُو چُوسڻ لڳا. ان کان پوءِ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن دعا فرمائي تہ اي الله ھن کي ۽ ھن جي اولاد کي پنھنجي پناه ۾ رکجان.

نسب نامو

صلح جون شرطون 

In صلح نامي جا پورا شرط ھيٺيان لکيل ھئا.

  1. ھي تہ امیر معاويہ حڪومتِ اسلام ۾ ڪتابِ خدا ۽  سنتِ رسول تي عمل ڪندا.
  2. ٻيو ھي تہ امیر معاویہ کي پاڻ کان پوءِ ڪنھن خليفي کي چُونڊڻ جو حق نہ ھوندو.
  3. ھي تہ شام ۽ عراق ۽ حجاز ۽ یمن سڀ جگھن جي ماڻھن جي لاءِ امان ھوندي.
  4. ھي تہ علي علیہ السّلام جا صحابي ۽ شیعا جٿي بہ آھن انھن جي جان ۽ مال ۽ عزت ۽ اولاد محفوظ رھندا.
  5. امیر معاویہ حسن علیہ السّلام ابن علي علیہ السّلام ۽ انھن جو ڀاءُ حسین علیہ السّلام ابن  علي علیہ السّلام ۽ خاندانِ رسول مان ڪنھن کي بہ ڪوئي ڪوئي نقصان پھچائڻ يا ھلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪندو نہ خفیہ طریقي سان نہ اعلانیہ ۽ انھن مان ڪنھن کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو نہ ويندو.
  6. جناب امیر علیہ السّلام  جي شان ۾ اڻوندڙ ڪلما جيڪي ھينئر تائين جامع مسجد ۽ قنوت نماز ۾ استعمال ٿيندا رھيا آھن اھي ڇڏيا وڃن. آخري شرط جي منظوريءَ ۾ امیر معاویہ کي عذر ھجي تہ ھي طئي ٿيو تہ گھٽ ۾ گھٽ جنھن موقعي تي حسن بن علي موجود ھجن ۽ ان موقعي تي ائين نہ ڪيو وڃي. ھي معاھدو ربیع الاول یا جمادی الاول 41ھ تي عمل ۾ آيو.

حوالا

Tags:

حسن ابن علي ولادتحسن ابن علي نسب ناموحسن ابن علي صلح جون شرطون حسن ابن علي حوالاحسن ابن عليانگريزيمحمد

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

يورپ ۾ شهرن جي فهرستالبيرونيعبدالقادر جيلانيدستاڳفيبروريفنون لطيفہنيو يارڪ سٽيگوگلھٿرادو ذھانتسنڌي ثقافتي ڏينھن1 ڊسمبرسنڌي ماڻھن جي فهرستٽالپرادبرپپنجاب1 جنوريڄام نظام الدين سموايشياراجپوتاناروسي سوويت وفاقي سوشلسٽ جمهوريهسنڌي لباساٿر ويدسنڌي ادبپهاڪوجوئر2007نائيجيريامسجد الحرامشھر آشوبانسانيت جي خدمتويب صفحوقرآنروزوذاڪر نائيڪلاکين جو دڙوپونڇ ضلعونمازچارلس نيپئرفردبابا فريد الدين گنج شڪرسلطان باھودودو سومرودم (بيماري)اشباع1897ع2016عموهن جو دڙو182عڪوئوبحري تارلڌڙوچونڊ جي آزاديايڪڙاھي ڏينھن اھي شينھنآءِ پي ايڊريسثقافتٽينويٽيڪن سٽيبيبي اسماء رضہٻولرسل ڪروفاطمه زهراسنڌي وڪيپيڊيادي گارڊين🡆 More