اليگزينڊر ڪننگھام

اليگزينڊر ڪننگھام (Alexander Cunningham ):(-جنم- 23 -جنوري- 1814 وفات 28 نومبر 1893ع) سر اليگزينڊر ڪننگھام فوج ۾ انجنيئر ھو.

اليگزينڊر ڪننگھام
(انگريزي ۾: Sir Alexander Cunningham خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
اليگزينڊر ڪننگھام 

معلومات شخصيت
ڄم 23 جنوري 1814   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 28 نومبر 1893 (79 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت اليگزينڊر ڪننگھام عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو تلاش ڪندڙ ،مؤرخ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي قديم آثار   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
عهدو جنرل آفيسر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military rank (P410) وڪي ڊيٽا تي

پر کيس ”ھندوستان جي آرڪيالاجيءَ“ جو ابو تصور ڪيو وڃي ٿو. پاڻ لنڊن ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ايلن ڪننگھام ھو، جيڪو پڻ اسڪاٽش زبان جو شاعر ليکبو ھو. پاڻ 19 سالن جي ڄمار ۾ -بنگال- جي انجنيري کاتي ۾ داخل ٿيو. ھن 28 سالن تائين فوج ۾ رھي خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ ميجر جنرل جي عھدي -تان- 1861ع ۾ رٽائر ٿيو. کيس قديم آثارن ۽ خاص طور -انڊيا- جي قديم آثارن سان گھڻي دلچسپي ھئي. آرڪيالاجيڪل سروي آف -انڊيا- کي جڏھن منظم ڪيو پئي ويو ته وقت جي وائسراءِ چارلس جان ڪيننگ سان رابطو ۾ ھو. ھن کيس آرڪيالاجي کاتي جو پھريون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. پاڻ 1861ع کان 1865ع تائين انھيءَ عھدي تي رھيو. 1865ع ۾ ڪن سببن جي ڪري آرڪيالاجي کاتي جو ڪم روڪيو ويو. 1867ع ۾ کيس سر جو خطاب ڏنو ويو. جڏھن 1870ع ۾ آرڪيالاجي کاتي ٻيھر ڪم شروع ڪيو ته ھو واپس آيو ۽ سال 1885ع تائين کاتي جو ڊائريڪٽر رھيو. ڪننگھام سال 1893ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪري ويو. سندس گڏ ڪيل سڪا جيڪي -برٽش ميوزم- ۾ رکيل آھن، سي تحقيقدانن لاءِ وڏو سرمايو آھن. ھن ھندستان (گڏيل) ۾ ڪيتريون کوٽايون ڪرايون، -جن- ۾ سارناٿ، سانچي ۽ مھاٻوڌي ٽيمپل اھم آھن. سندس مشھور -تصنيف- “Ancient Geography of India” آھي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. -ان- کان سواءِ به ھن ڪجهه ڪتاب لکيا، جي ھي آھن:

  1. Bhilsa Topes (1854), a History of Buddhism.
  2. Coins of Ancient India (1891)

جنم

الگزينڊر ڪنگهم 23 جنوري 1814ع تي لنڊن انگلينڊ ۾ ڄائو.

زندگي

الگزينڊر ڪنگهم (Alexander Cunningham) پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات برطانوي فوج ۾ انجنيئر جي حيثيت سان ڪئي، پر سندس اصل سڃاڻپ قديم آثارن جي ماهر ۽ تاريخدان طور رهي آهي. پاڻ جڏهن گڏيل هندستان ۾ برطانوي فوج جي بينگال انجنيئرنگ گروپ ۾ هيو ته هن هندستان جي قديم تهذيب ۽ تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.

سنڌو ماٿري جي قديم آثارن جو ابو

اليگزينڊر ڪننگھام 
Letter dated 31st January, 1862, appointing Cunningham as Surveyor General

الگزينڊر ڪنگهم کي سنڌو ماٿري جي آرڪيالاجي يا قديم آثارن جو ابو قرار ڏنو وڃي ٿو. هي پهريون شخص هو، جنهن سنڌ هند جي قديم آثارن تي پهريون ڀيرو تحقيق ڪري، انهن جي اهميت کي دنيا آڏو نروار ڪيو. قديم آثارن ۾ سندس دلچسپيءَ سبب 1862ع ۾ کيس آرڪيالاجيڪل سرويئر جنرل مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي هن آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو بنياد رکيو. پوءِ کيس 1871ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ڪنگهم ان عهدي تي 30 سيپٽمبر 1883ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڪنگهم جا ڪتاب ۽ مقالا

ڪنگهم 1871ع ۾ انڊيا جي قديم آثارن تي (Ancient Geogrophy of India -1871) نالي ڪتاب لکيو. هن ٽيڪسيلا کان گور تائين سروي ۽ کوٽايون ڪرايون ۽ انهن کي 24 رپورٽن جي شڪل ۾ پڌرو ڪيو. هن پهريون ڀيرو 1872ع ۾ سنڌو سڀيتا جي هڪ اهم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي، ان جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ کي دنيا آڏو آندو. الگزينڊر ڪنگهم جي تحقيق کي بنياد بڻائيندي اڳتي هلي سر جان مارشل ۽ مارٽيمر ويلر سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ کوجنا ڪري موئن جي دڙي جي روپ ۾، سنڌو ماٿري جي تهذيب (indus valley civilization) جي پنج هزار سالن کان به پراڻي تهذيب کي دنيا آڏو پيش ڪيو هو.

لاڏاڻو

ڪنگهم 28 نومبر 1893ع ٿي ديهانت ڪيو.

حوالا

Tags:

اليگزينڊر ڪننگھام جنماليگزينڊر ڪننگھام زندگياليگزينڊر ڪننگھام سنڌو ماٿري جي قديم آثارن جو ابواليگزينڊر ڪننگھام ڪنگهم جا ڪتاب ۽ مقالااليگزينڊر ڪننگھام لاڏاڻواليگزينڊر ڪننگھام حوالااليگزينڊر ڪننگھام

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

گنو عام عوامي اجازت ناموڪتي جي قبربحري تارڪشميري ٻوليڪنوار ٻوٽيھنديالٽيپير پاڳارو ڇهونبادشاھ بيگم (اول)آرمينيائي ٻوليجاسوسيچوڌري غلام محمداٻاوڙو تعلقوانسائيڪلوپيڊيا سنڌياناسائو پن يا ڪارو پنوگنيروم پروٽڪالسيتِکاڻالياس عليہ السلامصوبووڪيميڊيا ڪامنزٻولاسلامنيوزيلينڊابوذر غفاريمحمد ابراهيم جويوعالمگيريتٽامورام ليلاشاھ عبداللطيف ڀٽائيحياتياتي دائرو1856عٽيڪسيلا، پاڪستانروٽيءَ جا پڪوڙااڏيرو لالشئنڊانگ صوبوعمرڪوٽ ضلعوائٽم بمگوگلنيروملڪسعودي عرب جا صوباسنڌ جي تاريخعظيم برطانيا جي بادشاهتفاطمه زهراشاهه عبدالڪريم بلڙيهجري ڪئلينڊرانگريزي ٻوليڏاکڻ اوڀرايشيائي گهوٽالوعيسيٰٻوليجي اين يو آزاد دستاويز اجازت ناموبلديتدم (بيماري)محمد بن عبدالوهابڪارونجھر جبل جو سلسلوپشتڪوه شمیلڊونلڊ ٽرمپيورينيئمداتا گنج بخشحسن درس🡆 More