هندوستان جي فتح
| ||||||||||||||||||||||||||||||||
ڪارگل جنگ (انگريزي: Kargil War)، ()، (اردو: کرگل جنگ) يا ڪارگل ڇڪتاڻ يا ٽڪراءُ [حاشيو (ا)] پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ هڪ جنگي ڇڪتاڻ کي چيو ويندو آهي، جيڪا 1999ع جي مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڪشمير جي ضلعي ڪارگل ۽ لائين آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڙهي وئي. هندوستان ۾ هن تنازعي يا جنگ کي آپريشن وجي (سوڀ) جي نالي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي آپريشن هندوستان ڪارگل جي علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيو هو.
هن جنگ جو سبب، پاڪستان جي فوجي سپاهين (شروع ۾ انهن کي ڪشمري مجاهدين چيو ويو) پاران لائين آف ڪنٽرول ٽپي ڪارگل ۾ هندوستان جي فوجي چوڪين تي قبضو ڪرڻ هو. جنگ جي شروعات ۾، پاڪستان پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وڙهندڙ ڪشيمري مجاهد آهن، آپريشن وجي کان پوءِ مئل فوجين، ۽ پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جي بيانن مان ڳالهه واضع ٿي ته وڙهندڙ پاڪستان جي فوج جا اهلڪار هئا، جن جي اڳواڻي جنرل اشرف رشيد ڪري رهيو هو. هندوستان جي فوج، هندوستاني هوائي فوج جي مدد سان، پاڪستان پاران قبضو ڪيل ڪيترن ئي جڳهن کي خالي ڪرايو، عالمي ۽ سفارتي دٻاءُ سبب پاڪستاني فوجين رهيل علائقن کي پاڻ خالي ڪري ڇڏيو.
ويجهي ماضي ۾ مٿاهين جبلن تي وڙهي ويندڙ جنگ جو هي مثال آهي، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان اهلڪارن کي رسد پهچائڻ ۾ دشواريون آيون. هي پنهنجي نوعيت جي انوکي جنگ هئي، جتي ٻه ائٽم بم رکندڙ ملڪ هڪ ٻئي سان سڌي جنگ ۾ مصروف هئا. انڊيا پاران 1974ع ۾ پهريون ائٽمي تجربو ڪيو ويو. پاڪستان پاران ڳجهي نموني انهي ئي وقت کان ائٽم بم ٺاهڻ جون تياريون پڻ شروع ڪيون ويون ۽ 1998ع تي هندوستان پاران ٻيهر ائٽمي تجربي جي ٻن هفتن کان پوءِ پاڪستان پڻ پهرين ائٽم بم جو ڪامياب تجربو ڪيو.
1947ع تي، برصغير جي ورهاڱي کان اڳ، ڪارگل بلتستان، ضلعي لداخ جو حصو هئي. جنهن جي آبادي مختلف ٻولين، مذهبي ۽ نسلي گروهن ۾ ورهايل هئي، جيڪي سڄي دنيا کان اڳ مٿاهين چوٽين تي آباد هئا. پهرين ڪشمير جنگ (1947 کان 48) سبب لائين آف ڪنٽرول جو جنم ٿيو، جنهن ۾ بلتستان ضلعو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، ۽ لداخ سب ڊويزن ڪارگل ضلعو هندوستان جي انتظام هيٺ آيو. 1971ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي شڪت بعد شملا مهادو ٿيو، جنهن ۾ ٻئي ڌريون راضي ٿيون ته اڳي لائين آف ڪنٽرول جو احترام ڪندي، اتي ڪا جنگ نه ڪئي ويندي.
ڪارگل ٽائون، سرينگر کان 205 ڪلوميٽر (127 ميل) فاصلي تي آهي. هماليا جي ٻين علائقن جيان، کنڊ جي ٿڌي ۽ گرم آبهوا جو علائقو آهي. جتي سياسي ۾ شديد سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي پد 48 ڊگري تائين پهچيو وڃي.
هندوستان جي قومي شاهراه (اين ايڇ 1 ڊي) جيڪا سرينگر ۽ ليهه کي ڳنڍي ٿي، سا ڪارگل وٽان گذرندي آهي. جنهن جاءِ تي هندوستاني سرحدن تي مداخلت ڪئي وئي، اها 160 ڪلوميٽر ڊگھي جابلو پٽي هئي، جتان سرينگر ۽ ليهه کي گڏائيندڙ روڊ هو. انهي روڊ تي هندوستاني فوج جون چوڪيون 16 کان 18 هزار فوٽ اوچائي تي قائم هيون.
ڪارگل جي پوسٽن تي قبضو ڪرڻ جو مقصد مٿاهين چوٽين تي وهي رهڻ هو، ڇو ته مٿاهين چوٽين تي وٺيل فوجين کي جنگ دوران وڌيڪ موقعا ملندا آهن. اهڙي جنگ ۾ پاڪستان کان وڌيڪ هندوستان کي فوجي گھربل هئا جيئن انهن مٿاهن علائقن کي خالي ڪري سگھن. ڪارگل پاڪستان جي شهر اسڪردو کان 173 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقعي آهي، جتان پاڪستاني فوج کي مدد ملڻ پڻ آسان هو. اڳئي ڪارگل ۽ اسڪردو جي وچ ۾ هڪ روڊ پڻ واقعي هو، جيڪو 1949ع تي بند ڪيو ويو.
1971ع واري جنگ کان پوءِ، تمام گھٽ واقعا پيش آيا جتي هندوستان ۽ پاڪستان جو فوجين سڌو جنگ ڪيو هجي. انهن مان 1980ع جي ڏهاڪي هڪ محدود جنگ سياچن گليشير لاءِ وڙهي وئي ته جيئن مٿاهين چوٽين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪجن، 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪشمير جي علحدگي پسند تحريڪ جي سبب ڪافي ڇڪتاڻ رهيو، جنهن کي پاڪستان پاران مدد ڏني پئي وئي، ان کان سواءِ ٻنهي ملڪن 1998ع تي ائٽم بم جا ڌماڪا پڻ ڪيا، جنهن سان ماحول اتنهائي پيچيدا ٿي ويو. انهي ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن 1999ع تي لاهور مهادي تي صحيون ڪيون، جنهن ۾ ڪشمير جي مسئلي جو پرامن حل ڳولڻ جو چيو ويو.
1998 ۽ 99ع ڌاري پاڪستاني فوج جي ڪجهه عنصرن مهاجدن جي روپ ۾ پاڪستاني فوج جي سپاهين کي هندوستان جو سرحد ٽپايو، ان کي آپريشن بدر جو نالو ڏنو ويو. هن آپريشن جو مقصد ڪشمير ۽ دلاخ جي وچ وارو رستو ڪٽي ڇڏڻ هو، ته جيئن هندوستاني فوج سياچن گليشير خالي ڪري ۽ ڪشمير سان لاڳيل سرحدي تڪرار جي حل لاءِ هندوستان تي دٻاءُ وڌو وڃي. ان آپريشن سبب پاڪستان جو خيال هو ته ان سان ڪشيمر مسئلو عالمي برادري جي سامهون وڌيڪ نمايان ٿي ايندو، ۽ ڏهاڪن کان ڪشيمر ۾ وڙهندڙن جو مورال پڻ بلند ٿيندو.
پاڪستان جي ليفٽيننٽ جنرل شاهد عزير جيڪو بعد ۾ آئي ايس آئي جي انالائيسز ونگ جو سربراهه پڻ مقرر ٿيو، ان جي مطابق ڪارگل ۾ وڙهندڙ مجاهدين نه پر پاڪستاني فوج هئي. جنوري 2013ع تي شاهد عزيز پاران ڊيلي نيشن ۾ لکيل مضمون ۾ ڄاڻيو ويو ته پاڪستاني فوجن مٿاهن علائقن تي ننڍن هٿيار سان قبضو ڪيو. ڪجهه ليکڪن جي مطابق هن آپريشن جو مقصد آپريشن ميگدوت جهڙو ئي هو، جنهن جي ذريعي هندوستان سياسچن جي ڪيترن ئي علائقن تي چڙهائي ڪري پنهنجي اثر هيٺ آندو هو.
هندوستان جي آرمي چيف ويد پرڪاش ملڪ ۽ ٻين ماهرن مطابق هي پلاننگ ڪافي پراڻي هئي ۽ 80 ۽ 90 ڏهاڪي ۾ فوج طرفان ضيا الحق ۽ بينظير ڀٽو کي پڻ اها سفارش ڪئي وئي ته ڪارگل تي مداخلت ڪجي، پر ان خوف کان اهو عمل نه ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مڪمل ۾ جنگ لڳي سگھي ٿي.
ماهر جي مطابق اڳ کان سوچيل پلاننگ کي پرويز مشرف پاران آڪٽوبر 1998ع تي آرمي چيف ٺاهڻ وقت ٻهير کوليو ويو. ڪارگل جنگ کان پوءِ نواز شريف پاران چيو ويو ته هو جنگ کان بي خبر هو، ۽ هن کي جنگ جي خبر ان وقت پئي جڏهن کيس اٽل بيهاري واجپائي ڪال ڪئي. نواز شريف هن جنگ جي زميواري مشرف ۽ سندس ڪجهه ساٿين کي قرار ڏنو. پاڪستاني ليکڪن مطابق ان جنگ جي باري ۾ صرف مشرف کان سواءِ ٽن جنرلن کي خبر هئي. مشرف جي بقول نواز شريف کي 20 فيبروري تي واجپائي جي پاڪستان اچڻ کان اڳ 15 ڏينهن اڳ ان مسئلي تي بريفنگ ڏني وئي هئي.
سال (1999ع) | واقعا' |
---|---|
3 مئي | ڪارگل تي پاڪستاني مداخلت بابت هڪ مقامي ڌنار پاران هندوستاني فوج کي ٻڌايو ويو. |
5 مئي | هندوستاني فوج جانچ لاءِ فوجي روانا ڪيا؛ پاڪستاني فوجين پاران 5 هندوستاني فوجي اغوا ڪيا وياو جن کي تشدد بعد قتل ڪيو ويو. |
9 مئي | پاڪستاني فوج پاران شيلنگ سبب ڪارگل ۾ هٿيارن جي زخيري کي سخت نقصان پهتو. |
10 مئي | پهرين دفعي مداخلت دراس، ڪاڪسر، ۽ مشڪوهه ۾ رپورٽ ڪئي وئي. |
مئي جو وچ | هندوستاني فوج ڪشمير وادي کان وڌيڪ فوجون ڪارگل ڏي روانيون ڪيون. |
26 مئي | هندوستاني هوائي فوج ڪارگل تي موجود پاڪستاني فوجين مٿان هوائي حملا شروع ڪيا. |
27 مئي | هندوستان جا 2 جهاز تباهه ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ فلائيٽ لفٽيننٽ ڪمبامپتي نچيڪتا کي پاڪستاني فوجين پاران گرفتار ڪيو ويو. |
28 مئي | پاڪستاني فوج پاران هندوستاني هيلڪاپٽر کي ڪيرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 4 هندوستاني فوجي مارجي ويا. |
1 جون | پاڪستان پاران قومي شاهراهه اين اي 1 اي تي بمباري شروع ڪئي وئي. |
5 جون | هندوستاني فوج پاران پاڪستان جي ٽن سپاهين پاران مليل ڪاغذ جاري ڪيا ويا، جن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڪارگل ۾ ورهندڙ پاڪستاني فوجي آهي. |
6 جون | هندوستان فوج ڪارگل تي وڏي ڪاروائي جو آغاز ڪيو. |
9 جون | هندوستاني فوج بلاٽڪ سيڪٽر تي ٻن مُک هنڌن تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. |
11 جون | چين جي دوري تي ويل آرمي چيف پرويز مشرف ۽ چيف آف جنرل اسٽاف عزيز خان جي وچ ۾ ڪارگل بابت ٿيل گفتگو کي هندوستان پاران رڪارڊ ڪري جاري ڪيو ويو. |
13 جون | دراس ۾ هندوستاني فوج تلولينگ تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. |
15 جون | پاڪستان جي وزير اعظم نواز شريف کي بل ڪلنٽن پاران فون ڪري چيو ويو ته ڪارگل مان پاڪستاني فوج کي واپس ڪيو وڃي. |
29 جون | ٽائيگر جبل جي ويجهو، هندوستاني فوج ٻه خاص جڳهن پوئنٽ 5060 ۽ پوئنٽ 5100 تي قبضو ڪيو ويو. |
2 جُولاءِ | هندوستاني فوج پاران ڪارگل تي پاڪستاني فوجين مٿان ٽن طرفن کان حملو ڪيو ويو. |
4 جُولاءِ | هندوستاني فوج يارنهن ڪلاڪن جي مسلسل جنگ کان پوءِ ٽائيگر جبل کي پاڪستاني فوجين کان خالي ڪرائي ورتو. |
5 جُولاءِ | هندوستاني فوج دراس تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. صدر ڪلنٽن سان ملاقات کان پوءِ نواز شريف پاڪستان فوج کي ڪارگل خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. |
7 جُولاءِ | بلاٽڪ ۾ جوبر جبلن تي هندوستان ٻيهر قبضو ڪري ورتو. |
11 جُولاءِ | پاڪستاني فوج ڪارگل خالي ڪرڻ شروع ڪيو، هندوستاني فوج بلاٽڪ ۾ مُک جڳهن تي ٻيهر قبضو ڪيو ويو. |
14 جُولاءِ | هندوستاني وزير اعظم اٽل بيهاري واجپائي آپريشن وجي جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. حڪومت پاڪستان سان ڳالهين لاءِ ڪجهه شرط مقرر ڪيا. |
26 جُولاءِ | ڪارگل جنگ پڄاڻي تي پهتي، هندوستاني فوج ڪارگل کي پاڪستاني فوجين کان خالي قرار ڏنو.. |
ڪارگل جنگ جا ٽي مُک مرحلا هئا. پهريون، پاڪستان جي فوج پاران هندوستاني ڪشمير جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ هو، جيئن اين ايڇ 1 کي آرٽلري ذريعي نشانو بڻائي سگھجي. ٻيو مرحلو هندوستان جي فوج کي پاڪستان فوج مداخلت جي سڌ پوڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج کي متحد ڪرڻ ته جيئن ان جو جواب ڏجي. ٽيون مرحلو هندوستان پاران ڪارگل ۾ آيل پاڪستاني فوجين خلاف جنگ ڪري سڄو علائقو خالي ڪرائڻ هو، جنهن تي هندوستان جي فوج ڪامياب وئي.
1999ع جي فيبروري ڌاري پاڪستان جي فوج لائين آف ڪنٽرول جي هندوستاني پاسي تي ڪجهه هندوستاني چوڪين تي قبضي لاءِ اهلڪار روانا ڪيا. اهلڪارن ۾ 4 کان 7 بٽالين شامل هئا ان سان گڏ ايس ايس جي جا خاص ڪمانڊو پڻ هئا. ڪجهه رپورٽن مطابق اهلڪارن کي ڪشمير ۽ افغانستان جي جنگ جوئن جي مدد پڻ حاصل هئي. ويد پرڪاش ملڪ جي مطابق اپريل 1999ع تي پاڪستاني فوجين مداخلت ڪئي. پاڪستاني فوجين مشڪوهه وادي، دراس جي مارپولا رگڊ لائين، بٽالاڪ سيڪٽر، چوربٽالا سيڪٽر، جي مٿانهين چوٽين تي قبضو ڪيو.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ڪارگل جنگ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.