برکا دت: هندستاني ٽي وي صحافي ۽ ڪالمنسٽ

برکا دت (انگريزي ٻولي: Barkha Dutt) ڀارتي صحافي ۽ ليکڪا آهي.

برکا اين ڊي ٽي وي سان 13 سال تائين لاڳاپيل ڪم ڪندي رهي، ۽ جنوري 2017 ۾ ان کان الڳ ٿي وئي. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ۾ ڪارگل جنگ 1999 جي رپورٽنگ کانپوءِ برکا صحافت جي ميدان ۾ اُڀري. ڀارت جو چوٿون وڏو شهري انعام پدم شري کانسواءِ برکا کي ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن ۽ بين الاقوامي تنظيمن پاران انعام مليا آهن. برکا انهن ڪجهہ اهم صحافين منجهان هڪ آهي، جن جو واسطو راڊيا ٽيپ تڪرار سان آهي. اين ڊي ٽي وي تي برکا هفتيوار شو وي دي پيپل (We The People) ۽ روزانو پرائم ٽائم شو دي بڪ سٽاپس هيئر (انگريزي: The Buck Stops Here) جي هوسٽ هئي.

برکا دت Barkha Dutt
برکا دت: ذاتي زندگي, تعليم, ڪيريئر
ورلڊ اڪنامڪ فورم, 2010 ۾ دت
پيدائش ڊسمبر 1971 (عمر 52 سال)
نيو دھلي, ڀارت انڊيا
تعليم سينٽ اسٽيفن ڪاليج، دهلي (BA)
جاميا مليا اسلاميا (ايم اي)
ڪولمبيا يونيورسٽي (ايم ايس)
پيشو نيوز پرزينٽر سڌسماءُ ڏيندڙ
سَرگَرمُ سالَ سال 1991– کان هينئر تائين
اعزاز پدم شري

ذاتي زندگي

برکا نئي دهلي ۾ 18 ڊسمبر 1971 تي ايس۔پي دت ۽ پرڀا دت جي گهر ۾ جنم ورتو هيو. برکا جو پيءُ ايس۔پي دت ايئر انڊيا جو هڪ آفيسر هيو، ۽ ماءُ هندستان ٽائمز سان واڳيل هڪ صحافڻ هئي. برکا پنهنجي صحافت سان لاڳاپيل صلاحيتن جي واسطي پنهنجي ماءُ جون مهربانون مڃيندي آهي. برکا جي ننڍي ڀيڻ بهار دت پڻ هڪ ٽيلي ويزن صحافي آهي. ۽ سي اين اين آءِ بي اين سان واڳيل آهي. مذهبي خيالن جي حوالي کان برکا پاڻ کي لاادري قرار ڏيندي آهي. برکا يونيفارم سول ڪوڊ جي حامي آهي. برکا ٽن طلاقن جي خلاف پڻ پنهنجا ويچارَ ونڊيا آهن.

تعليم

برکا سينٽ اسٽيفنز ڪاليج، دهلي کان انگريزي ادب ۾ بي۔اي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن جامعہ مليہ اسلاميہ منجهان ماس ڪميونيڪيشن (انگريزي: Mass communication) ۾ ايم۔اي ڪئي آهي. برکا ڪولمبيا يونيورسٽي جي گريجوئيٽ اسڪول آف جرنلزم منجهان صحافت ۾ ايم۔اي جي ڊگري پڻ ماڻي آهي.

ڪيريئر

برکا پنهنجي صحافي زندگي جي شروعات اين ڊي ٽي وي تان شروع ڪئي. سال 1999 ۾ ڪارگل جنگ تي رپورٽنگ ڪيائين، جنهن ۾ برکا طرفان هڪ ميجر وڪرم باترا جو انٽرويو پڻ ڪيو ويو هيو، ان کانپوءِ برکا کي پوري ڀارت ۾ شهرت ملي هئي. انکانپوءِ برکا ڪشمير، پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي تڪرارن کي ڪوريج ڏني آهي. سال 2002 ۾ گجرات وڳوڙن کي رپورٽ ڪرڻ مهل برکا حملو ڪندڙن ۽ متاثر ماڻهن کي هندو ۽ مسلم سان سُڃاتو، جيڪو پريس ڪائونسل آف انڊيا جي اصول ۽ ضابطو کان ڀڃڪڙي ڪرڻ برابر هيو. برکا پنهنجي ڪيترن ئي ڪمن تي ناڪاري راءِ ماڻي آهي. برکا اين ڊي ٽي وي جي گروپ ايڊيٽر هئي، ۽ فيبروري 2015 ۾ صلاحڪار ايڊيٽر هئي. برکا 21 سال کانپوءِ جنوري 2017 ۾ اين ڊي ٽي وي کان الڳ ٿي وئي.

لکڻيون

حوالا

Tags:

برکا دت ذاتي زندگيبرکا دت تعليمبرکا دت ڪيريئربرکا دت لکڻيونبرکا دت حوالابرکا دتانگريزيانگريزي ٻوليڀارتڪارگل جنگ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

چيلاٽوآرٽ نوئوو716عپنجابي جا لھجاگلاسگوابراھيم منشيسنڌي ادبي سنگتنوشهرو فيروز ضلعوسيد بلاول شاھ نورانيسلطنت برطانياهانگ ڪانگ جي منتقلياعتزاز احسنسنڌو ماٿري جي تهذيبليپزگسنڌو درياھابوالحسن الاشعريٽيڪساسگڏيل بادشاھتاڇي پيٽ وارو چمڙوبلاغتقطرآبھوادلجاپانجارج برنارڊشاسرمائيدارياَنبِڙِينعروعيسائيروشن آراآمريڪاچچ نامو19 نومبرراشد مورائيڌرتيبليڪ هولليف ايرڪسنپاڪستاني عام چونڊون 2024شهيد بينظيرآباد ڊويزنسنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلاسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبوي بيڪ مشينڊچ ايسٽ انڊيز2016ع سمر اولمپڪسمھيش لالواڻيسوکڙي (ڪتاب)جوڪو ودودوڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرغلام حسين شاهه بخاريپاڪستان ۾ ائٽمي توانائيحيدرآباد ضلعوملان ڪاتياراگنيانساني حق604ع1429ع24 ڊسمبرمي ڊي🡆 More