پراڻ

پراڻ: Puranas :

(/pʊˈrɑːnəz/; singular: Sanskrit: पुराण purāṇa) ھندن جون قديم لکڻيون آهن جن ۾ انھن جي ديوتائن جا قصا بيان ٿيل آھن

پراڻ
درگا ديوي رڪتابيجا ديوت سان جنگ ڪندي جيڪو مارڪنڊيہ نالي پراڻ جو قصو آھي

پراڻ لفظ جي معنيٰ ئي آهي پراڻي ڪٿا يا جهوني ڪهاڻي (Ancient lore). انهيءَ سبب دنيا جي ڪهڙي به ڪهني قصي کي جيڪر ”پراڻ ڪوٺجي، پر هندو پنهنجن انهن جهونن ڌرمي پستڪن کي پراڻ سڏين ٿا، جن ۾ (1) ”سرڳ“ يعني سرشٽيءَ جي اُتپتي يا جهان جي پيدائش، (2) ”پرتيسرگ، (Pratisarga) يعني مها پرلئه ۽ سرشٽيءَ جي وري نئين سر اُتپتي، ۽ (33) مهنو نترن يا جڳن جا احوال آهن. انهن کان سواءِ منجهن (4 ۽ 5) ديوتائن جو ذڪر ۽ رشين ۽ راجائن جا چرتر ۽ سندين ونساوليون يا شجرا آهن. هر هڪ پراڻ جا اهي پنج مکيه لڇڻ يا خاصيتون (خاص ڳالهيون) آهن، تنهنڪري پراڻن کي ”پنج لڪشڻ“ (پنج لڇڻ) به سڏيو اٿن.
مکيه پراڻ ارڙهن آهن.
بــــرهــــــم، پـــــــدم، وشـــنو،شـــو ۽ ڀاڳــوت،
نارد، مارڪنڊيه ،اگني،ڀوش،برهم وئيورت،
لــــنگ، واراهـه، سڪنڌ، وامن، ڪؤرم پراڻ،
متيه، گرڙ، برهمانڊ سان جملي ارڙهـن ڄــاڻ.

(غريب)
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پراڻن تي گهڻو ڪري اوتارن ۽ ديوتائن جا نالا رکيل آهن. جيڪو پراڻ جنهن ديوتا جي نالي آهي تنهن ۾ مکيه مهما انهيءَ جي آهي، ۽ ٻين جي واجبي. تاريخ جي خيال وچان انهن پراڻن جو جيتري به قدر ڪجي تيترو ٿورو آهي. انهن ۾ آڳاتن رشين ۽ راجائن جون ونساوليون يا سجرا ۽ سندن چرتر يا ڪارناما آهن، تنهنڪري قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ لاءِ انهن مان نهايت گهڻو مصالحو مليوآهي. اهو جيڪڏهن نه ملي ها، ته قديم هندستان جي تاريخ ئي مشڪل ٿي پوي ها. جن يوروپي عالمن پهريائين قديم قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تن جي اها ئي دانهن هئي ته آڳاٽن آرين کي ٻيو هوش گهڻو ئي هو، پر تاريخ جوڙڻ جو عقل ڪونه هون. پوءِ ٻين ملڪن جا ڌرمي پستڪ ڏٺائون، ته معلوم ٿين ته اڳي تاريخ جوڙڻ جو نمونو ئي اهو هو، جو ڌرمي ڳالهين سان تاريخي ڳالهيون به ڳنڍي ڳتي ڇڏيندا هئا، ۽ ڪي تاريخي ۽ سائنس جون ڳالهيون ڪٿائن يا آکاڻين جي نموني لکندا هئا، ته پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين. هاڻ يوروپي عالم پراڻن جو گهڻو قدر ڪرڻ لڳا آهن، ۽ سمجهن ٿا ته انهن ۾ سچا پچا تاريخي احوال آهن، ۽ جيڪي ڏند ڪٿائون آهن، سي به ڪن حقيقتن تي ٻڌل آهن.

درجابندي

پراڻ ھندوازم جي ٽمورتي: برھما؛وشنو؛ ۽ شو: يا ٽن خدائن واري تصور تحت ٽن حصن ۾ ورھايل آھن.

وئشنو وارا پراڻ:
وشنو پراڻ, ڀڳوت پراڻ, نارد پراڻ, گرڙ پراڻ, پدم پراڻ, واراھ پراڻ, وامن پراڻ, ڪورم پراڻ, متيہ پراڻ 
برھما وارا پراڻ: برھم پراڻ, برھمانڊ پراڻ, برھم وئيورت پراڻ

, مارڪنڊيہ پراڻ, ڀوش پراڻ

شو وارا پراڻ:
شو پراڻ, لنگ پراڻ, سڪنڌ پراڻ, اگني پراڻ 

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڀنڀورتھذيبپيشاب جي بيماريمقدمو2015عپيسفڪ سمنڊپاڪستان ۾ آدمشماريگرمکي اسڪرپٽدادو ضلعوادبي لاڙو22 فيبروريعائشہشيزوفرينياگرين هائوسپيرسلغاري (قبيلو)ملايالمقافيوجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)1652ع25 جنوريڊسمبرانٽرنيٽقومي شاعري28 ڊسمبرامام بخاريڳجهارتنبي بخش بلوچاسڪائوٽنگ950عاسڪاٽ لينڊ جي بادشاهتايڪڙاسراريتآسٽريلياسکربيهڪ جون نشانيونآپريشن طوفان الاقصي8 فيبروريويدڊرونپاڪپتن ضلعو24 آڪٽوبرجهنڊو مري تعلقوفائيورارشميدسسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبگڏيل بادشاھتسنڌي ناول جي شروعاتڪينسرسچل سرمستخوجڪي اسڪرپٽداستانائينيمري شملشاھ عبداللطيف ڀٽائيبلديتظرف1986ع🡆 More