بهترين مضمون

مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد

وڪيپيڊيا جا بهترين مضمون

بهترين مضمون

هڪ بهترين مضمون ڪنهن به عنوان بابت قابل تصديق حوالن سان بهترين ڄاڻ فرهام ڪندو آهي، جيتوڻڪ بهترين مضمون چونڊ مضمون جي معيار کان ڪجهه گھٽ هوندو آهي، پر اهڙو مضمون مقرر معيار تي پورو لهندڙ هجي ٿو ۽ بهترين مضمون جي چونڊ لاءِ پهرين اميدوار طور نامزد ڪيو ويندو آهي. اهڙن مضمونن ۾ لڳاپيل تصويون شامل هونديون آهن، ۽ انهن جي اجازتنامي بابت پڻ معلومات ڏنل هوندي آهي.

هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 16,882 مضمون آهن، جن مان 101 مضمونن کي بهترين مضمون طور چونڊيو ويو آهي. جيڪي ڪُل مضمونن (168 مان 1 مضمون) ٿي ٿو. وڪيپيڊيا تي جنهن مضمون جي ساڄي طرف هي (بهترين مضمون جو نشان) نشان هجي، ان مان مراد، اهو مضمون هڪ بهترين مضمون آهن. موبائيل ۾ اهو نشان نظر نه اچي ته، مضمون جي بلڪل هيٺين طرف ميزڀر کي ڪلڪ ڪري ڏسي سگھو ٿا.

وڌيڪ بهترين مواد لاءِ ڏسو وڪيپيڊيا:بهترين عنوان.


بهترين مضمون جو طريقيار:

منصوبي بابت صفحو

  • وڪي منصوبو بهترين مضمون

لاڳاپيل صفحا

بلاترتيب بهترين مضمون ڏسوسمورا بهترين مضمون ڏسو اڳوڻا بهترين مضموناڳوڻا سانڍيل بهترين مضمونبهترين مضمون بلحاظ عنوان

زراعت، کاڌ ۽ خوراڪزراعت، کاڌ ۽ خوراڪ

فن ۽ تعميراتفن ۽ تعميرات

انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيڪمپيوٽنگ ۽ انجنيئرنگ · ٽرانسپورٽ

جيوگرافي ۽ جڳهونجيوگرافي · جڳهون

تاريخعالمي تاريخ · بادشاهت، معروفيت، ۽ تخت

ٻولي ۽ ادبٻولي ۽ ادب

رياضياترياضيات ۽ رياضيدان

ميڊيا ۽ ڊرامافلم · ٽيليويزن · ميڊيا ۽ ڊراما

موسيقيايلبم · ڪلاسيڪل ڪمپوزيشن · گانا · ٻيا موسيقي مضمون

قدرتي سائنسحياتيات ۽ دوائون · ڪيمسٽري ۽ مٽيريل سائنس · زميني سائنس · فزڪس ۽ فلڪيات

فلسفو ۽ مذهبفلسفو ۽ مذهب

سماجي سائنس ۽ سماجثقافت، سماجيات، ۽ نفسيات · تعليم · معشيت ۽ واپار · قانون · مخزن ۽ پرنٽ صحافت · سياست ۽ حڪومت

رانديون ۽ وندرفٽبال · بيس بال · باسڪٽ بال · ڪرڪيٽ · هاڪي · پيشورانا ڪشتي · وندر · ٻيا رانديون

وڊيو گيموڊيو گيم

جنگفوجون ۽ فوجي جٿا · محاذ، مشق، ۽ ڇڪتاڻ · فوجي جنگي جهاز · فوجي سجاوٽون ۽ يادگار · فوجي شخصيتون · جنگي ٻيڙا ۽ بحري فوج جٿا · هٿيار، سامان، ۽ عمارتون

متفرق

بهترين مضمون
"ڪنواري مينار، باڪو آذربائيجان"
بهترين مضمون
بهترين مضمون
پراڻي باڪو شهر ۾ ڪنواري مينار

ميڊن ٽاور (باڪو) (ڪنواري ٽاور (باڪو) , ڪنواري منارو (باڪو) ڪنواري ٽاور (آذربائیجاني:(Qız qalası) باڪو جي پُراڻي شهر، آذربائيجان ۾ ٻارنهين صدي جي يادگار آهي. 15هين صدي عيسوي جي شيرواشانهس جو محل سان گڏ، اهو 2001 ۾ يونيسڪو عالمي ورثو تاريخي يادگارن جي فهرست هيٺ درج ثقافتي ملڪيت زمرو ٽيون جي تحت تاريخي يادگارن (ماڳن) جو هڪ گروهه ٺاهي ٿو. اهو آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ مخصوص قومي نشان آهي، ۽ انهيءَ ريت آذري ڪرنسي نوٽ ۽ سرڪاري ليٽرهيڊس تي نمايان طور ظاهر ڪيل آهي. ڪنواري ٽاور يا دي ميڊن ٽاور ۾ هڪ ميوزيم گهر رکيو ويو آهي، جيڪو باڪو شهر جي تاريخي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. ان ۾ تحفو وٺڻ وارو دڪان (گفٽ شاپ) پڻ شامل آهي. ڇِت جو نظارو پُراڻو اڇري شهر، بوليوارڊ، ڊي گُلي هائوس، ۽ باڪو بي جي مُنارن ۽ سوڙهي گهٽين جو ويڪرو نظارو ڏيکاري ٿو. ويجهن سالن ۾، نوروز ميلو جي راتين مهل مٿئيون آتش دان ٻاريو ويو آهي. جمهوريا آذربائيجان جي باڪو ۾ باڪو جو ڪنواري ٽاور هڪ افسانوي ماڳ ۽ دنيا جي مشهور جڳهه آهي. اهو ٽاور اسرار ۽ افسانن جي ڪڪرن سان ڍڪيل آهي، جنهن جي پاڙ آذربائيجان جي تاريخ ۽ آذربائيجان جي قومي ثقافت ڏانهن جُڙيل آهي. ٽاور جي مهاڪهاڻي جو تلاءُ (حوض) ۽ ڏند ڪٿا آذربائيجان جي ثقافت ۽ قومي ورثو جو هڪ حصو آهي. واقعي (حقيقت ۾)، ڪجھ بهادري جون مهاڪهاڻيون آکاڙو يا ناٽڪ (ٿيٽر) جي ڊرامن ۽ ناٽڪ ۾ ناچ لاءِ هڪ موضوع بڻجي ويون. ميڊن ٽاور (بيليٽ) آذربائيجان جو ورلڊ ڪلاس ناٽڪ ناچ آهي، جنهن کي 1940 ۾ افسرياب بدالبيلي ٺاهيو هيو ۽ ناٽڪ ناچ جو ريميڪ 1999 ۾ نباهيو ويو هيو. ڪيسپيئن سمونڊ جي سامونڊري ڪنارو پکڙجي وڃڻ جي نتيجي ۾، زمين جي هڪ پٽي اُڀري آئي.اها زمين نائين کان پندرنهين صديءَ دوران ترقي ڏني وئي، جڏهن پُراڻي شهر جي ڀِت، محلات، گڏوگڏ ميڊن ٽاور جي قلعي جو ٺلھ ( منارو) اَڏيو ويو هيو.


بهترين مضمون
"وڻندڙ جبل (پليزنٽ ھل) تان ٿرسو جو ڏيک"
بهترين مضمون
بهترين مضمون
ٿرسو جي قلعي جو مُک دروازو

ٿرسو (انگريزي: Thurso) اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو ايڊنبرا کان 295 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 818 ڪلوميٽر پري آباد آهي. هيءُ برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان اتريون شهر آهي[1]. مقامي ٻوليءَ ۾ هن شهر کي ”ٿرسا“ ڪوٺيو وڃي ٿو[2]. هيءُ اسڪاٽلينڊ جي هائيلينڊ ڪائونسل واري علائقي ۾ اترئين سامونڊي ڪناري تي آباد آهي. هتي اسڪاٽلينڊ جا ٻه روڊ A9 ۽ A836 پاڻ ۾ اچي ملن ٿا جيڪي هن شهر کي اوله ۾ فورس (Forss) ۽ اوڀر ۾ ڪيسل ٽائون (Castletown) سان ملائين ٿا. 55 ڪلوميٽر ڊگهي ٿرسو ندي (Thurso River) هن شهر جي وچان گذري ٿي. 2018ع جي انگن اکرن موجب، هتان جي آدمشماري 7490 آهي[3]. اوڻويهين صديءَ تائين هن هنڌ کي هڪ اهم بندرگاه جي حيثيت حاصل هئي ۽ هتان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار هلندو هو. ٿرسو ماهيگيري، سوٽي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ ڪافي مشهور هو. هن شهر ۾ سينٽ پيٽر (St Peter's Church) جي گرجا گهر جا کنڊر موجود آهن. اهو گرجا گهر اسڪاٽلينڊ جي سڀ جان پراڻن گرجا گهرن مان هڪ آهي جيڪو 1125ع ڌاري تعمير ٿيو. موجوده سينٽ اينڊريو ۽ سينٽ پيٽر گرجا گهر 1832ع ۾ جڙي راس ٿيو. هتي اتر هاءِ لينڊ ڪاليج جو مرڪزي ڪئپس قائم آهي. ٿرسو هاءِ اسڪول برطانوي سرزمين جو سڀ کان اتريون هاءِ اسڪول آهي جيڪو 1958ع ۾ قائم ٿيو. هتي ٿرسو قلعي جا آثار به موجود آهن. اهو قلعو 1872ع ۾ تعمير ٿيو هو. هتي هڪ فوٽ بال ٽيم ۽ ٻه رگبي ٽيمون آهن. ٿرسو ريلوي اسٽيشن 1874ع ۾ تعمير ٿي. ٿرسو کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اسڪرابسٽر (Scrabster) بندر آباد آهي جتان اورڪني ۽ ڪجهه ٻين ٻيٽن لاءِ فيري سروس مهيا آهي.


بهترين مضمون
"ڪنڙ صبو افغانستان ۾ مجاھدين"
بهترين مضمون
بهترين مضمون
افغان جنگ جا ويڙهاڪ، افغانستان مان سوويت فوجن جي نڪرڻ کي 20 سال پورا ٿيڻ تي جشن ملهائي رهيا آهن.

افغانستان ۾ سوويت ويڙهه (انگريزي ٻولي: Soviet–Afghan War) يا روسي ويڙهه 9 سال تائين وِڙهي وئي. ان جي شروعات ڊسمبر 1979۾ ٿي جڏهن تہ ان جي پُڄاڻي فيبروري 1989 ۾ ٿي هُئي. اِن لڙائيءَ ۾ هڪ پاسي ته افغان فوج جي نالي تي روسي فوج وِڙهي رهيئ هئي ته ٻئي پاسي وري سموري دُنيا جا مجاهدين روس جي خلاف جنگ جي ميدان تي لَٿل هيا. آمريڪا ۽ روس جي وچ۾ سرد جنگ جي ڪارَڻِ امريڪا اِن جنگِ ۾ سامهون ٿي ڪُڏي نه پئي پوڻ چاهيو هيو پَرامريڪي سي آءِ اي ۽ پاڪستاني آءِ ايس آءِ کُليل طور مجاهدين جي تربيت ۽ هر طرح سان سهائتا ڪئي. برطانيا، آمريڪا، سعودي عرب ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن روس جي خلاف اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ اهي ڏوڪڙ مجاهدين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي ڏنا ويا. پاڪستان پڻ اُن جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڪستان منجهان هزارين مجاهدين روس جي خلاف وِڙهڻ لاءِ افغانستان ويا هيا.


بهترين مضمون
"ايشيق اخبار جو پھريون شمارو"
بهترين مضمون
بهترين مضمون
خديجه علي بايوفا، ايڊيٽر ايشيگ اخبار

ايشيگ آذربائيجاني ٻوليءَ ۾ عورتن جي پهرين ڇپائي هئي. اخبار جو پهريون شمارو 22 جنوري 1911ع تي ڇپيو ۽ ان جي ڇپائي 1912ع جي پڇاڙيءَ تائين جاري رهي، جنهن دوران ايشيق جا 68 شمارا جاري ٿيا.ايشگ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڇنڇر تي ڇپجندو هو، جنھن ۾ سائنسي-تعليمي، ادبي، طبي ۽ گهريلو موضوعن کي شامل ڪيو ويندو هو. ٻارن جي پرورش، ساھتيہ، دوائن ۽ گهر اڏاوت سان گڏ، هن ۾ قانون، ثقافت، مذهبي قاعدن ۽ دنيا جي سماچار سان لاڳاپيل مختلف ڀاڱا پڻ شامل هئا. ميگزين جي پوش تي، هڪ نوجوان عورت جي تصوير هئي جنهن کي مٿو ڍڪيل ھو، جيڪا هڪ ٻار جو هٿ پڪڙي بيٺل ۽ اڀرندڙ سج ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکاريل ھجي ٿي، جنھن مان روشني نڪري ھئي (اخبار جي عنوان جو حوالو: آذربائيجان ۾، "ايشيق" جو مطلب آهي "روشني").اخبار جو بنيادي مقصد عورتن کي وديا ڏيڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ هو. عورتون اڪثر ڪري اخبارن ۾ ليک ۽ نظم پيش ڪنديون هيون، جن ۾ عورتن جي زندگين ۾ ٿيندڙ انياءُ تي نندا ڪئي ويندي هئي.اها اخبار سڄي روس جي مسلمانن ۾ مشهور هئي. جيڪا ھن حقيقت جو ثبوت آهي ته اخبار جي اٽڪل 200 ڪاپيون قفقاز کان ٻاهر رڪنن ڏانهن اماڻيون ويون. روس جي اسٽيٽ لئبرريءَ وٽ سال 1911 لاءِ اخبار ايشيگ جو هڪ سيٽ آهي، جيڪو ايمپريس اليگزينڊررا فيودورونا کي پيش ڪيو ويو ھو. رپورٽن مطابق، اخبار جي بند ٿيڻ جي اميد ڀائنڻ جي ڪري، خديجه عليبيوفا ايشيگ جا پهرين کان 34 تائين شمارا ايمپريس ڏانهن موڪليا هئا.مذهبي قدامت پسندن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ اخبار کي مالي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ليکڪن، عالمن ۽ مذهبي قدامت پسندن کان محتاط ٿي، اخبارن ۾ چٺيون، مضمون ۽ نظم موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پڙهندڙن کي رڪنيت وٺڻ بند ڪري ڇڏي. اشگ اخبار لاءِ رڳو مواد ۽ رڪنن جي کوٽ ئي مسئلو نه هئي. جنوري 1912ع ۾، مولا روح الله محمد زاده جي قتل کان پوءِ، جنهن اخبار کي انتهاپسند عالمن کان بچايو، اخبار پنهنجي ”پختگي“ وڃائي ويٺي ۽ ٽن مهينن بعد پنھنجي ڇپائي زوريءَ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي. اهڙيءَ ريت اشگ اخبار پنهنجي آخري شماري سان 21 اپريل 1912ع تي پنهنجي سرگرميءَ جي پُڄاڻي ڪئي. ايشيگ اخبار جي مکيه محققن مان هڪ اماليا قاسمووا جي مطابق، سوويت حڪومت جي دور ۾، آذربائيجان ۾ عورتن جي پريس جي بانيڪار جي حيثيت سان اخبار تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ قائم رهڻ ۾ اسڦل ٿي ڇاڪاڻ ته، اخبار کي "بورجوا پريس" سمجهيو ويندو هو ۽ تحقيق کان ٻاهر رھجي وئي ۽ ميگزين سرگ گديني (آذربائيجاني گديني) ديس جي عورتن جي پھرين پريس جي حيثيت سان شايع ڪيو ويو.


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو مئي


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو جون


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو جولاءِ


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو آگسٽ


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو سيپٽمبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو آڪٽوبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو نومبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو ڊسمبر


Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

نيٺ گونگي ڳالهايوسکر بئراجولیم شیڪسپیئرپاڪستان جي آزادي جو ڏينهنInternational Standard Book Number1993عونواھسالڪڇونآسمانموتيو (بائيولاجي)رڍ21 فيبروري23 آڪٽوبرسخن سچار (ڪتاب)ديبلتائيوان1 آگسٽ786ع385ععمر بن محمد دائود پوٽومنگهارام ملڪاڻيناولمومل راڻوهلال پاڪستان1949عارنيسٽ ٽرمپ جو ترتيب ڏنل شاھ جو رسالوٻه قومي نظريو (پاڪستان)سکڪوروناوائرس روڳ 2019ڪشش ثقلمقدموالف اشباع1788عاوطاقتاريخي تنقيدسنڌو ديشآمريڪي ڊالرسر پوربسائنسعربي ٻوليثميره زرينسر بلاولفائيورعوامي کاتوآزاد نظمڳجهارتاسڪائوٽنگ1915عوڪي سورسشاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرساسڪاٽ لينڊ جي بادشاهتپاڪستاني عام چونڊون 2024محمدبند گوبيايڪڙجمھوريتسمن جو راڄماڙيپور🡆 More