عزيز ڪنگراڻي انگريزي (Aziz Kingrani) جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي.
ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، محقق ۽ مؤرخ آھي. ھن ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما لکيا جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن.
پروفيسر عزيز ڪنگراڻي Professor Aziz Kingrani | |
---|---|
عزيز ڪنگراڻي، رني ڪوٽ جي پسمنظر ۾ ورتل تصوير 25 ڊسمبر 2011ع | |
پيدائش | عزيز الله جنوري 1958 (عمر 66 سال) جوهي، دادو ضلعو، پاڪستان |
قلمي نالو | عزيز ڪنگراڻي |
ڌنڌو | محقق، مورخ، شاعر، ڊراما نویس، افسانہ نگار، پروفیسر |
ٻولي | سنڌي |
شهريت | پاڪستان |
تعليم | ایم اي (اسلامي ثقافت)، ایم اي (سنڌي) |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
موضوع | تاریخ، آثار قدیمہ، افسانہ، غزل، وائي، بیت، آزاد نظم |
مُکيه ڪم | روڳ Sindh Tourism: An archaeological Journey |
ايوارڊ | گولڊ میڊل - سنڌ يونيورسٽي پي ٽي وي ایوارڊ بهترين لاء ڊراما نگار لعل شهاز قلندر ایوارڊ |
ويبسائيٽ | |
https://azizkingrani.wordpress.com/ |
ع. ڪنگراڻي 4 جنوري 1958ع تي سنڌ جي جوهيءَ تعلقي، ضلع دادوءَ ، جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1971ع ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1977ع ۾ مڪمل ڪيائين. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽر ميڊيئيٽ 1979ع ۾ ۽ بي ايس سي جي ڊگري 1982ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايڊ 1989ع ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1985ع ۾ ٻئي ڊگريون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته سنڌي ادب ڏانهن لاڙي سبب 1987ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيائين جنهن تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ميڊل ڏنو ويو.
هن نوڪري جي شروعات سول اسپتال دادو ۾ ويڪسينيٽر طور اپريل 1981ع ۾ ڪئي. مئي 1981ع کان پرائيمري استاد مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ جي ايس ٽي استاد طور مڊل اسڪول مانجهند ۾ مقرر ٿيو ۽ 1985ع ۾ مڊل اسڪول حاجي خان ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1986ع کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾سائنس ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) طور مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ليڪچراريءَ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين. اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي ٻنهي مضمونن ۾ چٽاڀيتيءَ وارو امتحان پاس ڪيائين پر سنڌي جي مضمون جي چونڊ ڪري 1993ع ۾ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊسمبر 2012ع تائين مقرر رهيو. جنوري 2013ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. مئي 2017ع ۾ اسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو.
هن ادب لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1974ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي”ايماندار هاري” 1974ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻاراڻي صفحي ۾ ڇپي. 1983ع کان شاعري پڻ شروع ڪيائين ته تنقيدي مضمون نگاري به لکڻ لڳو. سندس شاعري، ڪهاڻيون، تاريخي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون نگاري سنڌ جي مڃيل سنڌي اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. اخبارن ۾ روزانه هلال پاڪستان، روزانه عبرت، روزانه سنڌُو ۽ روزانه آفتاب ذڪر لائق آهن. رسالن ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران نڪرندڙ رسالن ٽه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران نڪرندڙ رسالي نئين زندگي ۽ عبرت مئگزين ۾ سندس مواد شايع ٿيڻ لڳو. 1987ع کان پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي پروگرام مخزن جي مشاعرن جي نشستن ۾ شرڪت شروع ڪيائين.
1989ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس شاعري ۽ ڊرامه نشر ٿيڻ لڳا. سندس پهريون ريڊيو ڊرامو “پنجوڙ“ ريڊيو حيدرآباد تان1989ع ۾ ڪامران ڀٽيءَ پيش ڪيو. ان کان پوءِ سندس ڊرامه ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ خيرپور تان پڻ نشر ٿيڻ لڳا. جڏهن ته 1990ع کان ٽي وِي ڊرامه لکڻ جي شروعات ڪيائن. سندس پهريون ڊرامو “اولڙا ۽ عڪس” محمد بخش سميجو جي پيشڪش ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. 1991ع کان تاريخي ۽ تحيقيقي مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪهاڻيون، شاعري، تاريخي، تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون روزانه عوامي آواز ڪراچي، روزانه جاڳو ڪراچي، روزانه ڪاوش حيدرآباد، روزانه ڪوشش حيدرآباد، روزانه سنڌ حيدرآباد، اردو روزانه جنگ ڪراچي، انگريزي روزانه ڊان ڪراچي، ۽ ٻين ڪيترين سنڌي اخبارن کان علاوه ٽه مهراڻ، سارنگا حيدرآباد رسالن ۽ جريدن ۾ شايع ٿيڻ لڳا ۽ اڄ تائين شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعري پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي ۽ ريڊيو حيدرآباد تان مختلف فنڪارن جي آواز ۾ پڻ نشر ڪئي وئي آهي. هيل تائين سندس ٽيهن (30) کان مٿي سنڌي ۽ اردو ريڊيو ڊرامه ريڊيو ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ميرز تان نشر ٿي چُڪا آهن. ٽي وي ڊرامه لکڻ جي شروعات پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان 1990ع کان ڪيائين. سندس پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان 13 کان مٿي انفرادي ڊرامه ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن ۾ وسڪاري کانپوءِ، شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير ، ڇاند، محبتُن جو الميو، پاڻي تي ليڪا ذڪر لائق آهن. پي ٽي وي ڪراچي تان اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سندس اردو ڊرامه سيريل، جيت، جلتي سورج ڪي نيچي ۽ سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کانپوءِ مقبوليت ماڻي. جڏهن ته نجي سنڌي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان سندس ڪيترائي انفرادي ڊرامه توڙي سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي. انهن ۾ ڳاڙهي، ڪارو گلاب، زنجيرون، آڙاھ، خزائن کانپوءِ،ڪڏهن ته ملنداسين، ڪارو سج، خالي هٿ، دام، هوءَ منهنجي نه هُئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهبي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪِير, ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامه شامل آهن.
سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 15 ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هڪ سهڪاري مرتب طو رشايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي ۽ ٻين ادارن پاران ڇپايل آهن.
ھيٺ سندس ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا
کيس ادبي ۽ تاريخي ڪم تي سرڪاري توڙي غيرڪاري ادارن پاران مڃتا طور 20 ايوارڊمليل آهن.
جنوري 2018ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌيءَ (ضلع دادو) ۾ پرنسيپال طور رهيو آهي ۽ تخليقي طرح سندس قلم اڄ به ڪهاڻي، تنقيد، شاعري، ڊرامه ۽ تحقيق جي ميدان ۾ جنبش ۾ آهي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article عزيز ڪنگراڻي, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.