عبدالقادر جيلاني: بغداد ۾ رهندڙ فارسي حنبلي قانون دان (فقہ) ۽ صوفي

عبدالقادر جيلاني (انگريزي: Abdul Qader Jilani ) جنهن کي ان جا ساراهيندڙ محي الدين، شيخ عبدالقادر جيلاني جي نالن سان به سڏين ٿا.

هڪ سُني حنبلي طريقي ۾ لاثري عقيدي جو صوفي شيخ ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني آهي۔

شيخ عبدالقادر الجيلاني
عبدالقادر جيلاني: پيدائش, نالو ۽ خاندان, تعليم
بغداد ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني رح جو مقبرو
عبدالقادر جيلاني: پيدائش, نالو ۽ خاندان, تعليم
عبدالقادر الجيلاني خطاطي نالو
مڪمل نالو السيد محي الدين ابو محمد عبدالقادر الجيلاني الحسني و الحسيني
پيدائش 1 رمضان 470ھ يا مارچ 18, 1078ء (1077)
فقه حنبلي
وفات 8 ربيع الاول ۵۶۱ ھ
≈ جنوري 12، 1166ء
جاء پيدائش گيلان, طبرستان, فارس (پرشيا)
جاء تدفين روضه عبدالقادر، بغداد، عراق
پيءُ ابو صالح موسيٰ الحسني
ماءُ اُم الخير فاطمه
•• زالن جا نالا••
1. مدينه 2. صادقه 3. مومنه. 4. محبوبه
پٽن جا نالا 1. سيف الدين 2. شرف الدين 4. ابو بڪر 5. سراج الدین 6. يحييٰ 7.موسيٰ 8. محمد 9. ابراهيم 10. عبد اللہ 11.عبدالوهاب. 12. ابو ناصر موسيٰ
خاندان سيد
ٻيا لقبَ
  • ثموت الثقلين
  • باز اشھب
  • جنگي دوست
  • ابو محمد
  • الغوث الاعظم
  • سلطان الاولياء
  • بازاللہ

پيدائش

1077ع ۾ فارس جي ڪيسپئن واري علائقي پيدا ٿيو سندس ولادت 29 شعبان 470ھ لڳ ڀڳ 1077ع ۾ موجود ايران جي صوبي گيلان جي ضلعي گيلان غرب جي شھر نائف ۾ ٿي.سندس پيدائش جي تاريخ ، مھيني ۽ سال تي اڃا پڪ ناھي ٿي. ڪجهه ماخذن مطابق 1077 ۽ ڪجهه مطابق 1078 ۾ پيدا ٿيو.[حوالو گهربل]

نالو ۽ خاندان

سندس نالو سيد عبدالقادر ھيو. گيلان سان تعلق ھجڻ ڪري کيس گيلاني چوندا آهن. گيلان کي وري عربي ۾ جيلان سڏيو ويندو آهي جنھن ڪري عربي ۾ کيس جيلاني سڏين ٿا. کيس دين کي زندہ ڪرڻ واري خدمت جي سلي ۾ محي الدين جو لقب ڏنو ويو سندس بغداد ۾ مزار ھجڻ جي ڪري کيس بغدادي پڻ سڏيو ويندو آھي. پاڻ سيد گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھيو. ھن جو والدين جي پاسي کان شجرو حسن ۽ حسين سان ملڻ جي ڪري کيس الحسني والحسيني پڻ سڏيندا آهن ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو کيس پيران پير ۽ دستگير پڻ سڏيندا آهن. سندس شجرو سيد ابو صالح موسي جنگي دوست بن عبد اللہ الجيلي بن يحيٰ زاهد بن محمد مورث بن داؤد بن موسي ثاني بن موسي الجون بن عبد اللہ ثاني بن عبداللہ المحض بن حسن المثنيٰ بن امام حسن بن علي سان ملي ٿو۔ ماءٌ جي پاسي کان سندس شجرو حسين سان ملي ٿو. ننڍپڻ ۾ پيءُ جي وفات کان پوء سندس پرورش ماءٌ ۽ ناني (ماءٌ جو پيءُ) ڪئي.

تعليم

ھن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1095ع ۾ ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھي حنبلي فقه سکڻ لاء بغداد روانو ٿيو. ننڍڙي عمر ۾ بغداد حنبلي فقه ۽ دينيات پڙھڻ لاء آيو جتي صوفي استادن جي تعليم کان متاثر ٿيو. بغداد ۾ ابو سعيد مبارڪ مخزومي ۽ ابن عقيل سندس استاد ھيا.. ابو محمد جعفر السراج کيس حديث جو علم سيکاريو. سندس روحاني استاد ابوالخير حماد ابن مسلم الداباس ھيو.

عبادت ۽ خدمتون

ذھد ۾ دنيا تياڳ ڪري کوڙ سال عراق جي رڻپٽ ۾ اڪيلائي ۾ گذاريائين ۽ پوءِ بغداد موٽي اچي عالم ۽ مشھور مبلغ بڻيو ۽ مريدن جو ھڪ وڏو تعداد ھن جي عقيدتمندن ۾ شامل ٿيو جن ۾ کوڙ عيسائي ۽ يھودي پڻ شامل ھيا جيڪي مسلمان ٿي ويا. ھن تعليم پوري ڪري 25 سال عراق جي بيابان ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريا.. 11 1127 ۾ واپس بغداد موٽي تبليغ شروع ڪيائين. پنھنجي استاد المخزومي جي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ شاگردن ۾ ھردلعزيز ٿي ويو. صبح جي وقت حديث ۽ تفسير پڙهائيندو ھو ۽ منجھند بعد اندر اجارڻ ۽ قرآن جي فضائلن تي درس ڏيندو هيو. ھن جي مصروفيت جو مرڪز ھن جو مدرسو ھيو جتي ھي دين جو علم سيکاريندو هو ۽ بطور مفتي پڻ ڪم ڪندو هو. ھن پنھنجي خطبن ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد جي تلقين ڪئي ۽ اسلامي فقھي تقاضائن کي روحانيت جي مطابقت ۾ آڻڻ جو درس ڏنو.سندس تعلق حنبلي فقه سان ھو.

وفات

1166ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو جيڪو ھڪ پاڪ زيارت گاھ بڻجي ويو.

عبدالقادر جيلاني: پيدائش, نالو ۽ خاندان, تعليم 
سندس بغداد ۾ مزار ۽ مسجد جي 1925 ۾ نڪتل تصوير

پاڻ 21 فيبروري 1166 ۾ اڱاري ڏينهن، 11 ربيع الثاني 561ھ ۾ شام جي وقت 91 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. کيس بغداد ۾ باب الشيخ رسافا لڳ دجله جي ڪناري پنھنجي مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو. صفوي گھراڻي جي بادشاھ شاھ اسماعيل پھرين جي دؤر ۾ ھن بزرگ جي مزار ڊاٿي وئي. 1535 ۾ سلطان سليمان اعظم ھن جي مزار ٺھرائي جيڪا اڄ تائين پڻ موجود آهي.

عرس

ھن جو جنم ڏينھن پھرين رمضان تي ۽ عرس يا ورسي 11 ربيع الثاني تي ملھائي ويندي آهي جنھن کي ڏکڻ ايشيا ۾ سندس عقيدتمند يارنهين شريف سڏي ملھائيندا آهن.

قادري سلسلو

سندس وفات بعد ان جي مريدن سندس معجزن جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پکيڙيون جنھن سان جي وفات کان پوء ھڪ صدي اندر ھي اسلامي دنيا جي ھڪ تمام وڏي صوفي طور سڃاڻجڻ لڳو ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني ٿي ويو جنھن جون شاخون وچ اوڀر، آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ انڊونيشيا تائين ڦهليل آھن.

حوالا

Tags:

عبدالقادر جيلاني پيدائشعبدالقادر جيلاني نالو ۽ خاندانعبدالقادر جيلاني تعليمعبدالقادر جيلاني عبادت ۽ خدمتونعبدالقادر جيلاني وفاتعبدالقادر جيلاني عرسعبدالقادر جيلاني قادري سلسلوعبدالقادر جيلاني حوالاعبدالقادر جيلانيانگريزيقادري سلسلو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

26 محرم1580عاپريلپاڪستان جا ضلعا28 نومبربري نظر772عمحمد علي جناحچليمحمد ھاشم مخلصفهرست سنڌي ٻولي جا شاعرڏوڪري تعلقومھاڀارتبوليوياڪنزجيڪب آبادپيراگوئيحلال ڪشميرپنجابآذربائيجاني ٻوليڀمبر ضلعوٻاراڻو ادبلائوسڪراچيهجري ڪئلينڊرپورهيتن جو عالمي ڏهاڙووڪيميڊيا فائونڊيشن1934عذوالقعدگزيٽ1حيدرآباد ٻهراڙيماهتاب محبوبضمير خالصاياز پاٽوليلاڙڪاڻو ڊويزنمينار پاڪستانکيرٿر جبلانسانيت واد1986عنادر شاھڪريئيٽيو ڪامنز اجازت ناموآبادان شهرستانعلي رضا سولنگيادبي تنقيدتسميهاڳاڙيامنزالريل گاڏي1952عانتظامياگڏيل بادشاھتعالمگير ويبڏاکڻي آئرلينڊ (1921–1922)مٿن چڪرورتي647عمائي گلانبنگال1505عمسلم اسپينتهران🡆 More