آزاد خيال: Free thinking آزاد سوچ

آزاد خيال، آزاد سوچ، آزاد فڪر يا آزاد فڪري (انگريزي ٻولي: Freethought) آزاد سوچ (يا آزاد خيال) (يا آزاد فڪر) هڪ علميات ادراڪ آهي، جيڪو صرف، اختيار، روايت (قصو، حديث)، وحي، يا متو، قاعدو، اصول يا عقيدو بدران علم منطق، دليل، عقل , عقلي ۽ تجربيڪاري جي بنياد تي رکي حق بابت پرکڻ جي پُختي بيهڪ ڏئي ٿو.

يا ٻين لفظن ۾ آزاد سوچ هڪ اهڙي فلسفياني سوچ آهي جنهن جي اصول تحت نظرين ۽ حقيقتن جو بنياد طاقت، ثقافت، وحي، عقيدو يا ان طرح جي ٻين شين تي پرکڻ بدران منطق، سببن، دليلن ۽ تجربي جي بنياد تي رکي پرکڻ کپي. آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري موجب، آزاد خيال "هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو ٻين ماڻهن جي سوچَ، يا نظرئي خاص طور تي مذهبي درس کي قبول ڪرڻ جي بدران پنهنجن خيالن ۽ نظرين کي پاڻ ٺاهيندو آهي." خاص طور تي ڪجهہ سهيوڳي (ھمعصر) فڪر(فهم) ۾، آزاد خيال کي روايتي سماجي، معاشري يا مذهبي عقيدن واري نظام کي رد ڪرڻ سان مضبوطي سان ڳنڍيو ويندو آهي. آزاد خيال جي ادراڪ استعمال کي "آزاد سوچ (فِري ٿِنڪنگ)" طور سڃاتو وڃي ٿو، ۽ آزاد خيال تي عمل ڪندڙن کي "آزاد خيال (فِري ٿنڪرز)" جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي. جديد آزاد سوچ رکندڙَ (فري ٿنڪرز)، معاشري (سوسائٽي) کان حاصل ڪيل سڀني ناڪاري (منفي) ۽ فريب سان ڀريل خيالن کان آزاد خيالي کي فطري آزادي سمجهندا آهن.

هي اصطلاح پهريون ڀيرو 17 هين صديءَ ۾ انهن ماڻهن جي سُڃاڻپ ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آندو ويو جيڪي روايتي مذهبي عقيدن جي بنياد تي کوجنا لاءِ پڇا ڳاڇا (طرح طرح جا سوالَ اُٿارڻ لڳا) ڪندا هيا.آزاد فڪر ماڻهو هر شيءِ بابت پنهنجي تدبير- ترڪيب کي فوقيت ڏيندو آهي خاص طور تي مذهب ۽ سياست جي معاملي ۾ ماڻهن جي چيل ڳالهين ۾ اچڻ بدران ان ڳالهه يا خيال جو تجزئي ۽ منطق تي ڀيٽ ڪري سوچ جوڙي ٿو. آزاد خيال ماڻهو ان معاملي ۾ سائنس ۽ منطق جو سهارو وٺندا آهن ۽ ائين هي ماڻهو انڪري ڪندا آهن ڇوتہ سائنس انهن کي مذهبي تعصب، لساني، ثقافتي فرق کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ جي سکيا ڏيندي آهي.

عملي طور تي، آزاد خيالي يا فري ٿڪنگنگ، سيڪيولرازم، لامذهبيت (الحاد) ، انڪاريت (اجنوسٽڪ ازم agnosticism) يعني خدا جي وجود ۾ شڪ وارو نظريو، مُلائيت مخالف (اينٽي-ڪلرڪالزم anti-clericalism) ۽ مذهبي تنقید سان گهڻو ويجهو ڳنڍيل آهي. آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري (لُغت) آزاد خيالي (فري ٿنڪنگ) کي هن ريت بيان ڪري ٿي "مذهبي عقيدي جي معاملن ۾ دليل جي کُليل مشق، اختياري جي لحاظ ڏانهن بيزاري ۽ آزاد-خيال (فري-ٿنڪر) اصولن کي اپنائڻ." آزاد خيال رکندڙن (فري ٿنڪرز) جو خيال آهي ته ڄاڻ (وِديا) سائنسي پڇا ڳاڇا (کوجنا، چڪاس) ۽ منطق جي مطابق حقيقت (سچائي) ۾ ڄاڻايل هئڻ گُهرجي. تصديق جو تعصب، ادراڪي تعصب، روايتي ڏاھپ، مقبول ثقافت، تعصب (بدگماني)، يا فرقہ پرستي (مذهب فرق) جي محدود اثرن کان سائنس جو ناستڪ (اِلهام ۾ شڪ آڻيندڙ) استعمال شعوري حد تائين آزاد آهي.

سمجهاڻي

ناستڪ ليکڪ ايڊم لي آزاد سوچ کي اهڙي سوچ طور بيان ڪيو آهي جيڪا وحي، روايت، قائم ٿيل عقيدي (اعتقاد) ۽ اختيار کان آزاد (بي پرواهه) آهي، ۽ اها لامذهبيت جي ڀيٽ ۾ "هڪ ڪشادي ڇٽي" طور آهي جيڪا اَڻ تقليد پسندي (آزاد خيالي)، مذهبي اختلاف راءِ، شڪ ۽ گُمان (بي اعتقادي skepticism) ۽ غير روايتي سوچ جي انڊلٺ کي قبولي ٿي."

خاصيتون

آزاد خيال ماڻهو (فري ٿنڪرز) جي وچ ۾، ڪنهن عام تصور (خيال) کي صحيح سمجهڻ لاءِ اهو جانچڻ جوڳو، تصديق جوڳو ۽ منطقي هجڻ لازمي آهي. ڪيترا ئي آزاد خيال رکندڙ ماڻهو انسان دوست هوندا آهن، جيڪي اخلاقيات کي بنيادي انساني ضرورتن سان سلهاڙيندا آهن ۽ انساني همدردي، سماجي ترقي، فن (آرٽ)، ذاتي خوشي، محبت ۽ علم جو واڌارو ۾ معنيٰ ڳولهيندا آهن. عام طور تي، آزاد خيال ماڻهو پنهنجو پاڻ بابت سوچڻ پسند ڪندا آهن، ناستڪ (بي اعتقاد اَڻ مڃيندَڙ) هجڻ جو لاڙو رکندڙ، تنقيدي سوچ ۽ دَليلَ جو احترام ڪندڙ، نئون ويچار(نظريو) ڏانهن کُليل رهندڙ ۽ ڪنهن مَهل پنهنجي انفراديت (شخصيت، خودي) تي فخر ڪندڙ هوندا آهن. اهي پنهنجي کٽڻ (حاصلات) جي بنياد تي- پاڻ لاءِ سچائيءَ جو اندازو لڳائي سگهندا، جواب ڏئي سگهندا، پاڻ وٽ موجود تجربن ۽ انهن ماڻيل تجربن منجهان شين ۾ همواري (توازن) آڻيندا آهن. آزاد سوچ رکندڙ (فري ٿنڪرز) موافقت لاءِ موافقت کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن تحت هو پنهنجي چئوڌاري دنيا جي ڪم ڪرڻ جي طريقن تي ڌيان (غور) ڏئي پنهنجا عقيدا پاڻ ٺاهيندا آهن ۽ قابل قبول اصولن کان ٻاهر سوچڻ لاءِ فڪري (ذهني) سالميت ۽ جرئت رکندا آهن، جنهڪري هو قائم ٿيل روايتن کان ٻاهران سوچڻ لاءِ جرئت رکندا آهن، جيڪا کين ڪنهن اعليٰ طاقت تي يقين ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

نشان

آزاد خيال: سمجهاڻي, خاصيتون, نشان 
پينسي pansy دل آرام گل، آزاد خيالَ جي عَلامت.

دل آرام گل (پنسي) آزاد خيالي جي ڊگهي وقت کان-قائم ٿيل ۽ پُختگي (جٽاءُ دار) نشاني (علامت) طور ڪم اچي ٿو. 1800 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ آمريڪي سيڪيولر يونين جي ادب ان گُل جي استعمال جي مهورت ڪئي. دل آرام گل (پنسي) پويان آزاد خيالي جي علامت جو سبب گُل جو نالو ۽ اُن جي ظاهري شڪل سموهيل آهي. پينسي جو نالو فرانسيسي لفظ پنسيس مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي "سوچ، ويچار". ان کي اهو نالو انڪري مليو ڇاڪاڻ تہ اهو سمجه ويو تہ هي گُل ڪنهن ريت انساني مُنهنَ سان هڪجهڙائي (مُشابهت) رکي ٿو، ۽ اونهاري جي وچ-کان-آخر تائين اهو اڳتي وڌندي مَٿو جُهولائيندو آهي ڄڻڪي ته گنڀير (اُونهائي) سوچ ۾ ٻُڏل آهي.

تاريخ

جديد دور-کان-اڳ تحريڪون

تنقيدي سوچ يا تنقيدي ويچار هيلنسٽڪ ميڊيٽيرئين (Hellenistic Mediterranean) ۾، آئرلينڊ ۽ ايراني سڀيتائن (تهذيبُن) جي وِديا (ڄاڻ) ۽ ڏاهپ جي ذخيرن ۾ نِسريو آهي. (مثال طور خيام جي زماني ۾ (1048-1131) ۽ هن جي آزاد خيال صوفي روبايئت نظمن)، ۽ ٻين تهذيبُن جهڙوڪ چيني (مثال طور، 420-479 جي ڏاکڻي سانگ شاهي گهراڻو جي سامونڊي بحالي علمي سجاڳيءَ جي تحريڪ) ڳجهو ڪيميا ((اصول تقرير عقيدو وغيره) ڳجھو، اندروني، باطني، خاص سلسلي ۾ شامل ماڻهن جو، صرف خاص ماڻهن لاءِ سمجھ جوڳو) يا علم نجوم تي بي دين علمي مُڪرِن جي ذريعي، علمي سجاڳيءَ جي تحريڪ ۽ پروسٽسٽنٽ پسند (عيسائين جو فرقو) سڌارو تائين.

جديد تحريڪون

آزاد خيال: سمجهاڻي, خاصيتون, نشان 
Freethought logo

سال 1600 کي جديد آزاد فڪري سوچ (freethought) جي دور ۾ هڪ اهم مقام (landmark) سمجهيو وڃي ٿو. اهو اڳوڻي ڊومينڪن سنياسي، جيوارڊانو برونو، جنهن کي سوال اُٿارڻ (پڇاڳڇا) سبب اٽلي ۾ ڦاسي (موت جي سزا) جو سال هو.

وَڌيڪ ڏِسو

نوٽس ۽ حوالا

وڌيڪ اڀياس

ٻاهِريان ڳَنڍِڻَا

سانچو:Anarchism

Tags:

آزاد خيال سمجهاڻيآزاد خيال خاصيتونآزاد خيال نشانآزاد خيال تاريخآزاد خيال وَڌيڪ ڏِسوآزاد خيال نوٽس ۽ حوالاآزاد خيال وڌيڪ اڀياسآزاد خيال ٻاهِريان ڳَنڍِڻَاآزاد خيالانگريزيتجربيتدليلروايتعقلعقليفلسفومنطقنظريووحيڊاگما

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سچل سرمستبنياداويس قرنيرپڇٺيطارق عالم ابڙوزٻاونجاھ اکريامير معاويہنيوٽن جي حرڪت جا قانونسنڌي ٻوليثقافت1410عرھسرچل ڪارسنڪراچيسنڌ يونائيٽڊ پارٽيشاھ ڪريم بلڙيءَ واروادريس عليہ السلامانٽرنيشنل مانيٽري فنڊالياس عليہ السلامشاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرس2007ڇاپاڪومرزا قليچ بيگمڪتوباتجرمنيٻولسويڊش ٻوليپير پاڳارو ڇهوناليڪشن ڪميشن آف پاڪستانھزارو9 ربيع الاولمشت زني2019–20 ڪوروناوائرس مها وباعمر بن خطابحرف جرسعودي عربپاڪستان جي پارليامينٽقدرتي رٻڙعلي محمد راشدي1263عتنگواڻيعنوانزندگيامام اوزاعي سنڌيانگريزيجنسي سنگمحمد1180عروٽيءَ جا پڪوڙا1876عجل پريجاپان1 ڊسمبرڪارونجھر جبل جو سلسلوپاڪستان جي قومي اسيمبليفيبروريپاڪستانابو عبدالملڪ محدث سنڌيسکمردهلسنڪي🡆 More