ٿيلس

ٿيلس آف مليٽس( Thales of Miletus), مليٽس وارو ٿيلس: ھڪ ماھر فلڪيات ھو 624 قبل مسيح ۾ ايشيا مائنر يعني موجوده ترڪيءَ ۾ يوناني نوآبادي ۾ پيدا ٿيو کيس مغربي فلسفي جو باني سمجھيو ويندو آھي.، پر ھي سائنس جي ابتدائي ترقيءَ جو محرڪ ھو .

کيس پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي رياضي، طبعيات ۽ فلڪيات جو عالم تسليم ڪيو ويو. ھي ھڪ سج گرهڻ جي پيشنگوئي جي ڪري مشھور ٿيو. ان پيشنگوئي سان موجوده ترڪيءَ ۾ موجود درياءَ ھيلائس جي ڪناري تي ميڊيا وارن ماڻهن ۽ لڊيا جي ماڻهن جي وچ ۾ شروع ٿيڻ واري جنگ کي روڪي ڇڏيو ۽ انھن جي پندرهن سالن کان ھلندڙ دشمني ختم ٿي وئي.جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳي ٿيلز اچي اعلان ڪيو تہ" ديوتا توھان جي جنگ تي ناراض آهن ۽ آھي ڪجهه دير ۾ سج کي غائب ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪڏھن توھان جنگ کان توبھ نہ ڪئي تہ ھميشہ لاءِ اوندھ ٿي ويندي".

ٿيلس آف مليٽس
ٿيلس
پيدائش ت. 624 BC
وفات ت. 546 BC (aged ت. 78)
عهد سقراط کان اڳ واري فلاسافي
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر
  • آئنين / مليسيئن فلاسافي اسڪول ۽ نيچرلزم
شعبه عمل
اهم نظريا
  • Water is the arche
  • Thales' theorem
  • Intercept theorem


ٿيلس
ڏينھن جي روشني رات جي اوندھ ۾ بدلجي وئي ۽ ان تبديلي بابت ٿيلز مليٽس پھريان ئي خبردار ڪري ڇڏيو ھو---ھيروڊوٽس

اھڙي طرح سج گرهڻ جي ڪري کين يقين ٿي ويو ۽ جنگ ٽري وئي. سئو سال بعد ھيروڊوٽس ان واقعي کي قلمبند ڪيو. ھن 546 قبل مسيح ۾ وفات ڪئي.. ھي مشھور ست يوناني ڏاھن مان ھو. ارسطو کيس يونان جو پھريون فلاسافر سمجھندو ھو.ھي پھريون شخص ھيو جنھن دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جي ڏندڪٿائي طريقي جي بدران نظرئي يا مفروضي يا ٻين لفظن ۾ سائنسي طريقي سان سمجھڻ جي شروعات ڪئي. رياضي ۾ ھن پھريون دفعو اھرامن جي اوچائي ۽ پاڻيءَ جي جھازن جي سمنڊ ۾ دوري ماپڻ لاءِ جاميٽري جو استعمال ڪيو.

زندگي

خيال آهي ته ٿيلس شايد مليٽس ۾ 620 قبل مسيح ۾ ڄائو ھوندو.

ٿيلس 
مليٽس

اٿينز جي قديم ليکڪ اپالوڊورس جي خيال مطابق ٿيلس 625 ق م ۾ ڄائو. .. قديم يوناني ليکڪن ھن جي وڏن جي نسبت فونيشين سان پڻ ڳنڍي آهي."

ٿيلس ٿيوريم

ٿيلس 
Thales' theorem: ٿيلس 

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڪتبوريل گاڏيڪيليفورنيافتح محمد سيوهاڻييوم پاڪستانڪولڪتاسائنسبري نظرحرف جملوآبھواآپريشن طوفان الاقصي1296عڪبوترنسيم کرلنئون سالسرمائيداريسنڌ حڪومتلاڙڪاڻوميسوپوٽيمياتله گنگ ضلعو1739عوحداني رياست624ع1577عآيوقطعو4 سيپٽمبرقانونبيت المڪرم مسجد، ڪراچيجلال چانڊيوآغا نورمحمد پٺاڻجي آء ايفاسلامزمانضمير خالصپاڻييوٽيوباڪپاڪستان ۾ گهڻيون زالون پرڻجڻ جو رواجشيخ ابراهيم زڪزڪيپاڪستان ۾ ائٽمي توانائيسيما عباسيبرابر عالمي وقتسگريٽ نوشيامر جليلاوزون تھگلاسگوڄامشوروايوبي سلطنتانٽرنيٽڪاري ڊاکروشني جا ڪرشماطارق قريشيابراھيم منشيايران1937عاتر آئرلينڊفٽبال1406عجاپان ۾ عورت وادگڏيل آمريڪي رياستن ۾ ڪوروناوائرس مها وبا، 2020ڪاروبار🡆 More