يورپين ايڪانامڪ ايريا

يورپين ايڪانامڪ ايريا يا يورپي معاشي علائقو (انگريزي: European Economic Area) ,, مختصرن (EEA) يورپي ملڪن جي ھڪ معاھدي سان پھرين جنوري 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي .

اھا يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۽ ايفٽا جي رڪن ملڪن (آئس لينڊ، ليڪٽنسٽائين ۽ ناروي) جي ملڪن کي ساڳي بنيادي قائدن تحت ھڪ داخلي مارڪيٽ سان ملائي ٿي. اھي قاعدا يورپي يونين منجھ مزدورن، سامان، خدمتن ۽ سرمايي جي يورپين سنگل مارڪيٽ اندر آزاد منتقلي کي فروغ ڏين ٿا. اھو ھڪ واپاري معاھدو آهي. ان جي آرٽيڪل 1 مطابق ان جو يورپين ايڪانامڪ ايريا جي ٺھڻ جو مقصد واپار ۽ معاشي ناتن جي لاڳيتي ۽ اعتدال واري مضبوطي کي فروغ ڏيڻ آهي. ايفٽا (EFTA) جا رڪن مشترڪ زرعي پاليسي يا مشترڪ ماھيگيري واري پاليسي ۾ شامل ناھن. يورپي معاشي علائقي جي رڪن ملڪن ۾ ماڻھن جي آزاد حرڪت ۽ منتقلي ۽ ان عمل جي تحفظ لاء اپاء ساڳيا ئي آھن جيڪي يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۾ لاڳو ٿيل آھن يورپين ايڪانامڪ ايريا جي فيصلي سازي جي مرحلن سان يورپين ايڪانامڪ ايريا ۽ ايفٽا جا رڪن ملڪ شروعات کان ئي نئين پاليسي ۾ حصو وجھڻ ۽ اثرانداز ٿيڻ لائق بڻجن ٿا 1994 ۾ ھن فورم جي ٿھڻ وقت 17 ملڪن سان گڏوگڏ يورپين ايڪانامڪ ڪاميٽي ۽ يورپين ڪول اينڊ اسٽيل ڪاميٽي شامل ھيا. 2020ع ۾ رڪن ملڪن جو تعداد 30 تائين ٿي ويو جن ۾ 27 يورپي يونين وارا ملڪ ۽ 3 ايفٽا جي چئن مان آئس لينڊ، ليڪٽنسٽائين ۽ ناروي شامل ھئا.

يورپين ايڪانامڪ ايريا
     يورپين يونين جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن     EFTA وارا ملڪ جيڪيEEA ۾ شامل آهن     EU۽ EFTA کان ٻاھر ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن[1]     EU جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن     EFTA جا ملڪ جن معاھدي تي صحيح ڪئي پر اڃان شامل ناھن
     يورپين يونين جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن     EFTA وارا ملڪ جيڪيEEA ۾ شامل آهن     EU۽ EFTA کان ٻاھر ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن     EU جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن     EFTA جا ملڪ جن معاھدي تي صحيح ڪئي پر اڃان شامل ناھن
  • ادارا
  •  • اختياري
  •  • ريگيوليٽر
  •  • ڪورٽون
    • EEA جي جوائنٽ ڪميٽي

    • EEA ڪائونسل
    • يورپين ڪميشن
    • EFTA جي سرويلنس اٿارٽي
    • يورپي يونين جي ڪورٽ آف جسٽس
    • ايفٽا ڪورٽ
رڪن ملڪ
قیام
• EEA  معاھدي تي دستخط
2 مئي 1992
• نفاذ العمل
1 جنوري 1994
پکيڙ
• جملي
4٬944٬753 km2 (1٬909٬180 sq mi)
آبادي
• 2017 اندازو
515,000,000
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
US$20  ٽرلين ڊالر

حوالا

|

Tags:

انگريزييورپي يونين

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

واريگاههوڪي ڊيٽا2009عگھڙيالسنڌو ديش لبريشن آرميطبقاتي ڪشمڪشوڪيپيڊياپروليٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو1711عکيرائين واٽ ڪهڪشانحلال ڪشميرزڪواتعثمان علي عيساڻيپوٽاشيئمآمريڪي ڊالر10 آگسٽوڪيميڊيا فائونڊيشنقزاقستانراڌڻسيد گاجي شاههپانڊو ۽ ڪوروسنڌي وڪيپيڊيا2020عانسانيت واداعرابفاطمه زهرااو سي ايل سي9 آڪٽوبرپھرين مھاڀاري جنگهٽلرلائوسمائي گلانناولڪوروناوائرس مها وبا، 2019-20 وقت پٽياداڪاريسچل سرمست11 شوالمير عبدالحسينعلم ڪيمياسارس ڪووي 2قديم آثارمسلم اسپين1976عانساني حق25 اپريلمحمد صديق ميمڻآءِ پي ايڊريسدروازوکيرٿر جبلنيو يارڪ سٽيعطا محمد ڀنڀروبرفاسلاموقتانسائيڪلوپيڊيارڌراماديوي (فلم)ڪال گرل🡆 More