ماڻڪ ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Manik Kingrani) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ۽ اردو زبان جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي آهي.
سندس ڪافي ڪتاب ۽ ڪيترائي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي سان گڏ پي ٽي وي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن ۽ ٿين پيا.
ماڻڪ ڪنگراڻي Manik Kingrani | |
---|---|
ماڻڪ ڪنگراڻي | |
پيدائش | ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ |
ڌنڌو | ، ليکڪڪهاڻيڪار صحافي ڊراما نويس |
ٻولي | سنڌي, اردو |
رهائش | ڪراچي |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم. اي، سنڌي ادب |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
دور | هاڻوڪو |
موضوع | ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، صحافي |
ايوارڊ | بهترين ڊراما نگار پي ٽي ويڪراچي اوارڊ |
رشتيدار | عزيز ڪنگراڻي، نصراللہ ڪنگراڻي |
عزيز ڪنگراڻي جي ننڍي ڀاءُ ماڻڪ ڪنگراڻي جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. سندس جنم دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ 26 مارچ 1978تي ٿيو. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي 1995ع ۽ انٽر 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي منجهان ڪئي. بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.
ماڻڪ ڪنگراڻي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪهاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پهرين ٻارن لاءِ ڪهاڻي “رمون جي عيد” روزانه عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي ان پوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪهاڻيون روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، ماهوار سنڌ سجاڳ ڪراچي ، عبرت ميگزين حيدرآباد، نئين زندگي حيدرآباد، ڪينجهر، هالار ميگزين حيدراآباد ، سنڌ رنگ ميگزين حيدرآباد، هزارداستان ميگزين حيدرآباد ، سنڌو ميگزين حيدرآباد ، سورهيه ميگزين حيدرآباد، ٽماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو ميگزين ڪراچي، نئون نياپو ميگزين ڪراچي کان سواءِ ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري شايع ٿي آهي. حيدرآباد توڙي ڪراچي مان نڪرندڙ اهم رسالن ۾ ڇپيو 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تان نشر ٿيا آهن. جڏهن ته سنڌي اردو ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، سندس اردو ڊرامو بدلتا هي رنگ ۽ سنڌي ڊرامه ريشمي ڏور، اڌورو خواب ،رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر لائق ڊرامه آهن. جڏهن ته صحافي طور روزانه ڪاوش حيدرآباد, روزانه ڪوشش حيدرآباد، سنڌو حيدرآباد، تعمير سنڌ حيدرآباد، واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، امت ڪراچي ، پاڪ ڪراچي، هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي ۽ مهراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر ، سب ايڊيٽر ، اسڪرپٽ ايڊيٽر طورڪم ڪري چڪو آهي سندس صحافت توڙي لکڻ پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي .
پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي هين رنگ ۽ ٻيا شامل آهن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ماڻڪ ڪنگراڻي, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.