مظهر ابڙو: سنڌي ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار

ابڙو مظهر ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٽي وي ڊراما ليکڪ ۽ شاعر ھو. مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ ڪولاب جيئل ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڪولاب جيئل جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ ميرپور ماٿيلي مان، بي. اي. ڊگري ڪاليج خيرپور مان، ايم. اي. (سنڌي ۽ ايڪنامڪس) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪئي. پيشي جي لحاظ کان ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، سنڌ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ھو. سنڌ جي ڪهاڻيڪارن ۾ سندس شمار سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو.

مظهر ابڙو: ايوارڊ, ادبي ڪم, وفات
مظهر ابڙو

ايوارڊ

سندس علمي پورھئي جي ڪري هُو ڪيترائي ايوارڊ ماڻي چڪو آهي، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد جو شاھ عبداللطيف ڀٽائي (رح) قومي صدارتي ايوارڊ ۽ ڪيش پرائيز، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو سچل سرمست (رح) ايوارڊ، ماھوار نئين زندگي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد جو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت جو ’نسيم کرل‘ ايوارڊ، ماهوار ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ جو بهترين ناول نگار ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن.

ادبي ڪم

سـنــدس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا (ڪهاڻيون) (2) خُواب - کوٽا سِڪا (ڪهاڻيون) (3) جيون- اجاڙ رستا (ناول) (4) سرد خاني ۾ رکيل خُواب (ڪهاڻيون) (5) درد جي آس پاس (شاعري) (6) خوابن جو سفر (ناول/ڪٿا) (7) سڪل نديءَ جا نشان (ڪھاڻيون) شامل آهن.

مظھر ابڙو جُونِ 16, 2009 ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي تمام ٿورڙي ڀاڱيداري پڻ ڪئي ھئي.

وفات

مظھر ابڙو 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪئي.

.

حوالا

Tags:

مظهر ابڙو ايوارڊمظهر ابڙو ادبي ڪممظهر ابڙو وفاتمظهر ابڙو حوالامظهر ابڙو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

308عڊي موزخديجة الڪبري رضہاسڪائوٽنگمحمد اقبالشير سنگھارنيسٽ ٽرمپسورٺ راءِ ڏياچبنگلاديشڊرونمذهب2006عشِوکيرائين واٽ ڪهڪشانضمير موصولائٽمرومي سلطنتماحولياتي گدلاڻسامسنگ1967عنورالهديٰ شاهه2004عسگريٽ1968عترڪيفل اسٽاپفلمڀالواسانشيونInternational Standard Book Number701عديھ خاڻوٺآدم ڏراڙيائي لپيسنڌاونداھو دورهجري ڪئلينڊرادبي لاڙواتر ڪورياالبرٽ آئنسٽائنفلپائن2008عشيخ ايازسلوڪبيڊن ورٽمبرگلينڪسڪرڙپاڻيقدرتي آفتترڪيببسدم (بيماري)1915عروزانه ڪاوشسمارٽ فونڏکڻ آفريڪاپورهيتن جو عالمي ڏهاڙو🡆 More