بورجوازي

بورجوازي __ بورژوازي __(Bourgeoisie):(/ˌbʊərʒwɑːˈziː/; فرينچ: ) مارڪسي نظريي موجب اهو طبقو جيڪو پيداواري ذريعن تي قابض هجڻ جي ڪري يا سرمائيدارانه نظام جي قاعدن موجب، محنت ڪش طبقي جو استحصال ڪري.

مطلب ته بوزروائي اهو طبقو آهي، جيڪو سرمائيدار طبقي جي پٺڀرائي ڪندو آهي. .

نالو ۽ معني

اھو فرينچ ٻوليءَ جو گھڻ معنائون لفظ آهي.جديد فرانسيسي لفظ بورژوا (bourgeois) پراڻي فرينچ لفظ بورجواژ burgeis مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي مارڪيٽ ٽائون. اھو لفظ وري پراڻي فرينڪش ٻوليءَ جي لفظ بورجوا مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي شھر. اصطلاحن بورژوازی جي معني آهي شھر جو رھاڪو.انگريزيء ۾ بورجوازي يا بورژوازي جي معنيَ آهي سرمائيداراڻو حاڪم طبقو جيڪو سماج اندر انتھائي سياسي ۽ معاشي مفاد رکندڙ آهي. فرينچ انقلاب (1789 کان 1799) ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي سڃاڻپ لاء مذڪر ۽ مونث وارا ٻہ لفظ مروج ٿيا جن تحت ٻھراڙيءَ جي اميرن ۽ عورتن لاء لفظ فيوڊل آرڊر ۽ شھر جي اميرن ۽ عورتن لاء لفظ بورژوازي سڏجڻ لڳو. ان انقلاب ۾ عام ماڻھن بوربن خاندان جي بادشاھ لوئيس سورھين کي ان جي اميرن سميت ھٽائي ڇڏيو.ان سبب ڪري اڻويھين صديءَ ۾ لفظ بورژوازي عام طور تي سرمائيداراڻي سماج جي مٿئين حاڪم طبقي جو سياسي ۽ معاشرتي نعمل بدل بڻجي ويو. تاريخي طور تي فرانس جي وچين دؤر ۾ لفظ بورجوا ڪوٽن وارن تجارتي شھرن ۾ ھنرمندن ، ڪاريگرن، واپارين ۽ ٻين کي چيو ويندو هو جن بورجوازي يا بورژوازي ٺاھي اتان جو زميندارن ۽ ھارين جي وچ ۾ ، ۽ مزدورن ۽ پيداواري ذريعن جي مالڪن جي وچ ۾ سوشيو ايڪانامڪ طبقو بڻجي ڪردار ادا ڪرڻ لڳو اھڙي طرح بورژوازي ھڪ وچولو طبقو نروار ٿيو.ان ۾ بزنس ڪندڙ ماڻھو جن جو سرمايي تي اختيار ھيو شھرن جي اندر بورژوازي جي ظھور کي ممڪن بڻايو.

حوالا

Tags:

وڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

طبقوسلطنت بيننپي پي-225 (لوڌران-1)موهن جو دڙواپريلسميرڪنزسنڌ جا ضلعا1882ععلم عروضتيمور لنگڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20بلاول ڀٽو زرداريآسٽرياانڊو-پاڪستاني جنگ 1965عهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊمشمشير الحيدريانٽرنيشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن1997عاوشولنڊنمسلمانڏندنيپالجرمنيروسي انقلابلوڪ گيتبوليويانواب ولي محمدعبدالقادر جيلانيپاڪستان جو آئينمئيسجميرپورخاص ضلعوٺٽوانساني حقن جو عالمي پڌرناموحويلي ضلعوجي ايم سيدسنڌي ٻولي1958عبي بي سي نيوزڪاروبارڪوبالٽعربي ٻوليانجيل28 نومبرڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريريشارڪپيرو (ملڪ)شام1711ع1858ع572عھلال ڪشميرڪٽنبنظرياتي تنقيدسالسمجهاڻيوڪي سورسڪارونجھر جبل جو سلسلوگڏيل بادشاھت🡆 More