سوره النساء

سوره النساء (انگريزي: Al Nisa ) قرآن شريف جي چوٿين سورة آھي جيڪا مدني آھي.

ان ۾ 24 رڪوعون ۽ 176 آيتون آهن. النساء جي معنيَ عورت آهي. ھن سورة ۾ عورتن جي حقن متعلق ذڪر ھجڻ جي ڪري اھو نالو رکيو ويو.

قرآن جي سورة نمبر: 4
مدني
سورہ النساء
عورت
درجابندي مڪي/ مدني
سيپارا سيپارو 4,5,6
رڪوعن جو تعداد 24
آيتن جو تعداد 176
لفظن جو تعداد 3712
اکرن جو تعداد 15937

موضوع ۽ نزول جو وقت

ھن سورة جي نازل ٿيڻ جو دؤر سن 3 ھجري جي آخر کان 5 ھجري جي شروع تائين وارو دؤر آھي. اھو طئي ڪرڻ مشڪل آھي ڪنھن مقام کان ڪنھن مقام تائين آيتون ھڪ تسلسل واري خطاب ۾ نازل ٿيون ۽ انھن جو نازل ٿيڻ جو ٺيڪ زمانو ڪھڙو آھي. پر ڪجهه حڪم ، واقعا ۽ اشارا اھڙا آھن جن مان آيتن جي نازل ٿيڻ جون تاريخون اسان کي روايتن مان معلوم ٿين ٿيون جنھن مان سورة جي خطابن جي سرسري حدبندي ڪري سگھجي ٿي. احد جي جنگ ۾ 70 اصحابي شھيد ٿيا ھيا ۽ ان جنگ کان پوءِ وراثت جي تقسيم ۽ يتيمن جي حقن بابت ھدايتون نازل ٿيون ھيون. مديني جي ننڍڙي وسندي ان حادثي جي ڪري گھرن ۾ اھي سوال پيدا ڪيا ھيا تہ شھيدن جي ميراث کي تقسيم ڪيو وڃي ۽ انھن جي ڇڏيل يتيم ٻارن جو تحفظ ڪيو وڃي. ان ڪري اھو قياس ڪري سگھجي ٿو ته سورة جون شروعاتي 4 رڪوعون ۽ پنجين رڪوع جون پھريون ٽي آيتون ان زماني ۾ نازل ٿيون. روايتن ۾ ھن سورة واري صلواة خوف جو ذڪر غزوه ذات الرقاع سان منصوب ڪيو ويو آهي جيڪا سن 4 ھجري ۾ واقع ٿي ھئي ان ڪري قياس ڪيو وڃي ٿو تہ رڪوع 15 وارو خطاب سن دؤر جو آھي. مديني مان بنو نضير جي نيڪالي ربيع الاول 4 ھجري ۾ ٿي ھئي تنھن ڪري گمان آهي تہ ھن سورة ۾ يھودين کي تنبيهه ڪرڻ واري آيت (ايمان آڻيو ان کان اڳ جو اسان چھرا بگاڙي پوئتي ڦيرائي ڇڏيون) سن دؤر جي نازل ٿيل آهي. پاڻي نہ ملڻ ڪري تيمم جي اجازت سن 5 ھجري ۾ واقع ٿيندڙ غزوه بني المصطلق جي وقت ملي ھئي تنھن ڪري رڪوع نمبر 7 جو نزول وارو دؤر اھو ساڳيو آهي .

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

طبقاتي ڪشمڪشبدين ضلعوقاسم سليماني1سهڻي ميهارتيمور لنگوڪي سورستاج جويو10 آگسٽسڌنوتي ضلعوڀيرو مل مهرچند آڏواڻي1989ع2011عڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرسنڌ جا ضلعافاطمه زهراحسين ابن عليمينار پاڪستانبري نظر1958عورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪکيرٿر جبلجيڪب آباد ضلعوڪروڙ2001عغلام حسين شاهه بخاريڪارونجھر جبل جو سلسلوڪل ديسي پيداواررھرهيومن ڊويلپمنٽ انڊيڪسکير اُٻارڻپي پي-225 (لوڌران-1)ٻليبنگالڀڳوت گيتاعلي رضا سولنگي1924عمير عبدالحسينمدحوڪيميڊيا ڪامنزشيعہنادر شاھاياز پاٽوليحيدرآباد ٻهراڙيپونڇ ضلعوبلاول ڀٽو زرداريمئياسلامي موڪلونلياقت علي خاننسلي متڀيد واري نيتيزالزينالعابدين طگيفسنڌ جي هاڪڙا وادي1922عپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوجان ايف ڪينيڊيسالMain Page2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملوحجقافيوپھرين مھاڀاري جنگشاعري26 محرم🡆 More