پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو: عالمي مزدور تحريڪ جو جشن ملهائڻ

پورهيتن جو ڏيهاڙو : پهرئين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي طور  ملهايو ويندو آهي.

اِن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد امريڪا جي شهر شڪاگو جي پورهيتن جي جاکوڙ کي ياد ڪري ڀيٽا ڏيڻ آهي

بين الاقوامي مزدور ڏهاڙو
پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو: مسئلو, مطالبا, احتجاج يا هڙتال
ممبئي ۾ مئي ڏينهن ريلي
سرڪاري نالو بين الاقوامي مزدورن جو ڏينهن
عرفيت مئي ڏينهن - مي ڊي
تقريبون مختلف ريلين جو انعقاد، گهٽي مورچا ۽ مظاهرا
تاريخ مئي 1
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو
لاڳاپيل مئي ڏينهن، مزدورن جو ڏهاڙو، مزدورن جو ڏينهن، پورهيتن جو عالمي ڏينهن ۽ ٻيو مئي ڏينهن

مسئلو

اولهہ دنيا ۾ صنعتي انقلاب کان پوءِ، سرمائيدارن جون بدعنواني وڌي ويون، جنهن جي خلاف مخالف نظرياتي خيال پڻ سامهون آيا. سوشلزم تحت واپاري اتحاد (ٽِريڊ يونينز) جو بنياد رکيو ويو. صنعتي مرڪزن ۽ ڪارخانن (فيڪٽريرن) ۾ پورهيتن (مزدورن) جي بدحالي حد کان وڌيڪ وڌي وئي.  پورهيتن کان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو ڪم ڪرايو ويندو هيو.

مطالبا

مئي ڏينهن جي شروعات، 1886ع ۾، محنت ڪندڙ مزدورن پاران اَٺَ ڪلاڪَ ڪم جو وقت مقرر ڪرڻ جي مطالبو سان ٿيو. واپاري اتحاد (ٽِريڊ يونين)، مزدورن جي تنظيمن ۽ ٻين سماجي ادارن (سوشلسٽ ادارن)، ڪارخانن ۾ هرڏينهن اَٺَ ڪَلاڪَ ڪَمُ  ڪرڻ جي گُهرَ (مطالبو) ڪيوويو.

احتجاج يا هڙتال

انهي ڏينهن، آمريڪا جي مزدورن مڪمل هڙتال ڪئي. 3 مئي تي انهيءَ سلسلي ۾ شڪاگو ۾ منعقد مزدورن جي احتجاجي جلسي تي هَلان (حملو) ٿيو، جنهن ۾ چار مزدور مارجي ويا. ان بربريت جي خلاف پورهيت احتجاجي مُظاهري جي لاءِ هائي مارڪيٽ چوُدَڳِيءَ (Hey market square ) تي احتجاج لاءِ گڏ ٿيا. پوليس احتجاج کي جهَلڻ جي لاءِ پورهيتن تي تشدد ڪيو، انهيءَ مهل بم ڌماڪي ۾ هڪ پوليس آفيسر مارجي ويو، ته پوليس پاران مظاهرو ڪندڙن تي گولين جو مِينهُن وسائي ڏِنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور ڪارڪن مَارجي ويا ۽  ڪجهہ درجن جي تعداد ۾ زخمي ٿيا، اِن موقعي تي، سرمائيدارن مزدورن اڳواڻن کي گرفتارڪري انهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. جيتوڻيڪ ان جي خلاف ڪو ثبوت نہ هو تہ هو ان بم ڌماڪو واري واقعي ۾ ملوث آهن. پورهيتن مزدور تحريڪ جي لاءِ جان ڏئي سرمائيداراڻي سِرشتي جو نِياءُ (انصاف) ۽ بربريت کي وائکو ڪري ڇڏيو. انهن مارجي ويل اڳواڻن چيو تہ "توهان اسان کي جسماني طور ختم ڪري سگهو ٿا، پر اسان جا آواز نٿا دٻائي سگهو"

نتيجو

هن جدوجهد جي نتيجي ۾، سڄي دنيا جي مزدورن اٺ ڪلاڪ ڪم جو وقت حاصل ڪيو. پر اڄڪله ڪجهه پورهيت تنظيمن پاران اٺ ڪلاڪ بدران چار ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو وقت رکڻ جي گُهر ڪئي وڃي ٿي.

درشن خانو

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

Tags:

پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو مسئلوپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو مطالباپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو احتجاج يا هڙتالپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو نتيجوپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو درشن خانوپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو حوالاپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو خارجي ڳنڍڻاپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوشڪاگو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

آفريڪا جا ملڪڇلڙوسائنسججکيرائين واٽ ڪهڪشانڪوٽڙي بئراجهارون عليہ السلامھندستان جو ورھاڱو1986ععائشہعالمي معياري ڪتاب نمبر1792ع9 آڪٽوبرحسن درس1755عجيوڻي ٻائيشمس العلماءڇاتين جو سرطان1788عسنڌي ناول جي شروعات1902عاڱاروافراط زرسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبڏکڻ آفريڪاپاڪستاني عام چونڊون 2024نبي بخش بلوچسنڌي وڪيپيڊيا2022عشيزوفرينياڪوروناوائرس روڳ 2019ضمير خالصائٽم بمپروٽانحيدر بخش جتوئينميبياڌرتي جي چرپرآسمانويدشڪارپوروائرسويب هوسٽنگ سروسڪروشيالوھاوطاقٻڪرڙلقبسورٺ راءِ ڏياچٻه قومي نظريو (پاڪستان)محمد اقبالپاڪستان جو آئينهوليهٽلرجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)ايشيانيوٽن جي حرڪت جا قانونمومل راڻو26 سيپٽمبر🡆 More