جي ميل گوگل جي طرفان فراهم ڪئي ويندڙ مفت اي ميل سروس آهي۔ محفوظ ویب میل کان علاوہ پوپ3 ا۽ IMAP4 جي ذریعي بہ استعمال ڪندڙ جي ميل تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا۔ جي ميل جي شروعات پهرين اپریل 2004ء تي ان وقت ٿي جڏهن دعوت نامن تائين محدود ان جيبيٽا ورزن جو اجراء ڪيو ويو.
7 فيبروری 2007ء تي ان جي بيٽا ورزن کي ئي عوام لاء ميسر ڪيو ويو.7 جولاء 2009 تي، ٻين گوگل ايپس سان گڏ هي سروس بہ بيٽا ڪيفيت کان اپگريڊ ٿي وئي۔
ابتدا ۾ هر استعمال ڪندڙ کي 1 گيگابائيٽ جڳهہ ڏني وئي ، جيڪا جي ميل جي ٻين حریفن، جيئن هاٽ ميل وغیرہ جی 2 کان 4 ميگابائيٽ جڳهہ کان ڪافي گهڻي هئي۔ انکانپوء بہ، جي ميل جي طرفان ان ۾ وقتاً فوقتاً اضافو ٿيندو رهيو آهي۔ هر جي ميل پیغام، بشمول انجا فائيل، 25 ايم بي تي مشتمل ٿي سگهي ٿو۔ جي ميل تلاش جي سهولت تي مشتمل انٽرفیس ۽ انٽرنيٽ فورمز جهڙو مڪالماتي منظر (conversation view) ڏيندو آهي۔ جون 2012ء جي انگن اکرن موجب دنیا ڀر ۾ 425 ملين فعال استعمال ڪندڙن سان گڏ جي ميل سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ واري ويب اي ميل سروس آهي۔ مئي 2014 ۾ جي ميل کي گوگل پلي اسٽور تان اینڊروئڊ آلان تي هڪ بلين دفعا انسٽال ٿيڻ واري پهرين ايپ جو اعزاز حاصل ٿيو.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article جي ميل, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.