اتر

اتر
قطب نما (Compass) جنهن ۾ اتر جو طرف نمايان ٿيل آهي.

اتر اسان جي زمين تي موجود هڪ اهڙو طرف آهي جيڪو ڏکڻ جي پويان آهي.نقشن ۾ هن جي جڳه مٿي جي طرف ٿيل هوندي آهي. قطب نما کي 180 ڊگري تي طئي ڪرڻ سان ڪنهن جڳه تي اتر جو تعين آساني سان ڪري سگهجي ٿو. چئن طرفن مان هڪ طرف يا ڏسا: اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ هي اهو طرف آهي جنهن ڏانهن قطب نما جي سئي سدائين منهن ڪندي آهي جنهن جي ذريعي -بحري جهاز- ۽ هوائي جهاز طرفن جو اندازو ڪندا آهن -اتر- ڏانهن منهن ڪرڻ سان ساڄي هٿ تي اوڀر ۽ کاٻي هٿ تي اولهه جو طرف ايندو ۽ پٺئين پاسي ڏکڻ جو طرف هوندو آهي.

”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو. مثلاً ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“. هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ آهي ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾). هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي. هتي به ”اُتر“ معني“ جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾). هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”تارٿ“ (North) ڪهڙي حساب ٿي؟ هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)؛ پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين. سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“،: سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلاً ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”اُتر اڌڪاري“ (Successor) يعني جو مٿان اچي ٿو، ۽ اڳيون عملدار سڏبو ”پورب“ اڌڪاري“ (Predecessor). هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“. ”اُتر“ معنيٰ مٿيون پاسو شمال (North)؛ پر اصل ۾ هيءُ لفظ صفت آهي ۽ معنيٰ اٿس ”مٿيون، مٿاهون يا ٻين کان مٿي“. سنسڪرت ۾ ”اُد“ معنيٰ ”مٿي“ (High)، ”اُتر“ (اُد+ تر) معنيٰ ”ٻين کان مٿي“ 'Higher' ۽ ”اُتم“ (اُد+تم) معنيٰ سڀني کان مٿي 'Highest' اڄ به سنڌيءَ ۾ اهو لفظ صفت ڪري پيا ڪم آڻيون – جهڙوڪ چئون ته ”هو ٻئي ڄڻا بيوقوف آهن- هڪ ٻئي کان اُتر“: هتي ”اُتر“ معنيٰ ”وڌيڪ“ (مٿي).

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سسئي پليجوآرڪٽڪ سمنڊتهرانانگريزيفھرست سنڌ جون ذاتيونسيڪيولرازمشهرلينسڊائون پل (پاڪستان)امام بخاري1846عويرا واھسنڌي ادبعبدالقادر جوڻيجو1695عقرآناولمپڪ رانديونچچ نامووڻن جو عاشقحيدرآباد ضلعو، سنڌھيٺيون دير ضلعوبرازيل1739عذات پاتڪريئيٽيو ڪامنز اجازت ناموضلعو هيٺيون چترالمحمد ابراهيم جويووڪي لغتپنگتي تڪرارموسيٰ خيل ضلعو، پاڪستانصوبائي چونڊون سنڌ، 2013افغانستانناري وادجبوتيمـحمـد ايوب کهڙوقنديل بلوچآرتميسڪاليجاسلاماپنشدضمير (گرامر)ڌاڻاميرپور خاص ڊويزنسنڌي ٻوليسچل سرمستڪتبواسٽرلنگانڊونيشياايميزون (ڪمپني)افراط زرروزانه ڪاوشليمونتاثريتڪويتاائنٿراپالاجيآرٽ نوئووبين الاقوامي پيمائش سلسليوار ڳڻپآڳاٽو روموڏو سمنڊ🡆 More