درشهوار سيد: سنڌي اديب ۽ محقق

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد يا جيجي دُرِ شهوار (انگريزي ٻولي: Durr-e-Shahwar Syed)، سنڌ جي مشهور سياستدان جي ايم سيد جي ڌيءَ هئي.

دُرِ شهوار پهرين سنڌياڻي هئي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي. درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي ڳوٺ سن، دادو ۾ جنم ورتو. درشهوار سيد هڪ اديب ۽ محقق هجڻ سان گڏ، سماجي ڪارڪن پڻ هئي. درشهوار سيد لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ وقت شاهه جي رسالي جا عربي، اردو، فارسي، ۽ انگريزي ترجما پڻ شايع ڪرايا.

جيجي
درشهوار سيد
درشهوار سيد: ابتدائي زندگي ۽ تعليم, پيشور زندگي, سماجي ڪارڪن
پيدائش 21 مارچ 1940ع
سن، دادو
وفات ڊسمبر 26, 1997 (عمر 57 سال)
جناح اسپتال، ڪراچي
وفات جو ڪارڻ گڙدي جي تڪليف
تعليم پي ايڇ ڊي
مادر علمي يونيورسٽي آف ايڊنبرا
يونيورسٽي آف سسيڪس
جامعه ڪراچي
تنظيم آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن
شھرت جو ڪارڻ شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي
مشھور ڪم The Poetry of Shah Abdul Latif (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
اباڻو ڳوٺ سن، سنڌ
ماءُپيءُ جي ايم سيد (والد)
رشتيدار امداد محمد شاھ (ڀاءُ)
اعزاز شاهه لطيف گولڊ ميڊل (اينمري شمل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد)
پير حسام الدين راشدي ايوارڊ
انٽرنيشنل سچل ڪانگريس ايوارڊ

ابتدائي زندگي ۽ تعليم

درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي سن، دادو ۾ جنم ورتو. پاڻ جي ايم سيد جو آخري اولاد، ٻن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن جي ٽين ڀيڻ هئي. درشهوار جي پيدائش وقت جي ايم سيد سياسي ميدان تي انتهائي سرگرم ڪردار هو ۽ سندس رهائش ڪراچي ۾ هئي. دشهوار ستن سالن جي هئي ته پاڪستان وجود ۾ آيو. جڏهن درشهوار پڙهڻ جي عمر تي پهتي ته سندس تعليم وڏو مسئلو بڻجي ويو، ڇو ته سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي استاد هندو هئا جيڪي ورهاڱي سبب سنڌ ڇڏي ويا، اهڙي ريت سن جي ڇوڪرين وارو اسڪول بند ٿي ويو. ان لاءِ هن کي ڪراچي ۾ رهائش اختياري ڪرڻي پئي ۽ هن شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول مان حاصل ڪئي. هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. جتان هن بي اي جو امتحان 1967ع تي پاس ڪيو. درشهوار ايم اي جي سند فلسفي ۾ جامعه ڪراچي مان 1972ع تي حاصل ڪئي. سيد گھراڻي سان تعلق رکڻ سبب سندس تعليم پرائڻ تي خاندان پاران ڪيترائي اعتراض اٿاريا ويا، پر جي ايم سيد هن جي تعليم مڪمل ڪرائي.

پي ايڇ ڊي

درشهوار سيد جڏهن ايم اي جي سند لاءِ پڙهي رهي هئي ته سندس والد اها خواهش ڏيکاري ته کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي. هن جڏهن ايم اي جي سند ورتي ته سيد حسام الدين راشدي جي صلاح تي هن کي فارسي سکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي سندس ڀائرن مخالفت ڪئي، پر والد کيس پڙهڻ جي اجازت ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي مان 1972ع تي فارسي زبان جو امتحان پاس ڪيو. 1974ع تي درشهوار لنڊن پڙهڻ وئي. هن يونيورسٽي آف سسيڪس جي ڏکڻ ايشيا اسٽڊيز مان Comparative history Religion جي عنوان سان ايم اي جي سند حاصل ڪئي. 1978ع تي هن شاهه لطيف جي شاعري تي پي ايڇ ڊي لاءِ يونيورسٽي آف ايڊنبرا ۾ داخلا ورتي. جتان هن کي 1984ع تي پي ايڇ ڊي جي سند ملي. هن پي ايڇ ڊي مشهور جرمن اسڪالر ائينيمري شمل جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي.

پيشور زندگي

لنڊن کان واپسي تي هي نوڪري ڪرڻ لڳي، جامعه ڪراچي جي پاڪستان اسٽڊيز سينٽر ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. جي هي 1985ع کان 1991ع تائين ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائندي رهي. ان کان پوءِ هن کي 1991ع تي هن شاهه لطيف چيئر ۾ سربراهه مقرر ڪيو ويو. هي پنج سال تائين اتي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي.

سماجي ڪارڪن

درشهوار آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن نالي هڪ سماجي تنظيم جوڙي، جنهن جو مقصد ڪراچي جي ٻهراڙي وارن علائقن جي عورتن کي سکيا ڏيڻ، تعليم جا بنيادي ادارا کولڻ ۽ بيمارن جي مدد ڪرڻ هو. ان کان سواءِ هي تنظيم سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ سرگرم هئي، نوابشاهه ۾ آيل ٻوڏ دوران هن تنظيم امداي ڪيمپ قائم ڪيا ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون ورهايون.

لکيل ڪتاب ۽ ادبي خدمتون

درشهوار سيد، پنج ڪتابن جي ليک هجڻ سان گڏ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٻولي جي بااختيار اداري جي گورننگ باڊي ۾ پڻ شامل رهي.

  • شاهه لطيف ڪي شاعري اور فڪر (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
  • The Poetry of Shah Abdul Latif (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
  • شاهه لطيف جي موسيقي
  • تحقيق جو طريقڪار
  • شاهه لطيف ڪي ڪهانيان
  • ڏونگر سي ڏورينديون (درشهوار ۽ جي ايم سيد جا خط: سهيڙيندڙ ضيا شاهه ۽ منير شاهه)

اعزاز

درشهوار سيد کي سندس ادبي ۽ علمي خدمتن لاءِ ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو، 1988ع تي سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز شاهه لطيف جي شاعري (انگريزي: The Poetry of Shah Latif)، ڇپجڻ تي سنڌ حڪومت پاران نقد انعام ڏنو ويو. ارنيسٽ ٽرمپ جي نالي سان قائم حيدرآباد جي اينمري شمل انسٽيٽيوٽ پاران کيس شاهه لطيف گولڊ ميڊل 1985ع تي ڏنو ويو. ان کان سواءِ کيس پير حسام الدين راشدي ايوارڊ، ۽ انٽرنيشنل سچل ڪانگريس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.

لاڏاڻو

در شهوار سيد، ڪجهه وقت کان ڪراچي جي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ گڙدن جي تڪليف سبب داخل هئي، جنهن کي وفات کان هڪ ڏينهن اڳ جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 26 ڊسمبر 1997ع لاڏاڻو ڪري وئي. سندس وفات جي خبر بعد سن شهر بند ٿي ويو ۽ سنڌ ٻولي جي بااختيار اداري پاران سموريون آفيسن کي هڪ ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو. هن کي سن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏسو

حوالا

Tags:

درشهوار سيد ابتدائي زندگي ۽ تعليمدرشهوار سيد پيشور زندگيدرشهوار سيد سماجي ڪارڪندرشهوار سيد لکيل ڪتاب ۽ ادبي خدمتوندرشهوار سيد اعزازدرشهوار سيد لاڏاڻودرشهوار سيد وڌيڪ ڏسودرشهوار سيد حوالادرشهوار سيد

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

شريانشاهه جو رسالوترقيپيرس19 آگسٽڪائونٽيانگريزي ٻولي757عالاسڪا1179عڪيموٿراپيادريس عليہ السلامسيڪنڊغلام حسين شاهه بخاري1968عآذربائيجاني مناتهلسنڪيايوارڊابڙو وڏ وڙواباسينايريلتوحيديُورَپوقت پٽوٽم ڪُڪفوزيه سومروولاديمير زلينسڪييوروشياڳنڍيندڙ ليڪگوالياربئڪٽيرياوڪيميڊيا فائونڊيشنآنڌرا پرديشارسطوانسٽا گرام1970ع1398عباغفنلينڊميڪسم گورڪيسنڌي وڪيپيڊيانسيم کرلروايتتاثريتشاهه عنايت شهيد1863عسنڌ تي عربن جا حملا8 سيپٽمبربنگلاديشالوليد ابن عبد المالڪيوسف (اسلام)نظمروجھ🡆 More