انساني هاضمي جو سرشتو

ھي انساني سرشتن مان سڀ کان وڏو سرشتو ٿيندو آهي.

ھن جو مکيہ عضوو معدو آهي

انساني هاضمي جو سرشتو
انسان جي ھاضمي جو نظام

انسان جو هاضمي جو سرشتو (Digestive system) لڳ ڀڳ نَوَ ميٽر (30 فوٽ) ڊگهي ٽيوب ۽ ان سان لاڳو عضون جو ٺهيل آهي، جيڪو وات کان شروع ٿي وڏي آنڊي جي نيڪال واري سوراخ وٽ ختم ٿئي ٿو. اهو ٽيوب مختلف جاين تي مختلف ڪمن جي ڪري مختلف شڪليون اختيار ڪري ٿو. وات زبان، لٻ جا غدود، نڙي، کاڌي جي نالي ڳرڻ (Oesophgus) معدو، ننڍو آنڊو، لبلبو، پتو، جيرو ۽ وڏو آنڊو سڀ عضوا هاضمي جي عمل ۾ حصو وٺن ٿا.

جيئن ئي کاڌو کائڻ شروع ڪيو وڃي ٿو تہ هاضمي جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. وات ۾ ڏند کاڌو چٻاڙي پيهن ٿا. وات جي لٻ ۾ موجود شيون نشاستي کي ٽوڙڻ ڦوڙڻ جو عمل شروع ڪن ٿيون، کاڌي جي نالي تقريبن 9 انچ ڊگهي آهي، انهيءَ مان لنگهندي کاڌو مليل جليل حالت ۾ معدي ۾ پهچي ٿو. هتي اهو ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين رهي ٿو. معدي جي ڀت جي سسڻ ۽ ڦهلجڻ جي عمل جي ڪري کاڌي کي ٽوڙڻ ڦوڙڻ ۾ مدد ملي ٿي، معدي جي رطوبت کاڌي ۾ چڱيءَ طرح ملي وڃي ٿي ۽ معدي ۾ موجود تيزاب ۽ سڻڀو عرق کاڌي تي اثرانداز ٿين ٿا، ان کي ٽوڙي ايترو ته سهڙو ڪيو ويندو آهي، جيئن اهو رت ۾ شامل ٿي سگهي. ڳار جي صورت ۾ کاڌو ننڍي آنڊي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، جيڪو 20 فوٽ ڊگهو آهي، اتي کاڌي ۾ لبلبي ۽ پتي جون رطوبتون به شامل ٿين ٿيون. آنڊن ۾ موجود سنهين يا وار نلين وسيلي هضم ٿيل کاڌو رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. رت سان گڏ اهو پهرين جيري ۾ وڃي ٿو. ڪجهه کاڌو جيري ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ باقي رت جي گردش سان گڏجي سڀني گهرڙن تائين پهچي ٿو.

اڻ هضم ٿيل جزا وڏي آنڊي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. ان سان گڏ گهڻو پاڻي وڏي آنڊي مان جذب ٿي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. باقي ڦوڳ وڏي آنڊي مان خارج ٿي وڃي ٿو.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ترڪي1977عتوحيدآنٽالاجيانارڪيسنڌي نالاآمريڪا جون گڏيل رياستونڪارموبائل فونبرابر عالمي وقتلاڙڪاڻواسپينشرڪيونيسڪوگوتم ٻڌسوئيزرلينڊباغڌرتيءَ جو ڏينھنڏھاڪوالياس عليہ السلامگليوناناسرائيلڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريري33ع1278عHow to read Sindhi scriptوبائي زڪاماسلامروسمحمدقاهرهڪافي (شاعري)1882ع24 فيبروريمثنويڄام ھيبت خانيوسف (اسلام)ڪافي (شعري صنف)وينسشاهه عنايت شهيدورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ757عايريلشمارياتآمريڪا1970عراجپوت15 آگسٽشاهه بهاروانسائيڪلوپيڊياڌرموشنوشيخ محمد عبداللهڪائونٽيموسيقيعيسائيسنڌ تي حڪمراني ڪندڙوڪيپيڊيا زيرومردفوزيه سومروويدانيتخيرپور رياستشريانA🡆 More