پکي تتر: ھڪ قسم جي پکيءَ جو عام نالو

تتر (انگريزي ٻولي: Partridge) جهنگ جو پکي آهي.

هي پنهنجو آکيرو جھنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهي ٿو. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرن ٿا. تترن جا شڪاري تترن جا ننڍا ٻچا هٿ ڪري پاليندا آهن, پالڻ دوران کين سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ کانپوءِ انهن کي جھنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪندا آهن.

پکي تتر: تتر جا قسم, وڌيڪ تفصيلَ, تتر ۽ چوماسي جي مند
تتر

تتر جا قسم

هونئن ته تتر جا ڪيترائي قسم آهن، پر ٿلهي ليکي اهو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو، هڪ ”ڪارڙو تتر“ ۽ ٻيو ” ڀورو تتر“.

وڌيڪ تفصيلَ

بالغ تتر جو بُت لڳ ڀڳ 33 سينٽي ميٽر قد ٿئي ٿو. سرمائي ناسي ڀورو ۽ اخروٽي رنگ جي پٺي ۽ پرن تي ناسي رنگ جي کرڙي ڪجهه وڌيڪ ٿئي ٿي. پيٽ ۽ ڇاتيءَ جو رنگ ڪجهه حلقو هوندو اٿس. ڳچيءَ وارو حصو ڪاري ليڪ سان ميرانجهڙو هيڊو هلڪو ٿيئي ٿو. چهنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿينس ٿا. تتر نه رڳو سهڻو پر ڏاڍو سٺو ٻوليندڙ پکي آهي. ٻوليندو آهي ته ان کي ”ڪِيڙو ڪيڙو“ چوندا آهن. نر تتر جي ٻوليءَ کي ’ٽهڪو‘ سڏين ٿا ۽ مادي جيڪا ساڻس سر جهلائيندي آهي ان کي ’کيتو‘ چئبو آهي. پنهنجي قدرتي ماحول ۾ ڪٽنب سوڌو ٽولين ۾ رهي ٿو. پنهجي رنگ سبب پٿريلي ۽ ٻُوڙن سان ڀريل ماحول ۾ چڱيءَ طرح لڪي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي پکي سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ سري لنڪا تائين موجود آهي. خشڪ کليل ميدانن ۽ ڇڊن ٻيلن ۾ رهي ٿو. تتر ڊوڙ جو سٺو ھوندو آهي، انڪري خطري مهل اڏامڻ بدران ڊوڙ کي ترجيح ڏيئي ٿو. اهو ئي سبب آهي، گهڻا ئي شڪاري پاڻ سان گڏ شڪاري ڪتا وٺي ويندا آهن، ته جيئن تترَ لِڪڻ بدرآن اڏامن ۽ اهي بندوق سان انهن جو شڪار ڪري سگهن. هي پکي وارياسي ميدانن يا واريءَ جي ڦٽل دڙن، جنگهلي ماحول، جيئن ديوي، ٻير، ڪرڙ، سرن جي ٻوڙن ۾ رهي ٿو. ڪارڙي تتر جي ماديءَ کي ’ڪَٻي‘ يا ’ڪٻوهڙي ‘ سڏين ٿا. ڪاري تتر جي ٻولي ”ڪَر... ڪَر... ڪِي ... ڪَي ... ڪِي“ ٿئي ٿي، جنھن کي سنڌي ماڻھو ”خضر پير ... خضر پير ..“ ســان تشبــيھه ڏين ٿا. لَڳ جي مند ۾ ڏينھن جو ڪنھن به وقت ڪنھن وڻ يا ٿُـڙ تان ٻوليندو آھي.

تتر ۽ چوماسي جي مند

تتر زمين تي رهندڙ تمام گهٽ اڏامندڙ پکين مان هڪ آهي. ٿر ۾ اڇڙو تتر وڌيڪ ٿئي ٿو . اڇڙو تتر گاهه ، گاهن جو سنهو ٻج ، اڏوهي ۽ مٽي جا جيت کائيندڙ پکي آهي. اهو ڏينهن جو ٻنين ۾ کوٽاڙي ڪندو ۽ جيت کائيندو رهي ٿو، پر رات جو عام حالتن ۾ وڻن تي وڃي رهي ٿو. چوماسي جي مند ۾ جڏهن گرمي ۽ آڙنگ ٿيندو آهي. تڏهن فضا ۾ موجود هوائن جي سبب زمين ۾ رهندڙ جيتن جي چرپر ۽ ٻين سببن جي ڪري مٽيءَ مان به هڪ قسم جي مهڪ اٿندي آهي، جنهن کي محسوس ڪري تتر به مينهن جي آمد کان اڳواٽ خبردار ٿي ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ اهو ٻوليون ٻوليندو آهي جن کي ٻڌي هارين ۽ جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنارن کي مينهن جي اچڻ جو اڳواٽ اندازو ٿي ويندو آهي.

حوالا

Tags:

پکي تتر تتر جا قسمپکي تتر وڌيڪ تفصيلَپکي تتر تتر ۽ چوماسي جي مندپکي تتر حوالاپکي تترانگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

راٿفيلڊ اسپتال سکرضلعو هيٺيون چترالاڇي پيٽ وارو چمڙوآبدوزٽوئيٽرنئين سال جي شامايسٽ انڊيا ڪمپنيٻين مھاڀاري جنگ1969عسنڌ هاء ڪورٽاُوبَرلاڙڪاڻو تعلقواکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀاشعباننوشهرو فيروز ضلعو1170عآنڌرا پرديشسيما عباسيآڳاٽو رومبرازيلڏکڻ ڪورياسائنس فڪشنپورچوگيزي ٻوليوڪي لغتپيرسآسٽرياسارس ڪووي 2مائڪروسافٽپاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئشنi5v5p1926عسرشٽيغزوہ بدر1857ع24 ڊسمبرسرگاسو سمنڊاسراريتخودمختيار رياستچنگيز خانهندوڌرمدرسي ڪتابجوڪو ودودوبرگر بادشاھنبي بخش بلوچ1754عبرج خليفہروشن آراربابصنم مارويشمس الدين التمشميسوپوٽيميامڌيا پرديشطنبورو1238عهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجڪاليجوانوآتو1095ع🡆 More