احمدي

احمديہ ڪميونٽي ھڪ تڪراري اسلامي تبليغي تحريڪ جو نالو آهي جنھن جو بنياد مرزا غلام احمد (1835 - 1908) برٽش انڊيا واري دؤر ۾ وڌو.

ان جي شروعات اتر انڊيا جي ھڪ شھر قادياڻ ۾ 1889 ۾ ٿي ۽ اتان تبليغ ذريعي دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڦھلجي وئي جن ۾ آفريڪا، ڏکڻ-اوڀر ايشيا، برطانيا، اتر آمريڪا شامل آهن. ان تحريڪ جي رڪنن ۾ گھڻي ڀاڱي پئسي وارا ماڻھو شامل آهن. 1914 ۾ اھا ٻن ڌڙن ۾ ورھائجي وئي جن مان ھڪ ڌڙو قادياڻي ۽ ٻيو لاھوري سڏجڻ لڳو. قادياڻي ڌڙي پنھنجو نالو احمديہ مسلم ڪميونٽي رکيو لاھوري ڌڙي جو نالو اسلامي تبليغ واري احمديہ ايسوسيئيشن ھيو. ٻنھي گرپن پنھنجي جماعتن ۾ تبليغ ذريعي رڪنن جو وڏو اضافو ڪيو. 2001 ۾ دنيا ۾ احمدي ڪميونٽي ۾ شامل ماڻھن جي تعداد جو تخمينو ھڪ ڪروڙ کان مٿي ھيو پر ان ڪميونٽي مطابق تعداد ان کان گھڻو مٿي آھي ۽ وڌي رھيو آھي.

احمديہ برادري
احمدي
قادياڻ انڊيا، ۾ اڇو مينار ۽ احمدي جماعت جو جھنڊو
تشڪيل 23 مارچ 1889
پايو وجهندڙ مرزا غلام احمد
صدر دفتر ٽلفورڊ ( 2019کان وٺي ), يونائيٽيڊ ڪنگڊم ( 1984 کان وٺي)
رڪنيت ھڪ ڪروڙ (پوئلڳ:2 ڪروڙ)
Leader
مرزا مسرور احمد
ويب سائٽ alislam.org

نالو

ھن جماعت جو احمدي نالو جماعت جي مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي قرآن ۾ ڏنل نالي احمد جي نسبت سان رکيو ويو.

عقيدو

احمدي ڪميونٽي جو عقيدو آهي تہ اوڻويھين صدي ۾ اسلام زوال طرف وڌي رھيو ھو ان ڪري خدا مذھب جي تجديد خاطر غلام احمد قادياڻي کي دنيا ۾ موڪليو. اھي قرآن کي پنھنجو پاڪ ڪتاب سمجھن ٿا ۽ انھن قرآن جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجما پڻ ڪيا آھن. احمدي اسلام جي پنج بنيادي رڪنن : ڪلمه طيب، نماز، زڪوات، روزو ۽ حج ۾ يقين رکندڙ آھن. انھن جو خيال آهي تہ غلام احمد خدا طرفان موڪليل پيغمبر مسيح ۽ مھدي ھيو جنھن جي اڳواٽ بشارت ٿيل ھئي ۽ جيڪو مسلمان ان کي نہ ٿو مڃي اھو ڪافر آهي. ھنن جي دعوا مطابق غلام احمد ڀڳوان ڪرشن ھيو جيڪو انساني روپ ۾ ڌرتي تي پيدا ٿيو. ھنن جو عقيدو آهي تہ غلام احمد کان پوء خلافت جو اختيار خليفي جي ذريعي جاري آھي ھنن جي ان عقيدي تي مسلمانن، ھندن ۽ عيسائين مان ڪافي ماڻھن اعتراض اٿاريا. قدامت پسند اسلامي گروھن پاران انڊيا ۽ پاڪستان ۾ انھن تي حملا ڪري نشانو بڻايو. پاڪستان ۾ سني مسلڪ وارن طرفان زبردست مخالفت ڪري لاھوري گروپ ھاڻي مرزا غلام احمد کي پيغمبر تسليم نہ ٿو ڪري پر کيس مجدد سمجھي ٿو. 1974 ۾ پاڪستان ۾ احمدي جماعت وارن کي آئين ۾ ترميم ڪري غير مسلم اقليت قرار ڏنو ويو ھو جنھن بعد 1984 ۾ انھن جي سرگرمين تي سرڪار پاران پابندي لڳائي وئي..

ختم نبوت

احمدين مطابق قرآن خدا جو انسانن لاء آخري پيغام آھي ۽ محمد صہ شريعت ڏيندڙ آخري نبي آهي پر خدا طرفان چونڊيلن سان رابطن جو سلسلو جاري رھندو جيڪي پيغمبر محمد صہ جي مڪمل پيروي ڪندڙ ھوندا. اھڙي طرح ھنن جي دعوا آھي تہ غلام احمد قادياڻي خدا جو چونڊيل پيغمبر آھي. ان دعوا جي ڪري اھي اسلامي دنيا اندر مسلمانن ۾ تڪراري بڻجي ويا.

صدر مقام

1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاست بعد ھنن پنھنجي صدر مقام پاڪستان جي پنجاب ۾ ربوا منتقل ڪيو. ان بعد 1980 واري ڏھاڪي ۾ پاڪستان اندر سخت مخالفت جي ڪري انھن جي چوٿين خليفي مرزا طاھر احمد صدر مقام ربوا کان لنڊن منتقل ڪيو. ھن وقت ان ڪميونٽي جو خليفو مرزا مسرور احمد آھي جيڪو مرزا طاھر احمد جو پٽ ۽ مرزا غلام احمد جو پڙ پوٽو آهي.

ساڳي نالي سان ٻيون جماعتون

مصر ۾ ھڪ صوفي بزرگ احمد البدوي (1200-1276) جا عقيدتمند پڻ احمدي سڏبا آهن جن جو ھن جماعت سان ڪوبه تعلق ناهي.

حوالا

Tags:

احمدي نالواحمدي عقيدواحمدي صدر مقاماحمدي ساڳي نالي سان ٻيون جماعتوناحمدي حوالااحمدي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

موبائل فونڏيربدينصدقوبجليکپروڪرينا ڪپورمناقبا (ڪتاب)يُورَپانساني حقشمس العلماءپکيشاھ جو رسالوعبدالڪريم گدائيمصر1989عمفروضوپاليگڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو اداروٻين مھاڀاري جنگسورة اخلاصسائو ٽوم ۽ پرنسپيخودمختيار رياستفلسفوٽاموگڏيل بادشاھتٽ��اٽ��ساهوارواڀ ساھينورتھذيبگوگلشاھ عبداللطيف ڀٽائيڇاڻناظم آباد ضلعو (مرڪزي ڪراچي)ڪنوارصرفيات1918عسنڌي ٻوليءَ جي اخبارن جي فھرستسنڌي ادبسوويت يونينسيمرغارغون خانداناستاد بخاريسنجھوروٺلهه ڇنيليپ سالچيڪ جمهورياشاھ بلوطسر بلاولآمريڪا جون گڏيل رياستونڪنڊو17 جنوريتپو کڏھريخلافت تحريڪفاطمه زهراسنڌي نالاوقت18 سيپٽمبرادب2012عميندِيمحمد علي جناحمحمد بن قاسممحمدڏکڻ آفريڪاٽيلي ڪميونيڪيشنسج اڀريوجنيوا🡆 More