جعفري قبيلو: قبيلو

جعفري ھڪ بلوچ قبيلو آھي جيڪي جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۽ سکر ۾ ڪثير تعداد ۾ رھن ٿا؛ تاريخي حوالي سان سندن بزرگن کان ٻدايو وڃي ٿو تہ ھارون خان جي سربراهي ۾ لڳ ڀڳ 1760ع ۾ مير نوري نصير خان والي قلات جي دؤر حڪومت ۾ ڪڇي جي علائقي ڀاگ ناڙي ۾ رهندا هئا جتي مير نوري نصير خان والي قلات ڪجهه زمينون بہ بطور جاگير عطا ڪيون ڪافي عرصو رھڻ کانپوءِ ڪڇي جي علائقي ۾ حڪومتي ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جي يا ڪنهن خشڪسالي جي ڪري سنڌ ۾ رھڻ جو ارادو ڪيو ھي مال مويشي ڪاھيندي اچي ڪنڌڪوٽ جي ڀرسان چاڪر خان سھرياڻي جي پاڙي۾ رھيا ان وقت سندن سربراھ ھارون خان جو پٽ قيصر خان ھو ،ھارون خان ڪڇي جي علائقي ۾ ئي فوت ٿي ويو ھو ، قيصر خان جي چاڪر خان سھرياڻي سان مھري (اٺ) جي معاملي تي ڪشيدگي پيدا ٿي، چاڪر خان سھرياڻي قيصر خان جعفري جي گھرن تي رات جو حملو ڪرايو ، قيصر خان سميت جيڪي گھرن ۾ جوان مرد موجود ھئا سڀ قتل ٿي ويا گھرن ۾ ڪمسن ڇوڪرا ۽ عورتون بچا ، اتفاق سان قيصر خان جو ڀاءُ دائود خان گھر ۾ موجود نہ اھو بہ بچي ويو جڏهن دائود خان گھر موٽي آيو تہ ڏاڍو دل شڪستو ٿيو ۽ اتان لڏي اچي تنگواڻي جي ويجھو بھار نندواڻي جي ڀر ۾ ويٺو بھار نندواڻي ھن سان ڏاڍي ھمدردي ڪئي پوء بھار نندواڻي ھن کي چيو تہ تون پنهنجي قتل ڪيل مڙسن جو پلاند وٺي اچ ھتي مان تنھنجي پوري مدد ڪندس ، پوءِ جڏهن دائود خان جا ننڍا پٽ ڀاٽيا جوان ٿيا تہ سھرياڻين کان پنھنجي قتل ٿيل مڙسن جا پلاند بہ ورتائون ۽ نندواڻين سان سڱن جي ڏي وٺ ڪري پاڻ ھڪ ٻئي جا پلاند شريڪ ٿيا، ۽ بليدي سردارن جي سرداري ۾ رھڻ جي ڪري بليدي سڏجڻ لڳا ، ھن وقت بليدڪار ۾ رھندڙ جعفرين جا 11 پاڙا آھن ، 1 ھوران زئي 2 موران زئي 3 پيرلي زئي 4 عيدواڻي مٿيان چار ئي پاڙا دائود خان جي اولاد مان آهن 5 ميران زئي 6 ڪوڙاڻي 7 جمالاڻي 8ڪيھراڻي 9 صلاحدياڻي 10 ڦيرياڻي 11 لالاڻي.

ھرھڪ پاڙي کي پنھنجو مقدم بہ آهي، موجوده چيف مقدم عزيزالله خان آهي، جيڪو پيرلي زئي پاڙي سان تعلق رکي ٿو ،

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

اگادير گهوٽالوڪارٿيج2006عنمازکپرو تعلقوايرانملاکڙوپھرين مھاڀاري جنگڪراڙاحدتڪ اين اي 223جي ايم سيدبينظير ڀٽوخليفو نبي بخشاڪائونٽنگاڇو جبل3 نومبرشاھ جو رسالوموريتانيا27 سيپٽمبرعورتن جو عالمي ڏينهنمحمد بن قاسمتيونسسماجي اڀياسآئيوري ڪوسٽغزلچانهہڪتابٺلهه ڇنياسلامبزم ادبهم جنس پرستيعمر مارويزڪواتچٻروبجليعمر بن محمد دائود پوٽوگيتدُنياشعار4 آگسٽسنڌو درياھسج لٿومڊگاسڪرڪم (طبعيات)کپرو972عبرووخ اسپنوزاتنزانياپاڪستان ۾ يونيورسٽين جي فھرستجيتبرونڊيڌرتيءَ جو ڏينھنڄام نظام الدين سمودودو سومروانٽرنيٽٻين مھاڀاري جنگسر بلاولمثنويڪيپ ورڊيچانھثقافت17 جنوريگڏيل قومن جو عالمي ادارومفروضودلسوويت يونين🡆 More