آکاڻي

آکاڻيءَ مان مراد واقعن جو تسلسل ٿئي ٿو، جنهن ۾ منظر، ڪردار ۽ واقعا شامل هجن.

آکاڻي انساني زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف وارداتن، مشاهدن ۽ تجربن جي ترجمان آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ ۾ آکاڻين جي رواج رهيو آهي، جيڪي مذهبي نوعيت جون ۽ سورمن جي ڪردارن تي مبني هيون. جنن، ديون ۽ پرين جا قصا آکاڻيون ليکجن ٿيون.
جديد زماني ۾ آکاڻي يا ڪهاڻي افساني کي چوندا آهن، جنهن ۾ ڪوبه واقعاتي قصو بيان ڪيل هجي. اصطلاحي طور آکاڻي اهو قصو آهي، جيڪو ٻاراڻي زندگيءَ ۽ ٻاراڻي دلچسپيءَ پٽاندر ڪردارن تي مبني تصوراتي افسانوي ليک هجي. آکاڻي ٻڌائڻ جو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن انسان ڳالهائڻ سکيو، ان ريت ڪن شروع ۾ پاڻ سان يا قبيلي وارن سان پيش آيل واقعن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائڻ شروع ڪيو. پوءِ جڏهن اهي ٻڌل واقعا هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيا ته انهن افسانوي رنگ به اختيار ڪيو. ان ريت اهي قصا ڪهاڻيون ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جو ذخيرو ٿيندا ويا. اڳتي هلي ڪي ماڻهو اهي قصا ياد ڪرڻ ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا. ان ريت آکاڻي جو فن اسريو ۽ دنيا جا بهترين قصا جهڙوڪ رامائڻ، مهاڀارت، الياد، اوديسي وغيره لکيا ويا.”آکاڻي“ جي معنيٰ آهي”ڳالهه“. آکاڻيءَ کي هندي ٻوليءَ ۾ ”ڪهاني“، عربيءَ ۾ ”قصه“، فارسيءَ ۾ ”داستان“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳالهه“ چوندا آهن.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

انسائيڪلوپيڊيا1788ع1920عاسڪولڀڳونتي ناواڻي25 جنوريڊرامو7 ڊسمبرڪڇون28 ڊسمبرفائيوروالٽئر1971عسنڌهوليبرساتتھذيبنيوٽن جي حرڪت جا قانونسنڪنوشهرو فيروز ضلعو23 آڪٽوبرویب برائوزرجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)سنڌي وڪيپيڊياڊسمبرٿائيلينڊفارسيمقدموڀارت2022عسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبولیم شیڪسپیئرڏند ڪٿاگواتيمالاماڪوڙي1897عزيبراطھر جي رسمڇپائڻنائيجرويب صفحوظرفعبدالستار ايڌي1902عوتايو فقيرلغاري (قبيلو)سونچر لوڻروشنيذيابيطس (شوگر)مرثيوماهوار ڪينجهرگيبون786عاونداھو دورديبلقطعونماز2001عروزانه ڪاوش🡆 More