اسحاق ابڙو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ولد عبدالحڪيم ابڙو 8 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ -امام- بخش ٿيٻي، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.

ابتدائي -تعليم- اباڻي شهر ميهڙ کان سواءِ حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪيائين. سال 1953ع ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان ۾ -استاد- مقرر ٿيو. 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ ايم. اي پاس ڪري فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين. سال 1964ع ۾ -اسلامي تاريخ- ۾ ايم. اي جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ ٽيون نمبر آيو. 1965ع ۾ بي. ٽي جي ڊگري حاصل ڪيائين، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري -تمغو- ماڻيائين. 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايڊ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيائين. سنڌ سرڪار کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ فارسيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو. سال 1976ع ۾ -پاڪستان- طرفان کيس اسڪالرشپ ڏئي -ايران- موڪليو ويو ۽ -تهران- يونيورسٽيءَ مان جديد فارسيءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين، جنهن ۾ کيس ”عالي“ گريڊ ڏنو ويو. 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ شاهه عنايت شهيد جي فڪري پوئلڳ روهڙيءَ جي سادات خاندان مير جان -الله- شاهه رضويءَ جي فارسي ڪلام ”ديوان مير“ جي مهتممي ڪري، -ان- تي انگريزيءَ ۾ مقالو لکيائين. سندس پي ايڇ. ڊي جو مقالو ”ديوانِ مير“ سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر ابڙي سال 1957ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مخزن -جاري- ڪيو ۽ -ان- مخزن جي -انگريزي- ڀاڱي جو -ايڊيٽر- ٿي رهيو. ساڳئي ڪاليج مان ٻه ڀيرا ”الڪريم“ جي نالي سان مخزن ڪڍيائين ۽ -ان- جو چيف -ايڊيٽر- ٿي رهيو. ڊاڪٽر صاحب، -آگسٽ- 1988ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليج ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن هئڻ وقت، ڊائريڪٽوريٽ طرفان سيرت پاڪ تي ڇپايل رسالي ”مشعلِ راهه“ جي -انگريزي- ڀاڱي جو -ايڊيٽر- رهيو. سال 1990ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ابڙو -پاڪستان- ڪاليج مسقط جو پرنسپال هو ته هن ”اقرا“ جي نالي سان مخزن ڪڍي، جنهن جو پاڻ چيف -ايڊيٽر- ٿي رهيو. پاڻ بهترين اديب هو. هن سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي ٽماهي مهراڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن رسالن ۽ ڪاليج مخزنن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن صاحب اسلامي دنيا جي وڏي مفڪر ۽ عالمِ دين حضرت -امام- محمد -بن- محمد غزاليرح جي ڪتاب ”-ايها الولد-“ جي فارسي متن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو غزالي اڪيڊميءَ طرفان چار ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب جو -اردو- ترجمو پڻ مدينه پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سال 1987ع ۾ شايع ڪيو ويو. -ان- کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان دنيا جي نامياري فيلسوف -افلاطون- جي جڳ مشهور ڪتاب \\\"Republic\\\" جو سنڌيءَ ۾ ڪيل سندس ترجمو 1990ع ۾ ”رعيتي راڄ“ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. -ان- کان سواءِ هڪ ڪتاب ”ٻاجهارا ٻول“ به شايع ٿيل اٿس. ڊاڪٽر ابڙي، وزارت -تعليم-، حڪومت -پاڪستان- طرفان ڏنل موضوع ”مواصلات جا وسيلا“ تي هڪ ڪتابڙو 1984ع ۾ لکيو. 1985ع ۾ مرڪزي وزارت -تعليم- طرفان جوڙايل سائنسي ۽ هنري لفظن جي لغت جي سنڌي ترجمي لاءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي چيئرمئن شپ ۾ ٽه رڪني پئنل جو ميمبر رهيو. سال 1984ع ۾ وزارت -تعليم-، حڪومت -پاڪستان- طرفان، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي جيڪي بنيادي ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ تيار ڪرايا ويا، انهن جي نظرثاني ۽ تصحيح لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سال 1990ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “In search of Allah” لکيو، جيڪو -اردو- اڪيڊمي، ڪراچيءَ طرفان سال 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو. پروفيسر ابڙي 45 ورهين کان مٿي -تعليم- کاتي جي خدمت ڪئي. 1973ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج سعيدپور ضلعي -بدين- جو باني پرنسپال مقرر ٿيو. -اپريل- 1975ع ڌاري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، -جتي- 11 ورهيه ڪم ڪيائين، ۽ -ان- عرصي ۾ 3 دفعا چيئرمئن به رهيو. ابڙو صاحب 1985ع ۾ جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن هو ۽ -ان- سال ڪاميٽي آف چيئرمئن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊس آف -پاڪستان- جي چيئرمئن شپ به سنڌ کي ملڻي هئي؛ انهيءَ حيثيت ۾ ڊاڪٽر ابڙو انٽر بورڊ ڪاميٽي آف چيئرمئن جو ميمبر رهيو. 1985ع ۾ ڊاڪٽر صاحب گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو پرنسپال مقرر ٿيو. مارچ 1989ع کان مارچ 1992ع تائين -پاڪستان- ڪاليج مسقط (سلطنت عمان) جو پرنسپال ٿي رهيو. -ٽن- سالن جي ڪانٽريڪٽ بعد کيس ٻيهر گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت -تعليم- کاتي ۾ ورهين جا ورهيه خدمت ڪرڻ کان پوءِ سٺ ورهين جي ڄمار ۾ ويهين گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان ٻه سال پوءِ سنڌ حڪومت سال 1997ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي کي -پبلڪ اسڪول حيدرآباد- جو پرنسپال مقرر ڪيو. ابڙي صاحب 31 -آگسٽ- 1998ع تي گرلس پبلڪ اسڪول جو بنياد رکيو ۽ -پبلڪ اسڪول حيدرآباد- مان مخزن ”اقرا“ ٻيهر -جاري- ڪرايائين. هو ................. تي وفات ڪري ويو.

ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو
تعليم جو ماھر ، پروفيسر، ليکڪ
ذاتي تفصيل
پيدائش 8 فيبروري 1935
ڳوٺ امام بخش ٿيٻو، ميھڙ
وفات حيدرآباد، سنڌ

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

حلال ڪشميردروازومحمد صديق ميمڻ1997عشاعريوي بيڪ مشينارنيسٽ ٽرمپبينڪاڪبري نظرڏور (ادب)موبائل فونقومي ترانوچينميرپور خاصميرپور ضلعو12 محرممَئيادرڪوائيڀمبر ضلعوعبدالڪريم سنديلوٽاموتجريدي نظمڪارا ھيروڪڪڙبني اسرائيلگوگل ترجموعبدالستار ايڌي647عيوسف (اسلام)ڪوٽلي ضلعووڪي مينياڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريريفرانسٻارن جا حقزالڀاڳو ڀاناو سي ايل سيدھشتگرديانگريزي ٻوليعلي رضا سولنگيازبڪستان1236عآرمينيا572عقافيوڪروڙعابد علي (اداڪار)علامت نگاريڏوڪري تعلقوبجار جوکيو ۽ راڻو ارجنآزاد ڪشمير جي تعلقن جي فهرست758عاشوني ڀاويرديف1568عسوويت يونينسنڌ جو برھمڻ گهراڻوسرنھن(وڻ)ڪاگوشيما يونيورسٽي2019–20 ڪوروناوائرس مها وبااپريل🡆 More