هيرا: يوناني ڏندڪٿائن سان لاڳاپيل ديوي، زيوس جي زال ۽ ڀيڻ

هيرا (انگريزي ٻولي: Hera) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿا ۾ عورتن، پرڻو، ڪُٽنب، ۽ ٻار جو جنم جي ديوي آهي، ٻارنهن اولمپين منجهان هڪ آهي ۽ زيئس جي ڀيڻ-زال آهي.

هيءَ ٽائٽنس ڪرونس ۽ ريئا جي ڌيءُ آهي. هيرا اولمپس جبل تي ديوتائن جي راڻي بڻجي حڪمراني ڪئي. هڪ پرڻيل شخصيت طور، هيرا پرڻيل زالن جي سرپرستي ۽ رکوالي ٻنهين حيثيت سان خدمتون ڏنيون، شادين جي صدارت ڪندي ازدواجي ميلاپن کي آسيس ڏني. هيرا جو هڪ ڳُڻ هي هيو تہ هوءَ زيئوس جي انيڪ محبوبائن ۽ ناجائز ٻارن سميت کيس آڏو مخالفت ڪندڙ انسانن جي خلاف پڻ ساڙ ۽ ڪينو رکندڙ فطرت هئي. هيرا عام طور انهن جانورن سان گڏ ڏٺو ويندو هيو جن کي هوءَ، ڳئون، شينهن ۽ مور سميت پويتر سمجهندي هئي. هيرا کي شاهاڻو ۽ گنڀير طور، اڪثر تخت تي ويهاريل ۽ گلن جو تاج پاتل (هڪ اعليٰ ويلڻ جهڙو تاج، جيڪو ڪيترن ئي عظيم ديوين کي پاتل هيو) ڏيکاريل هيو، هيرا پنهنجي هٿ ۾ هڪ ڏاڙهون کنيون بيٺل هئي، اهو زرخيز رت ۽ موت جو نشان ۽ آفيم ڏوڏي جي نشي آڻيندڙ ڪيپسول جو متبادل هيو. يوناني اسڪالر والٽر برڪارت يوناني مذهب ۾ لکي ٿو ته، "تنهنڪري، ارگوس ۾ هڪ ٿنڀ ۽ ساموس ۾ تختو وانگر، ان کان اڳ جي علامتي نمائندگي جون يادون آهن." ساڳئي زماني ۾ سندس هڪجهڙائي رتبو ۾ رومن جي جونو آهي.

هيرا
Hera
پرڻو, زالن, ٻارڄمڻ, ۽ ڪُٽنب جي ديوي ديوتا
هيرا: تعارف, بُڻ ڀياسُ, پنٿ پوڄا
ڪيمپانا هيرا، هڪ هيلنسٽڪ اصل جي رومن ڪاپي، لووير کان]]
ٺِڪاڻو اولمپس جبل
نشاني ڏاڙهون, مورپکي جا کنڀ, تاج( ڇٽ), ڳئون, سوُسن گل, ڪنول گل (لوٽس), ڪوئل پکي, چيتو (جانور), شاهي ملازم, تخت شاهي, شينهن
ساٿي زيوس
ماءُپيءُ ڪرونس ۽ ريئا
ڀاء ڀيڻ پوسائڊن, هاديس, ديميتر, هيستيا, زيوس, چيرون
ٻچو اينجيلوس, آريس, ايليئٿيا, اينيو, اريز, هيبي, هفائستس
سواري مور پکي وسيلي چٽيل رَٿُ
رومي هم معنيٰ لفظ جُونو
اتروسي هم معنيٰ لفظ يوني

تعارف

هيرا يوناني ڏندڪٿا (ديومالا) قصي ۾ خدا‎ئن جي بادشاهہ زيوس جي زال ۽ ڀيڻ هئي. هوءَ اولمپس جبل جي ٻارنهن اولمپوي ۾ شامل هئي ۽ گهرن جي خدا هئي. ان جي جانور ڳئون ۽ مور آهن.

ماءُ پيءُ

زيوس ڪرونس ۽ ريها جو سڀ کان ننڍو پُٽ هيو. جيڪو هيرا جو مڙش هيو

ڀائر ڀينر

هيرا جا چار ڀائر هيا، جن جا نالا زيوس، پوزائڊن، هادس ۽ ڊميٽر هيا. انکانسواءِ، سندس هڪ ڀيڻ هئي جنهن جو نالو هيسٽيا هيو

بُڻ ڀياسُ

هيرا جو نالو ڪيترن ئي ٿيڻو ۽ گڏيل نرالو بُڻ بڻياد وارو آهي. هڪ ٿئڻي هيئن آهي تہ اهو يوناني وپا هورا، مُند سان جوڙي ٿو ۽ ان جي شادي لاءِ پَڪَلُ هجڻ جي ترجماني ڪري ٿو ۽ افلاطون (پليٽو) جي مطابق، "پريتم جاني" جيئن تہ چيل آهي تہ زيوس هن سان شادي محبت جي لاءِ ڪئي هئي.

پنٿ پوڄا

هيرا: تعارف, بُڻ ڀياسُ, پنٿ پوڄا 
هيرا جو مندر ايگريجينتو, وٽ ميگنا گريئسيا ۾.

هيرا شايد پهرئين ديوتا هئي جن لاءِ يونانين 800 ورهيا مسيح کان اڳ ۾ سموس ڀرسان هڪ مندر عبادت گاهه کي ڇت ڏئي محفوظ ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي هئي. بعد ۾ ان جي جڳهہ تي سموس جي هيرائن سان تبديل ڪيو ويو هيو، جيڪو سمورن يوناني مندرن ۾ سڀ کان اوڏو مندر (کليل آسمان هيٺ مندرن سامهون قربان گاھ هيون) هيو. ان سائٽ تي ڪيترن ئي مندرن جي اڏاوت ڪئي وئي هئي تنهنڪري ڪنهن حد تائين ثابتي منجهائيندڙ آهي ۽ آثار قديمہ جون تاريخون غير يقيني (شڪي) آهن.

اهميت

والٽر برڪارت جي مطابق، هيرا ۽ ڊيميٽر ٻنهي ۾ يوناني عظيم ديوي ديوتائن جا ڪيترائي ڳُڻ (خاصيتون) آهن.

مادر شاهي

اڻويهين صدي جي وچ ۾ ان ڳالهه بابت ڪيترائي علم حاصل ٿيا، جيڪي جوهان جيڪوب بچوفن وٽ ان امڪان بابت واپس پهتا تہ هيرا، جنهن جي شروعاتي اهميت يوناني مذهب ۾ پختي نموني قائم آهي، اصل ۾ هڪ پرڻيل ماڻهن جي ديوي هئي، هيلينيس کان اڳ يونان ۾ شايد آباد (رهندي) هئي. ان خيال مطابق، شادي جي ديوي واري حيثيت سان هن جي سرگرمي پنهنجي ئي ماتحت جو اهم تعلق قائم ڪيو: زيوس جي سوڀُن خلاف ان جي مزاحمت کي هيرا جي "ساڙ" طور پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو ان جي قديم فرقي کي متاثر ڪندڙ ادبي قصن جو مرڪزي موضوع آهي. تنهن هوندي، هي هڪ تڪراري دعويٰ آهي تہ اوائلي پرڻيل (ازدواجي primitive matriarchy) يونان ۾ يا ڪٿي ٻئي هنڌ موجود هئي.

زيوس سان شادي

هيرا: تعارف, بُڻ ڀياسُ, پنٿ پوڄا 
جوزف پيلنڪ - جونو، 1832
هيرا: تعارف, بُڻ ڀياسُ, پنٿ پوڄا 
جونو خوشبو جي واپاري نشان
هيرا: تعارف, بُڻ ڀياسُ, پنٿ پوڄا 
جيڪوپو ٽينٽوريٽو - کيرڌارا (ملڪي وي ڪھڪشان) جو مُنڍ - گوگل آرٽ پروجيڪٽ

هيرا پنهنجي ساڙ حسد لاءِ سُڃاتي ويندي آهي، ايتري تائين تہ زيئس (زيوس)، کيس عام طور بيباڪ (بي خوف) طور پيش ڪيو آهي، جيڪو سندس جوش ڀريل ڪاوڙ کان ڊڄندو هيو. زيوس کي هيرا سان محبت ٿي وئي، پر هن سندس شادي جي پهرئين سڱ جي آڇ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ زيوس جانورن ۽ ٻين ساهوران جي شڪار لاءِ پنهنجي همدردي جو اظهار ڪيو، گجگوڙ ڪندڙ طوفان ٺاهيائين ۽ پنهنجي پاڻ کي هڪ ننڍڙي ڪوئل پکيءَ ۾ تبديل ڪيائين. ڪوئل پکي جي شڪل ۾، زيوس دريءَ کان ٻاهر اهنج ۾ هجڻ جو بهانو ڪيو. هيرا، کي پکي تي رحم آيو ۽ ان کي اندر کڻي آئي ۽ کيس گرم- ڪوسو ڪرڻ لاءِ ان پکي کي پنهنجي اُرھ ۾ لڪايو. پوءِ زيوس ڪوئل پکي جي صورت منجهان پنهنجي اصلي روپ ۾ واپس اچي ويو ۽ هيرا سان زوريءَ زنا (ريپ) ڪيائين. هيرا، پاڻ سان ٿيل غير واجبي (استحصال) تي شرمندي ٿي، زيئوس سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي. سندن شادي لاءِ سموري سرشٽي (فطرت) ٻهڪي ٽِڙڻ لڳي ۽ ڪيترن ئي تحفن جي ڏي وٺ ٿي.

نوٽس

حوالا

  • Walter Burkert, Greek Religion 1985.
  • Burkert, Walter, The Orientalizing Revolution: Near Eastern Influence on Greek Culture in the Early Archaic Age, 1998
  • Farnell, Lewis Richard, The cults of the Greek states I: Zeus, Hera Athena Oxford, 1896.

ٻاهريان ڳنڍڻا

Tags:

هيرا تعارفهيرا بُڻ ڀياسُهيرا پنٿ پوڄاهيرا زيوس سان شاديهيرا نوٽسهيرا حوالاهيرا ٻاهريان ڳنڍڻاهيراآفـيمانگريزياولمپس جبلببر شينهنتاججانداررتزالشاديعورتقديم يونانمذهبموتموريونانٻارڏاڙهونڏند ڪٿاڪٽنبگلڳئون

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

برهمي لکتمونھاڏو جماعٺري ميرواھ تعلقو6 فيبروريرڌراماديوي (فلم)نائڊيريا1932عهائير سيڪنڊري اسڪول راڌڻآسٽريا جي راڻي سيسيمولانا وحيدالدينمھاڀارتسيد گاجي شاههسمن جو راڄعابد علي (اداڪار)غلام حسين ھدايت اللهعلم عروضلاڙڪاڻو ڊويزنڊومينيڪن ريپبلڪھلال ڪشميربحر وزن (شاعري )بجار جوکيو ۽ راڻو ارجنچليعيسوي سالڀاڳو ڀانسجانساني هاضمي جو سرشتوجبرالٽر1976عدروازو758عپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوارجنابابيلبنگالخودمختيار رياستلاکو ڦلاڻيسماجعبيدالله سنڌيعثمان علي عيساڻيمحبتانگريزيجاپان1914ععوامي کاتواو سي ايل سيحليم باغيڀرتلنواري شريفموبائل فونآزاد ڪشمير جي تعلقن جي فهرستفارسي ٻوليسوريناماُرڙيسنگل بورڊ ڪمپيوٽرھٽيان مٿيون ضلعو2007عحويلي ضلعو26 سيپٽمبراڇوپي پي-225 (لوڌران-1)ٻجعلم ڪيمياچارواجرڪ🡆 More