ھرمان گوئرنگ

ھرمان ولھيم گوئرنگ(انگريزي: Hermann Wilhelm Goring)(جنم: 12 جنوري 1893 ۽ وفات: 15 آڪٽوبر 1946 ) جرمني جو سياسي ۽ فوجي اڳواڻ ھيو جيڪو 1933 کان 1945 تائين جرمني تي حڪومت ڪندڙ نازي پارٽي ۾ ھڪ طاقتور شخصيت ھيو.

پھرين جنگ عظيم جو جھونو ويڙھاڪ پائليٽ جنھن کي بلو ميڪس (Pour le Mérite) نالي اعزاز پڻ ملي چڪو ھو. نازي پارٽي جو شروعات وارو رڪن ھيو جيڪو 1923ع واري بغاوت ۾ پڻ شامل ٿيو ھو ۽ زخمي ٿي پيو ھو. علاج دوران کيس مارفين واپرائڻ جي عادت پئي جيڪا مرڻ گھڙيءَ تائين جاري رھيس. 1933ع ۾ جڏھن ھٽلر جرمني جو چانسلر ٿيو تہ گئورنگ ڪابينه جو رڪن ٿيو پر کيس ڪوبہ کاتو نہ ڏنو ويو هو پر کيس گسٽاپو جي قيام واري مرحلي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو ۽ ھن گسٽاپو 1934 م ھينرخ ھملر جي حوالي ڪئي ھئي. نازي رياست جي قيام بعد گوئرنگ رياست جو ٻيون نمبر طاقتور ماڻھو ھيو. ھي جرمني جي ھوائي فوج لفتويف جو ڪمانڊر پڻ مقرر ٿيو ۽ نازي رياست جي خاتمي تائين ان عھدي تي برقرار رھيو.

ھرمان گوئرنگ
ھرمان گوئرنگ
گوئرنگ جنوري 1945ع ۾
سورھون ريخسٽاگ جو صدر
عهدو سنڀاليو
30 آگسٽ 1932 – 23 اپريل 1945
صدر
چانسلر
پيشرو پائول لوب
جانشين
  • ايرخ ڪوھلر
    (1949; as اولھ جرمني جي بنڊيسٽاگ جو صدر)
  • جوھانس ڊائيڪمين
    (1949; as اوڀر جرمني جي پارليامينٽ جو صدر)
پروشيا جو منسٽر پريزيڊنٽ
عهدو سنڀاليو
10 اپريل 1933 – 23 اپريل 1945
گورنر
  • اڊولف ھٽلر
  • پاڻ ريخ جو اسٽيٽ ٿالٽر جي حيثيت ۾
پيشرو فرانز فان پاپين
جانشين عھدو ختم
پروشيا جو ريخ اسٽيٽ ٿالٽر
عهدو سنڀاليو
25 اپريل 1933 – 23 اپريل 1945
وزير اعظم پاڻ
پيشرو ايڊولف ھٽلر
جانشين عھدو ختم
لفتويف جو سپريم ڪمانڊر
عهدو سنڀاليو
1 مارچ 1935 – 24 اپريل 1945
فيوھرر ايڊولف ھٽلر
پيشرو عھدو ختم
جانشين رابرٽ رٽر فان گريئم
اضافي عھدا
ريخ جو ٻيلي کاتي وارو وزير
عهدو سنڀاليو
جولاءِ 1934 – 23 اپريل 1945
صدر
  • پائول فان ھنڊينسبرگ
  • ايڊولف ھٽلر ( فيوھرر جي حيثيت ۾)
چانسلر ايڊولف ھٽلر
چار سالا منصوبي وارو ريخ جو مڪمل اختيار وارو سفارتڪار
عهدو سنڀاليو
18

آڪٽوبر 193 – 23 اپريل

1945
رهنما اڊولف ھٽلر as فيوھرر
ريخ جو وزير معاشيات
عهدو سنڀاليو
26 نومبر

1937 – 15 جنوري

1938
چانسلر اڊولف ھٽلر
پيشرو ڊاڪٽر شاخت
جانشين والٿر فونڪ
ريخ جي بچاء واري وزارتي ڪائونسل جو چيئرمين
عهدو سنڀاليو
30 آگسٽ 1939 – 23 اپريل 1945
رهنما ايڊولف ھٽلر
ھوابازي جي وزارت
عهدو سنڀاليو
27 اپريل 1933 – 23 اپريل 1945
صدر
  • پائول فان ھنڊينسبرگ
  • اڊولف ھٽلر فيوھرر جي حيثيت ۾)
چانسلر اڊولف ھٽلر
اوبيرسٽ ايس اي فيوھرر
عهدو سنڀاليو
فيبروري 1923 – نومبر 1923
پيشرو ھنس الرخ ڪلنٽزخ
جانشين فرانز پفيفر فان سولومن
ذاتي تفصيل
پيدائش ھرمان ولھيم گوئرنگ
12 جنوري 1893(1893-01-12)
روزنھيئم, بويريائي بادشاھت, جرمن ايمپائر
وفات 15 آڪٽوبر 1946 (عمر 53 سال)
نورمبرگ, بويريا, اتحادي قبضي وارو جرمني
سياسي جماعت نازي پارٽي (NSDAP; 1922–1945)
جيون ساٿي
  • ڪئرن فان ڪانٽزو
    (ش. 1923; و. 1931)
  • ايمي سونيمن
    (ش. 1935)
ٻار ٻچا ايڊا گوئرنگ
ماءُپيءُ
  • ھينرخ ارنيسٽ گوئرنگ (پيءُ)
  • فرانزيڪا ٽائيفينبرون (ماء)
رهائش ڪئرن ھال
ڪرت
  • ھواباز
  • سياستدان
ڪابينا ھٽلر جي ڪابينه
دستخط ھرمان گوئرنگ
فوجي خدمتون
فرمانبرداري
  • ھرمان گوئرنگ جرمن ايمپائر (1912–1918)
  • ھرمان گوئرنگ ويئمر ريپبلڪ (1923–1933)
  • (1933–1945)
سروس/شاخ
  • جرمن ايمپائر امپيريل جرمن فوج
  • Cross pattée Luftstreitkräfte
  • لفتويف
سال خدمتون
  • 1912–1918
  • 1923–1945
عهدو
  • ريخ جو مارشل
  • SA-گروپين فيوھرر
  • Reichsforst- und Reichsjägermeister
ڪمانڊر Jagdgeschwader 1
لڙائيون/جنگيون
  • پھرين جنگ عظيم
  • ٻين جنگ عظيم
اعزاز
  • Pour le Mérite
  • آئرن ڪراس جو وڏو تمغو

خاندان، تعليم ۽ نوڪري

ھيءُ جرمنيءَ جي بئويريا صوبي جي ڳوٺ روزنھيم ۾ 12 جنوري 1893ع تي ڄائو ھو. ھن جو پيءَ ڏکڻ الھندي آفريڪا جي جرمن ڪالونيءَ ۾ گورنر جنرل ھو. ھن جي پيءُ جو نالو ھينرخ ارنيسٽ گوئرنگ ھيو جيڪو شروعات ۾ جرمن فوج ۾ ڪيولري آفيسر ھيو. ھرمان ان جو چوٿون ۽ ٻي گھرواري مان پھريون ٻار ھيو. جڏھن ھرمان پيدا ٿيو تہ سندس پيءُ ھيٽي ۾ جرمن ڪائونسليٽ جنرل ھيو.

ھرمان گوئرنگ 
ھرمان گوئرنگ 1907 ۾ 14 سالن جي عمر ۾

اھڙيءَ طرح وڏي بيٺل خاندان جي فرد ھئڻ سبب، ھيءُ بھترين تعليم حاصل ڪري، 21 سالن جي عمر ۾، جرمن فوج جي ھوائي جھازن واري شعبي ۾ نوڪريءَ ۾ گھڙيو. اُتي ھو 1915ع ڌاري اسڪواڊرن ليڊر ٿيو. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت ھن مخالفن جا ٽيويھ (23) ھوائي جھاز ڪيرايا ھئا، جنھن ڪري ھن کي وڏو تمغو انعام مليو ھو.

گوئرنگ جي ھڪ فلم ڪلپ ۾ پھرين جنگ عظيم ۾ فوڪر ڊي.7 جھاز جي ڪاڪپٽ ۾ ويٺل ڏيکاريل

پھرين جنگ عظيم بعد

جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ اتحادين جيڪي شرط جرمنن تي مڙھيا ھئا، انھن ۾ ھڪ اُھو به ھو ته گوئرنگ جي ھوائي جھازن جي اسڪواڊرن کي زوريءَ تباھ ڪرايو ويو ھو. ان جو ھن کي سخت صدمو ھو. اُن ڏينھن کان ھن فيصلو ڪيو ھو ته اُن بيعزتيءَ ۽ ظلم جو ھڪ ڏينھن ھو ضرور انتقام وٺندو. ان کان پوءِ جرمنيءَ ۾ حالتون رھڻ جي لائق نه ڏسي، ھي پھرين ڊينمارڪ ۽ پوء سئيڊن وڃي رھيو. ھوائي جھازن جي فوڪر ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. ۽ پوء سويڊن جي سوينسڪ لوفٽريفڪ ايئرلائينز ۾ نوڪري ڪيائين ان بعد اُتي ھڪ خاندان گھر جي عورت بئرونيس ڪرينفاڪ سان شادي ڪيائين. سڄو وقت ان سان وفادار رھندو آيو. اُن جي انتقال بعد ٻي شادي ڪيائين. 1922 ۾ ھي ھٽلر سان مليو ۽ نازي پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.

نازي پارٽي ۽ سياست

ھي ھٽلر جي تقرير ٻڌي متاثر ٿي نازي پارٽي ۾ شامل ٿيو ھو. کيس 1923ع ۾ نازي پارٽي جي نيم فوجي ونگ اشٽوما ٽائلنگ (Sturmabteilung) جو سپرہم ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. ان عھدي کي جرمن ٻوليءَ ۾ اوبيرسٽر ايس اي فيوھرر چوندا ھئا. بعد م ھي ان ونگ جو گروپن فيوھرر يعني ليفٽيننٽ جنرل مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي 1945ر تائين فائز رهيو.

ھٽلر سان گڏ

جڏھن جرمنيءَ ۾ قومي ھلچل زور ورتو، ته ھيءُ موٽي ملڪ آيو ۽ ھٽلر جو دست راست ٿي، ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ نيٺ سندس جنگي صلاحڪار بڻجي ويو. عمدين ڊريسن پھرڻ، سٺي کاڌي کائڻ، نمائشي زندگي گزارڻ سان خاص دلچسپي ھيس. ھن جرمنيءَ جي ھوائي ٻيڙي کي خاص طرح زور وٺايو. جنگي فن ۾ خاص مھارت ھيس.

ٻي جنگ عظيم

سندس حملا اھڙا رٿائتا ۽ مؤثر ھوندا ھئا، جو ٿوري وقت اندر وڏيون طاقتور فوجون، جرمن حملي جو تاب جھلي نه سگھنديون ھيون. ھزارھا ھوائي جھازن، ٽئنڪن، ھٿياربند گاڏين، موٽر سائيڪل دستن ۽ جديد ھٿيارن سان دشمن تي اچانڪ ۽ ڀرپور حملو ڪندو ھو. آسٽريليا، زيڪوسلويڪيا، بيلجم، ھالنڊ، پولينڊ ۽ فرانس تي انھيءَ طوفاني ڀرپور حملن واري طريقي سان ئي ھُن ٿوري ٿوري عرصي ۾ تسلط ڄمائي ورتو. انگريزن کي ڊنڪرڪ واريءَ شڪست ڏيڻ جو به ھن جي سِر تي سھرو ھو. جيڪڏھن ھٽلر بھترين جرمن ليڊر ثابت ٿيو ته گوئرنگ بھترين فوجي سپھ سالار ھو. گوئرنگ پنھنجي معجزي جھڙين جنگي ڪاميابين سان، جرمن فوج تي بنھ جادو ڪري ڇڏيو، ۽ ھو انڌاڌنڌ سندس پٺيان ھلندا ھئا. گوئرنگ جي جرمن لشڪر ۽ ھٿيارن جو ساريءَ دنيا تي ڌاڪو ويٺل ھو.

آخري وقت ۽ موت

ھرمان گوئرنگ 
نورمبرگ جي انصاف واري محل ۾ گوئرنگ جون نڪتل مگ شاٽ تصويرون

جنگ جي خاتمي وقت کيس اتحادي فوج گرفتار ڪيو ۽ ان تي نورمبرگ ۾ جنگي ڏوھن جو مقدمو ھلايو ويو. ھن ڏوھ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

ھرمان گوئرنگ 
نورمبرگ مقدمي دوران گوئرنگ پھرين قطار ۾ کاٻي پاسي آخر ۾ ويٺل ڏيکاريل

218 ڏينھن تي مشتمل مقدمي جي پوري ٿيڻ تي 30 سيپٽمبر 1946ع تي کيس الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. گوئرنگ اپيل ڪئي ھئي تہ کيس ڦاسي جي عيوض فوجين وانگر گولي ھڻي ماريو وڃي پر ڪورٽ ان جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ڦاسي واري رات ھن پوٽيشيم سائنائيڊ جو ڪيپسول کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.

ھرمان گوئرنگ 
گوئرنگ جو لاش

سندس لاش کي چتا ۾ ساڙيو ويو ۽ خاڪ درياء ۾ ڦٽي ڪئي وئي.

حوالا

Tags:

ھرمان گوئرنگ خاندان، تعليم ۽ نوڪريھرمان گوئرنگ پھرين جنگ عظيم بعدھرمان گوئرنگ نازي پارٽي ۽ سياستھرمان گوئرنگ ھٽلر سان گڏھرمان گوئرنگ ٻي جنگ عظيمھرمان گوئرنگ آخري وقت ۽ موتھرمان گوئرنگ حوالاھرمان گوئرنگانگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ولي عهديمن1998عبرهمي لکتقبرستانڪلهوڙا شاهي گهراڻوآزاد ڪشمير جي تعلقن جي فهرستانڊو-پاڪستاني جنگ 1965عمحرمپانڊو ۽ ڪورو1999عٺٽوپاڪستان ۾ اچ وڃ جون نشانيونهائير سيڪنڊري اسڪول راڌڻشهري علائقوايوب کوسو (شاعر)شاعريرديفانتظامياڪوموروساياز پاٽوليلبنانطبقاتي ڪشمڪشميرپورخاص ضلعوتھرانانسانيت وادعجب جي نشانيڪمرنگوگوگل ترجمومئجروآبادان شهرستانموهن جو دڙوولاديمير پيوٽن2010عڇوهه ڇنڊڻبشير احمد رندپاڪستان جو ٺھراءُسماجلياقت علي خانمريد جت1580ع25 اپريلغلام حسين شاهه بخاريڀاڳو ڀانتيمور لنگ23 شوالقومي ترانوچچ بن سيلائجپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوجي ايم سيدعوامي کاتوڪمپنيحجاحسان دانشبوسنيا ۽ ھرزگوينياسهڻي ميهارميڪسم گورڪيبلاول ڀٽو زرداريچيني رسم الخطڊفرنس فيمينزملينس ٽورويلڊستوشيبااوشوٿڙ (ٻوٽي جو)🡆 More