قمر شهباز

قمر شھباز(انگريزي: Qamer Shahbaz) جو اصل نالو قمرالدين ٻگهيو هو.

پاڻ 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهئي جي نوابشاهه واري گهر ۾ ڄائو. سندس والد زميندار هو. ابتدائي تعليم ايڇ. ايم. خواجا اسڪول نوابشاهه مان ورتائين. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪري، عملي زندگيءَ جي شروعات ميرپورخاص جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان ڪيائين. مختلف ڪاليجن ۾ پڙهائڻ کان پوءِ ليٽرل انٽري (Lateral Entry) ۾ سي. ايس. ايس جو خاص امتحان پاس ڪري وفاقي حڪومت جي ملازمت ۾ شامل ٿيو ۽ گيهه ڪارپوريشن جي ايم. ڊي جي عهدي تان ريٽائر ڪيائين.

ادبي خدمتون

قمر شهباز ڪاليج جي زماني کان ئي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. هن ڊراما، ڪهاڻيون، ڪالم، خاڪا لکيا ۽ شاعري به ڪئي. قمر شهباز، ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ سوين ڊراما لکيا، جن مان ڪجهه ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ته ڪجهه وقت جي وهڪري ۾ ضايع ٿي ويا. ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سنڌي پروگرام نشر ٿيڻ شروع ٿيا ته ريڊيو توڙي ٽيليويزن تان هر هفتي ڊراما به نشر ٿيڻ شروع ٿيا، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ پيشه ور ليکڪ نه هئڻ ڪري پروڊيوسرن کي ڪافي ڏکيائي پيش ايندي هئي. ڪجهه اديبن کان اردو ڊراما سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هلائڻا پوندا هئا. ان دؤر ۾ به سنڌي ڊراما نگار قمر شهباز ۽ شمشيرالحيدري اڳتي وڌيا ۽ هنن پيشه ور ڊرامي نگار جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار خوبصورت نموني نباهيو. ريڊيو پاڪستان کي قمر شهباز جهڙو نه فقط بهترين ڊراما نگار ملي ويو، پر قمر هڪ بهترين صداڪار پڻ ثابت ٿيو. پنهنجي ڊرامن ۾ هڪ بهترين صداڪار جو ڪردار پڻ خوبصورت نموني ادا ڪندو هو. ظاهر آهي، جڏهن ڪردارن جو خالق ئي پاڻ هجي ته پوءِ ان ڪردار جي ادائگيءَ ۾ ته اصليت جو حقيقي رنگ ڀرجي ٿي آيو. سندس ڊراما واچوڙن ۾ لاٽ 1986ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ڊراما نگاريءَ ۾ قمر شهباز جو انداز ۽ اسٽائيل پنهنجي همعصرن کان بلڪل منفرد ۽ نرالو آهي. قمر شهباز پنهنجي دؤر جو بهترين ڪهاڻيڪار پڻ رهيو آهي. سندس ڪالم ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ’اٺون گهر‘ 1988ع، ’قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون‘ 1983ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جڏهن ته ’ضمير جو موت‘ 1992ع ۽ ’جي پيار هجي ها پاڇولو‘ 2010ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو.سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’چنڊ رهين ٿو دور‘ 1988ع ۾ ۽ ’بهارن کي چئجو‘ 2010ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ڇپرايا آهن. سندس شاعري ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پڻ ڳائي ويئي.قمر شهباز پنهنجي دؤر جو بهترين ڪالم نگار به رهيو آهي. سندس ڪالم مختلف دورن ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن. ڪالم نگاريءَ جي شروعات پاڻ طنز ۽ مزاح وارن ڪالمن سان ڪيائين، جيڪي سندس ڪتابن ’ضمير جو موت‘ ۽ ’اٺون گهر‘ ۾ شامل آهن. پر نوي جي ڏهاڪي ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپجندڙ سندس ڪالمن ۾ ملڪ جي سياسي سرشتي، ڀوتارن جي ڏاڍائي، معاشرتي براين، ڪارو ڪاري، سنڱ چٽي، قبائلي جهيڙن ۽ نفسانفسي جي موضوعن کي پنهنجايو آهي.

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

شهيد بينظيرآباد ڊويزنناچجاپاننمجي ميلمارڪ زڪربرگاخلاقنئون سالڪارواسپينگلاسگوڪشش ثقلپيرس1732ع1857عقاسم سليمانياسرائيلسسئي پنهون جو داستانواشنگٽن ڊي سيملڪا پکراجپهرين مهاڀاري جنگنقشوڪاگوشيمامڪئي2009ععظيم برطانيا جي بادشاهتڊائنوسارزنبي بخش بلوچايميزون (ڪمپني)گيتپٿر جو دورچنگيز خانڪافي (شاعري)سنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتواکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀاماتا (بيماري)لينسڊائون پل (پاڪستان)عبدالرحيم گرهوڙيخودمختيار رياستصلاح الدين ايوبياتر آمريڪازرتشتآغا نورمحمد پٺاڻڪاروبارراجا ڏاهر1429عڊونلڊ ٽرمپآيواڇي مکآغا صوفيگوتم ٻڌادبي تنقيدبرج خليفہقطرعظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھتبين الاقوامي پيمائش سلسليوار ڳڻپهٽلرسامروٽي1197عهوتچند مولچند گربخشاڻيڄامشورومندرمھيش لالواڻي🡆 More