جوڳي (انگريزي ٻولي: Jogi) جوڳي لفظ يوڳا مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ملائڻ يا جوڙڻ.
سنسڪرت لفظ يوگي آهي. جنهن جي معنيٰ سنياسي فقير آهي. يوڳي يا جوڳي اھو ماڻھو جيڪو يوڳا ڪندو ھجي، يوڳ يوڳي جو مطلب پاڻ کي ملائڻ (روحاني طور پنھنجي پاڻ کي خالق سان ملائڻ، ھڪ ڪلام ٿيڻ) قديم دور ۾ جوڳين کي مذهبي حيثيت حاصل رهي آهي، جيئن اسلام ۾ مفتين کي موجودهه دور ۾ حاصل آهي.جوڳي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا،يوڳ ھڪ ھندو مذھبي طريقو آھي، جيڪو صدين کان آھي دنيا جو پھريون يوڳي (جوڳي) حضرت آدم عليہ سلام ھو، جنھن يوڳا ڪري رب کي پاڏايو کيس پنھنجي غلطيءَ جي معافي ورتي يوڳا ڪري، جوڳي اتر ڀارت ۾ ڪثرت سان موجود آھن، جن جو مذھب ھندوازم آھي. ڀارت جو مشھور وياپاري (واپاري) اميت جوڳي جيڪو ڀارت جي ھڪ رياست جي اڳوڻي مکيا منتري (CM) اجيت جوڳي جو ڀاءُ آھي، انڊيا جا جوڳي گڏيل امريڪي رياستن US سميت يورپ وغيرھ ۾ پڻ رھن ٿا، ھڪ جوڳي عورت جيڪا آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آھي انجو ميڊيڪل جو ڪتاب يونيورسٽين ۾ پڻ پڙھايو وڃي ٿو. ڀارت کان سواءِ سنڌ ۾ پڻ جوڳي آھن ۽ اھي يوڳي يا جوڳي موھن جي دڙي جا اصلوڪا رھائشي ۽ اتان جو قبيلو آھن.
ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي، جي فقير جوڳ پچائيندا آھن، يعني رياضتون ڪڍندا آھن. اصل سنسڪرت لفظ يوگي آھي. اھي پنندا آھن. اڪثر ھوشادي نه ڪندا آھن؛ جي ڪندا آھن ته پنھنجا پاڻ ۾. ھنن مان ڪي ڪنن جي پاپڙين ۾ ٽنگ ڪري شيشي يا ڪنھن ڪاٺي يا ڪنھن ڌاتوءَ جا ٿلھا ڇلا ڍڪيندا آھن ۽ گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا آھن. ھو شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ سندن مرشد گورکناٿ آھي، جو پندرھين عيسوي صديءَ ۾ ٿي گذريو. جيڪي مرندا آھن، تن کي وھاري مٿان يا ھيٺيان کنڊ رکي دفن ڪندا آھن. مسلمان جوڳي به آھن، جي اڪثر مُرليون وڄائيندا آھن ۽ نانگ وٺندا ۽ گھمائيندا آھن ۽ منڊ ھڻندا آھن، اهي گوگهي چوهاڻ جا مريد سڏائيندا آهن. .جوڳي عام طور نانگن پالڻ واري کي چيو ويندو آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ ’جوڳي‘، ”جوڳ“ (يا يوڳ)، رياضت يا تپسيا ڪندڙ، تن کي تسيا ڏيندڙ هڪ اعليٰ انسان کي چيو ويندو آهي. قاضي قادن (1463-1551ع) پهريون دفعو شاعريءَ ۾ ’جوڳي‘ لفظ جو ان معنيٰ ۾ اصطلاح ڪم آندو آهي. جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري! قاضي قادن ’جوڳيءَ‘ کي نئين معنيٰ ڏني آهي. شاهه لطيف پڻ جوڳي لفظ عام جام ڪتب آندو آهي سر رامڪليءَ ۾ ’جوڳي‘، مرشد، ڪامل انسان، رهبر، حق جي رستي تي هلندڙن کي چيو ويو آهي
جوڳي کي درجابنديءَ طور ٽي قسم ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
شاھ جو رسالو ۾ ھڪ مڪمل سُر جوڳين بابت آھي سُر رامڪلي جي نالي سان.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article جوڳي (ذات), which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.