شي جنپنگ

شِي جِنپِنگ(انگريزي: Xi Jinping ) (i/ˌʃiː dʒɪnˈpɪŋ/ SHEE-_-JIN-ping;l (پيدائش: 15 جون 1853ع) چين جو سياستدان جيڪو 2013ع کان عوامي جمهوريه چين جو صدر، چيني ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ 2012 کان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمين آهي.

شي 2012ع کان چين جو سڀ کان وڏو سياسي اڳواڻ آهي. ھي چين جي جھوني ڪميونسٽ شِي جَونگشُن جو پٽ آھي. ھن بيجنگ جي چِنگھُوا يونيورسٽي مان ڪيميڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. 1999 کان 2002 تائين فيوجن صوبي جو گورنر رھيو. ,2002 کان 2007 تائين ججيئانگ صوبي جو پارٽي سيڪريٽري ٿيو. 2007ع ۾ ڪجهه وقت شنگھائي جو پارٽي سيڪريٽري پڻ رهيو، جنھن بعد پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو رڪن ٿيو. ھي آڪٽوبر 2007 ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽريٽ جو فرسٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 2008 ۾ ھن جو نالو ھو جنتائو جي جاء تي چين جي سڀ کان وڏي سياسي اڳواڻ طور تجويز ڪيو ويو ۽ ان سال جي آخر ۾ کيس عوامي جمهوريه چين جو نائب صدر ۽ چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جو پڻ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ھن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي چوٽي جي اڳواڻ (leadership core) جو لقب ڏنو ويو جيڪو لقب مائوزي تنگ ۽ ھن سميت اڃان تائين رڳو پنجن اڳواڻن کي مليو آهي. 2007 کان شي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 17ھين، 18ھين ۽ 19ھين پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو رڪن رھيو. 2013 ۾ جي چين جو صدر مقرر ڪيو ويو.

شي جنپنگ
Xi Jinping
Head shot of Xi Jinping in 2019. He is wearing a black suit jacket, white shirt and a blue necktie.
شي مئي 2019ع ۾
ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري
برسر منصب
دفتر سنڀاليو
15 نومبر 2012
پيشرو ھو جنتائو
چيني صدر
برسر منصب
دفتر سنڀاليو
14 مارچ 2013
پريميئر لي ڪيچيانگ
نائب صدر
  • لي يوئنچائو
  • وانگ ڪيشن
پيشرو ھو جنتائو
سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمين
برسر منصب
دفتر سنڀاليو
  • پارٽي ڪميشن:
    15 نومبر 2012
  • اسٽيٽ ڪميشن:
    14 مارچ

2013

ڊپٽي
  • فين چانگلانگ
  • شو چليانگ
  • جانگ يوشيا
پيشرو ھو جنتائو
ڪميونسٽ پارٽي جو فرسٽ سيڪريٽري
عهدو سنڀاليو
22 آڪٽوبر 2007 – 15 نومبر 2012
جنرل سيڪريٽري ھو جنتائو
پيشرو زَنگ چِنگھَانگ
جانشين ليو ينشن
عوامي جمهوريه چين جو نائب صدر
عهدو سنڀاليو
15 مارچ 2008 – 14 مارچ 2013
صدر ھو جنتائو
پيشرو زنگ چنگھانگ
جانشين لي يوئنچائو
ذاتي تفصيل
پيدائش جون 1953 (عمر 70 سال)
بيجنگ, عوامي جمهوريه چين
سياسي جماعت چيني ڪميونسٽ پارٽي
جيون ساٿي
  • ڪي لنگلنگ (ش. 1979–1982)
  • پينگ لييوئان (ش. 1 سيپٽمبر 1987)
ٻار ٻچا شي منگز (نياڻي)
ماءُپيءُ
  • شي جونگشن (پيءُ)
  • چي ژين (ماءُ)
رهائش زونگنانھاء
تعليم چنگھوا يونيورسٽي (BE , LLD)
دستخط شي جنپنگ
فوجي خدمتون
فرمانبرداري سانچو:PRC
سروس/شاخ 中国人民解放军军旗 پيپلز لبريشن آرمي
سال خدمتون 1979–1982




شي جنپنگ
شي جنپنگ
لفظ "شي جنپنگ" آسان چيني ٻولي ۾ (مٿيون) ۽ سليس چيني ٻولي ۾ (ھيٺيون) لکيل
آسان چیني 习近平
روایتي چیني 習近平

شروعاتي زندگي

فائل:Xi Jinping, Xi Yuanping and Xi Zhongxun in 1958.jpg
شي جنپنگ پنجن سالن جو (کاٻي پاسي) سندس ڀاءُ شي يوئانپنگ (وچ ۾ ) ۽ انھن جو پيءُ شي جونگشن (ساڄي پاسي) 1958ع جي نڪتل تصوير

شي جنپنگ 15 جون 1953 ۾ بيجنگ ۾ پيدا ٿيو. ھي پنھنجي والدين جو ٻيون نمبر پٽ ھيو. سندس پيءُ جو نالو شي جونگشن ۽ ماء جو نالو چي شن ھيو. چيني ڪميونسٽ انقلاب بعد شي جنپنگ جو پيءُ مختلف عهدن تي فائز رهيو جن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي پروپيگنڊا واري شعبي جو چيف، عوامي جمهوريه چين جو نائب وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جو نائب چيئرمين شامل ھيا شي جنپنگ کي ٻہ وڏيون ڀينرون ھرڪ چي چيائوچيائو ۽ چي انعان ھيون ھن جي پيءُ جو اصل تعلق شئانڪسي صوبي جي فيوپنگ ڪائونٽي سان ھيو ھن تعليم جي شروعات بيجنگ جي اسڪول نمبر 25 کان ڪئي ۽ پوء 1960 واري ڏھاڪي ۾ بيجنگ بيئاء اسڪول ۾ داخل ٿيو 1963ع ۾ جڏھن ھي 10 سالن جو هو ته سندس پيءُ کي ڪميونسٽ پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي ۽ کيس ھينان صوبي جي شھر لئويانگ جي ھڪ فيڪٽري ۾ ڪم لاء موڪليو ويو. مئي 1966ع ۾ ثقافتي انقلاب جي ڪري شي جنپنگ کي پنھنجي ثانوي تعليم کي مختصر ڪرڻو پيو ڇوتہ شاگردن طرفان استادن سان ويڙھ ۽ تنقيد سبب سمورا ڪلاس بند ڪيا ويا. فوجي شاگردن شي جنپنگ جي گھر تي حملو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ ان دٻاءَ جي ڪري ھن جي ھڪ ڀيڻ شي ھيپنگ خودڪشي ڪئي ھئي ھن جي پيءُ کي سري عام ھڪ ميڙ جي آڏو گھمائي انقلاب دشمن قرار ڏنو ويو. ھن جي ماء کان زبردستي پنھنجي مڙس سان تعلق ختم ڪرايو ويو. جڏهن شي جنپنگ 15 سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. شي جنپنگ کي پيءُ جي سرپرستي کان بغير 15 سالن جي عمر ۾ شئانڪسي صوبي جي يانچوئان ڪائونٽي جي ليئانجائھي نالي ڳوٺ ۾ ڪم لاءِ موڪليو ويو اتي ھن پارٽي ڪميٽي جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو ھي ڪجهه مھينن ۾ ئي ٻھراڙيءَ واري زندگي کان بيزار ٿي بيجنگ ڀڄي آيو پر ڀاڄوڪڙن جي خلاف ڪاروائي دوران بيجنگ مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس واپس ساڳي ڳوٺ ڪم لاء موڪليو ويو جتي ھن ست سال گذاريا. ست ڀيرا رد ٿيڻ بعد ھن کي 1971ع ۾ چين جي ڪميونسٽ يٿ ليگ ۾ شامل ڪيو ويو. 1972 ۾ چو اين لائي طرفان خاندانن جي ٻيھر گڏ رھڻ جي اجازت ملڻ بعد ھن ٻيھر پنھنجي پيءُ سان گڏ رھڻ شروع ڪيو جي چيني ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاء درخواست ڏيندو رھيو نيٺ ڏھين ڀيري 1974 ۾ ھن جي درخواست منظور ڪئي وئي 1975 کان 1979 تائين شي جنپنگ بيجنگ جي چنگھوا يونيورسٽي ۾ مزدور-ھاري فوجي شاگرد جي حيثيت سان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي. انجنيئر ميجر اتي 15 سيڪڙو وقت مائوازم جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائيندا هئا.

اقتدار ڏانھن قدم

1979 کان 1982 تائين ھن بين جي رياستي ڪائونسل جي نائب وزيراعظم جينگ بائيائو جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. 1985ع ۾ چيني وفد ۾ شامل ٿي آمريڪي زراعت جو معائنو ڪرڻ لاء آمريڪا جي مسڪيٽائين شھر ۾ ٻہ ھفتا ترسيو 1982ع ۾ ھيبئي صوبي جي جينگڊنگ ڪائونٽي ۾ ڊپٽي پارٽي سيڪريٽري ٿيو ۽ 1983 ۾ ترقي ماڻي ڪائونٽي جو سڀ کان وڏو عملدار ٿيو ان بعد ھن چئن صوبن ۾ ڪم ڪيو: ھيبئي ۾ (1982–1985)، فيوجن ۾ (1985–2002), ججيئانگ ۾ (2002–2007) ۽ شنگھائي ۾ (2007). 1990ع ۾ فيوجوئو ۾ پارٽي اسڪول جو صدر مقرر ٿيو. 1997ع ۾ جي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 15ھين سينٽرل ڪاميٽي جو الٽرنيٽ رڪن ٿيو. 1998ع کان 2002ع تائين چنگھوا يونيورسٽي ۾ مارڪسي نظريي ۽ نظرياتي تعليم جو مطالعو ڪيو. 2002 ۾ گريجوئيشن ڪرڻ سميت ھن قانون ۽ نظريي ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. 1999ع ۾ فيوجن صوبي جو نائب گورنر ۽ ھڪ سال بعد گورنر مقرر ٿيو. اتي ھن تائيوان جي سيڙپڪارن کي فيوجن ۾ سيڙپ جي ترغيب ڏني ۽ صوبي ۾ ذاتي معيشت کي مضبوط ڪيو فيبروري 2000 ۾ ھن کي چين منگيي کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڏائي يوئاھوئا اسڪينڊل متعلق وضاحت ورتي 2002 ۾ ھن فيوجن ڇڏي ججيئانگ ۾ ۾ پارٽي ڪميٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ اتان جو قائم مقام گورنر مقرر ٿيو. ساڳي سال ھي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 16ھين مرڪزي ڪميٽي جو پڪو رڪن مقرر ٿيو اھڙي طرح ھن لاء قومي سطح تي اڀرڻ جو رستو کليو ھن ججيئانگ واري دور ۾ راشي عملدارن جي خلاف سخت مؤقف رکيو جنھن ڪري ملڪ جي چوٽي جي قيادت جي ڌيان ۾ رھيو. سيپٽمبر 2006 ۾ شنگھائي جي پارٽي سيڪريٽري جي پينشن واري اسڪينڊل جي ڪري برطرفيءَ کان پوءِ شي جنپنگ کي مارچ 2007 ۾ شنگھائي م ان عھدي تي مقرر ڪيو ويو جتي ست مھينا رھيو ھن شنگھائي م تڪرارن کان پاسو ڪيو ۽ پارٽي ڊسيپلين کي لاڳو ڪيو

پولٽ بيورو جي رڪنيت

شي جنپنگ 
شي جنپنگ آگسٽ 2008ع ۾ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش سان ملندي
شي جنپنگ 
28 سيپٽمبر 2010ع ۾ روسي صدر دَمِيتِري مِدوَيدَوف سان ملندي

آڪٽوبر 2007ع ۾ شي جنپنگ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سترھين نيشنل ڪانگريس ۾ پارٽي جي 9 رڪني پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو رڪن مقرر ٿيو. ھن جو شمار لي ڪيچيانگ کان. مٿي ٿيڻ لڳو اھڙي طرح ھي چين جي سڀ کان وڏي قومي اڳواڻ ھو جنتائو جي جانشين طور اميدوار ٿي ويو. ھي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽريٽ جو فرسٽ سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيو.

بطور نائب صدر

مارچ 2008ع ۾ جي عوامي جمهوريه چين جو نائب صدر مقرر ٿيو بطور نائب صدر جون 2008ع ۾ ھن اتر ڪوريا، منگوليا، سعودي عرب، قطر ۽ يمن جا دورا ڪيا. فيبروري 2009ع ۾ جن لاطيني آمريڪا جو دورو ڪيو جنھن دوران ھي ميڪسيڪو, جيميڪا , Colombia, وينزويلا, ۽ برازيل سان چين جي تعلق کي مضبوط ڪيو. واپسي ۾ مالٽا جي گادي جي ھنڌ ويلٽا پڻ ويو.


چين جي اڳواڻي

15 نومبر 2012 تي ھي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عھدي تي چونڊجي آيو ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمين مقرر ٿيو. اھڙي طرح جي ملڪ جو قائد ٿي ويو. ھي چين جي سڀ کان وڏي اڳواڻ جي منصب تي پھچندڙ واحد اڳواڻ آهي جيڪو چيني انقلاب اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيو ھو. ھن اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جي تعداد کي 9 کان گھٽائي 7 ڪرايو 14 مارچ 2013ع تي چين جي ٻارھين نيشنل ڪانگريس ۾ شي جنپنگ چين جو صدر چونڊجي آيو کيس 2,952 ووٽ مليا. ٽن ڄڻن ڳڻپ ۾ حصو نہ ورتو ھو جنتائو ٻہ ڀيرا صدر رھڻ بعد رٽائر ٿي ويو ۽ ھن ان جي جاء ورتي

حوالا

Tags:

شي جنپنگ شروعاتي زندگيشي جنپنگ اقتدار ڏانھن قدمشي جنپنگ پولٽ بيورو جي رڪنيتشي جنپنگ بطور نائب صدرشي جنپنگ چين جي اڳواڻيشي جنپنگ حوالاشي جنپنگListenانگريزيبيجنگججيئانگ صوبوفائل:En-us-Xi Jinping from China pronunciation (Voice of America).oggفيوجن صوبووڪيپيڊيا:IPA for Englishچين

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

يوڪرينانگلينڊپاڪستاني سينيٽ جون ايندڙ چونڊونتاروفھرست سنڌ جون ذاتيونبرووخ اسپنوزاجمھوريا آئرلينڊفاطمه زهراشاھ بلوطآفريڪا جا ملڪآفريڪاجمشيد ڪواٽرز سب ڊويزنشاهه جو رسالوعلم ڪيمياخانپور، سنڌفيروز آباد سب ڊويزنشڪاگوٿائي ٻوليسيد ثابت علي شاھملتانعالمگير ويبسنڌو ديشنالووڪي مينياجيڪب آباد سب ڊويزنپاڪستان ۾ يونيورسٽين جي فھرستاينڊريو ٽيٽفلسطينبجڪوآخوند شيخ ميان فيضيوٽيوبسيچيليسکنڀيونڌرتيءَ جو ڏينھنڪراچياصل وڏو قصو شھزادو ممتاز ۽ دمساز (ڪتاب)اڌ اکريروزانه ڪوشش1893عقمر شهبازهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجججنيٺ گونگي ڳالهايو1915عچانهون جو دڙوڪيمرونسوارا ڀاسڪررضاڪارسنگ سرماھيعبدالڪريم گدائي14 آگسٽخليفو نبي بخشبجليعام ابلاغصحيفوپريوگجان ايف ڪينيڊيريلوي آمدورفتپاڪستان جي شھرن جي فھرستڳجھپرڏيهي امداد2020ع🡆 More