خواب: سمهڻ وقت ذهن ۾ واقع ٿيڻ وارو واقعو

خواب(انگريزي: Dream ) خواب تصويرن، خيالن، جذباتن ۽ احساسن جو ھڪ تسلسل آهي جيڪو ننڊ جي ڪنھن حصي ۾ غير ارادي طور تي ذھن ۾ واقع ٿيندو آهي.خوابن جي سائنسي تعليم کي انائرولاجي (Oneirology) يا علم الاحلام چوندا آهن..خواب گھڻي ڀاڱي تند چشم حرڪت واري ننڊ (انگريزي: Rapid Eye Movement Sleep ) ۾ ڏٺا ويندا آهن.

اھو ننڊ جو اھڙو سوپو ھوندو آھي جنھن ۾ ماڻھو جو جسم مفلوج ٿي ويندو آھي سواءِ اکين، دل، ڊايافرام ۽ آنڊن جي مشڪن جي سموريون جسماني مشڪون (muscles) سن ٿي وينديون آھن ۽ ذھن مڪمل جاڳيل ھوندو آھي. اکين ۾ ھڪ يا ٻہ سيڪنڊ تيز حرڪت ٿيندي آهي. خوابن جي ڊيگھ ننڍي وڏي ٿئي ٿي. ڪن جي ڊيگھ چند سيڪنڊ ٿئي ٿي ۽ وڏا خواب لڳ ڀڳ 20 کان 30 منٽن جا ھوندا آھن .سراسري عمر ۾ ھڪ ماڻھو ھڪ رات ۾ 3 کان 5 خواب ڏسي سگھندو آھي ڪو ڪو ماڻھو ھڪ رات۾ ستن تائين خواب ڏسي سگھي ٿو. اڪثر خواب ھڪدم يا ٿوري دير ۾ ئي وسري ويندا آه. اٺن ڪلاڪن جي ننڊ ۾ اڪثر خواب تند چشم حرڪت واري ننڊ جي ٻن ڪلاڪن واري سوپي ۾ ايندا آهن. گھما گھمي يا مصروفيت واري زندگيءَ وارن خوابن ۾ تند چشم حرڪت واري ننڊ سان ٿيٽا لھرون پڻ شامل ھونديون آھن جن سان جذبات واري ياداشت انھن ۾ شامل ٿي ويندي آهي. خوابن جو مطلب ڪڍڻ بابت راء ھر معاشري ۾ مختلف ھوندي آھي. اڪثر خواب متعلق سگمنڊ فرائيڊ جي خوابن واري نظريي کي مڃيندا آھن جنھن مطابق "خواب مخفي خواھشن ۽ جذبن جي بصيرت کي ظاھر ڪندا آهن".

خواب: سمهڻ وقت ذهن ۾ واقع ٿيڻ وارو واقعو
سورمي جو خواب نالي ھڪ پينٽنگ جيڪا 1655 ۾ انٽونيو ڊي پريڊا ٺاھي

خواب جو اسلامي تصور

خواب کوڙ مشرقي مذھبن وانگر اسلام ۾ بہ وڏي اھميت رکن ٿا ڇوتہ خوابن ڏسڻ کي پيشنگوئي سان ڳنڍيو ويو آهي. خواب ۽ ڏيکاري (vision) کي قرآن بائيبل وانگر خدا جي پيغمبرن سان رابطي جو ذريعو ٻڌايو آهي ۽ کوڙ نبين کي خدا خوابن جي تعبير جو علم عطا ڪيو. کوڙ حديثن ۾ حضرتِ محمد ﷺ طرفان خوابن ۽ وحي جي وچ ۾ تعلق جي ڳالھ فرمائي آھي. ھڪ حديث ۾ فرمايائون ته خدا جي وحي نبين وٽ جاڳندي بہ ۽ ننڊ دوران نازل ٿيندي آهي. قرآن مان مثال ڏيندي ۽ حضرت محمد ﷺ طرفان خوابن کي ڏنل اھميت جي بنياد تي مسلمانن خواب جي تعبير (oneiromancy) کي اسلام کان اڳ جو خوابن جي درجه بندي ۽ تفسير جو علم سمجھي وڏي اھميت ڏني آھي. خدا جي پاسي کان سچا خواب ڏسڻ ۽ شيطان جي پاسي کان ڪوڙا يا شيطاني خواب ڏسڻ جو اعتقاد اڄوڪي جديد اسلامي معاشري ۾ بہ خوابن ۽ ڏيکن جي قبوليت بڻجي ويو آهي. اسلامي سوانح حيات وارين لکڻين، تاريخي واقعا ترتيب سان ڏيکارڻ واري جدولن، تنقيد ۽ مضمونن وارين لکڻين ۽ فلسفيانه عقيدن ۾ خوابن ۾ ڏٺل واقعن جو ڦھلاء ظاھر ڪري ٿو ته اھي مقابلي واري مذھبي ۽ سياسي اختياري جي ثالثن جي سماجي ڪمن سرانجام ڏيڻ ۽ مسلم معاشري ۾ انفرادي ۽ اجتماعي رھنمائي جو ذريعو آھن. روايتي طور تي خوابن جا واقعا گھڻي ڀاڱي صوفي بزرگن جي سوانح حيات جي لکڻين ۾ ڏنل آھي. قرآن ۾ ڏنل خوابن ۽ ڏيکارين جا تفصيل ساڳيا آھن جيڪي بائيبل ۾ ڏنل آھن. قرآن جي سورة 12 ۽ آيت 102 ۾ ابراھيم کي ڏيک جو ذڪر آهي جنھن ۾ کيس سندس پٽ جي قرباني جو حڪم مليو. سورة 12 جي آيت 44 ۾ يوسف جي خوابن ۽ فرعون جي غيرواضع خوابن جو ذڪر ٿيل آهي. اسلام ورثي ۾ شامل اھي خوابن جون روايتن کي حضرت محمد ﷺ جي خوابن ۽ ڏيکاري ڏسڻ جي سندس زندگي جي اھم واقعن جي مقدس حوالن جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ٿو. قرآن جي سورة نمبر 8 جي آيت 43 ۾ جنگ بدر کان اڳ خدا طرفان خواب ۾ فتح جي بشارت جو ذڪر ٿيل آهي. سورة نمبر 48 جي آيت 27 ۾ مڪي ۾ فاتحانه داخلا کي خدا جي رسول جي ڏيک جي تڪميل سڏيو ويو. نبي صه جي بيت المقدس جي سفر ۽ آسمانن واري معراج جي بيان قرآن جي سورة 17 آيت نمبر 60 ۾ ڪيو ويو جنھن ۾ ڏيکاري جو ذڪر ٿيل آهي. ان ڏيکاري لاء مسلمانن جي اڪثريت جو اعتقاد آھي تہ نبي صه جسماني طور تي معراج تي ويو ھو. ھڪ حديث ۾ نبي صه فرمايو تہ سندس بعد خدا ماڻھن کي سچن خوابن ذريعي رھنمائي ڪندو. اسلامي فلسفين ۾ ابن سينا (وفات:1037) ۽ ابن رشد (وفات:1198) مطابق خواب حتمي حقيقت جا مظھر آھن ۽ جن ذريعي خدا انسانن ۾ علم منتقل ڪري ٿو. صوفين جي بيانن مطابق روحاني ترقي جون وڌندڙ منزلون حضرت محمد صه جي آسماني معراج جي نموني وانگر آھن. امام غزالي مطابق خواب ھڪ نئين روحاني حالت ۾ داخل ٿيڻ جو ابتدائي عمل آھي. شاھ ولي الله (وفات:1762) مسلم امت جي اصلاح واري مقصد کي خواب ۾ حضرت محمد صه ۽ سندس ڏوھٽن جي زيارت ٿيڻ کان پوءِ سمجھيو. فولاني اڳواڻ عثمان دان فوديو (وفات:1817) سماجي برائين جي خلاف سندس جھاد لاء خواب ۾ حضرت محمد صه جي آمد کي محرڪ قرار ڏنو.

حوالا

Tags:

انگريزيسگمنڊ فرائيڊ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

آمري جو دڙواترادي ٻولي (ڪتاب)نستعليق خط1999عآخوند محمد بچل انورمنڊيپاڪستان جو جهنڊوميندِيسيئراگرافيیوگینڊاتاجڪستانمشاھدوآتم ڪهاڻي1973عايڪوٽوريل گائينااڳاڙياسمٿائي ٻوليسنڌ جي تاريخلاھورلياقت آباد ٽائوندرسي ڪتابڪنڊوسوازي لينڊوڪي سورسمفروضوصحيفومثنويصرفياتٽ��اٽ��سچل سرمستريلوي آمدورفتپاليدوھومخدوم نوحکپروچانھگيبونزاڪاٽيڪاسسج اڀريوآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعدار رياستن جي فهرستعوامي کاتوجابر بن اسعث طائيپاڪستان جو آئينداغستانڪنوارڪاماسي پيڪپروليعمر بن محمد دائود پوٽوحواعوامي ليگسنڌي ماڻھن جي فهرستشيخ ايازحسابي سراسريآخوند شيخ ميان فيضڪم (طبعيات)بدين ضلعوبائيوپسيڪينجھر ڍنڍجمھوريتنڪوٽينموهن جو دڙوهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊميوڪيريئوٽا1691عڪوموروسگاج نديروشني جا ڪرشما🡆 More