آل عمران(انگريزي: Family of Imran ): عربي زبان جا لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عمران جو اولاد“.
”عمران“ ٻن نبي سڳورن: حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت هارون عليه السلام جن جو پيءُ هو. بائيبل ۾ ان عمران جو نالو عمرام لکيو ويو آهي. قرآن پاڪ جي 116 سورتن مان ٽيون نمبر سورت جو نالو ”آل عمران“ آهي، جيڪا مديني منوره ۾ نازل ٿي هئي، جنهن ۾ ٻه سئو آيتون ۽ ويهه رڪوع آهن.
هيءَ سورة مبارڪ هجرت جي پهرين سال نازل ٿيڻ شروع ٿي ۽ 9 هجريءَ تائين پوري ٿي، جنهن ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي موڪلاڻي ۽ سندس پشت مان حضرت عيسيٰ عليه السلام جي عقيدتمندن جي گمراهين ۽ اخلاقي ڪمزورين بابت تفصيلي ذڪر آيل آهي. -ان- کان پوءِ فرمايل آهي ته هي قرآن مجيد ۽ رسول (حضرت محمد ﷺ) اُنهيءَ دين (-اسلام-) طرف سڏي رهيا آهن، جنهن جي دعوت، نبي سڳورا شروع کان ئي ڏيندا آيا آهن، جيڪا -باري- تعاليٰ جي قدرت ڪامله طرفان هڪ حقيقي دين لاءِ دعوت آهي. انهيءَ رستي کان ڀُلجي جيڪي ٻيون راهون اوهان اختيار ڪيون آهن، اُهي انهن ڪتابن ۾ موجود نه آهن، -جن- کي توهان -آسماني ڪتاب- سڏيو ٿا.
دراصل هيءَ سورة عيسائين جي ڪوڙين دعوائن کي رد ڪرڻ خاطر پاڻ سڳورن صه تي -ان- وقت نازل ٿي هئي، جڏهن عيسائي، يهودين جي پٺڀرائيءَ لاءِ مديني شريف ۾ ساڻن مناظري لاءِ آيا هئا.
سورت ”آل عمران“ ۾ -جنگ بدر- (2ھ/623ع) جي ڪاميابين ۽ -جنگ اُحد (4ھ/625ع) جي غلطين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪندي، خدا پاڪ جي -جلال-، مسلمانن کي صحيح رستي تي اچڻ طرف ڌيان ڏياريو آهي ۽ انهن کي اِهو پڻ يقين ڏياريو آهي، ته جيڪڏهن توهان حقيقي دين تي ثابت قدم رهيا ته توهان جي لاءِ ڪاميابيءَ جون تمام راهون کلي پونديون. تفھيم القرآن ۾ مولانا مودودي مطابق ھن سورة ۾ ھڪ ھنڌ آل عمران جو ذڪر آيل آهي ۽ ان کي علامت طور ھن سورة جو نالو بڻايو آهي.
آل عمران عمران جو خاندان | |
---|---|
درجابندي | مڪي/ مدني |
ٻيا نالا | عمراني |
سيپارا | سيپارو 3–4 |
رڪوعن جو تعداد | 20 |
آيتن جو تعداد | 200 |
لفظن جو تعداد | 3503 |
اکرن جو تعداد | 14605 |
شروعاتي مقطعات | الف لام ميم |
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article آل عمران (سورة), which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.